Get Adobe Flash player

ويب اسٽيٽس

stats online

آنلائن صارفن جو تعداد

اسان سان گڏ 41 مہمان ۽ 0 رڪن آنلائن آهن

شيعه دوست فونٽس

ويب سائيٽ کي بهتر نموني ڏسڻ لاءِ سنڌي فونٽ ڊائون لوڊ ڪريو

حضرت امير المومنين علي عليه السلام جنگ صفين کان ورندي جڏهن ڪربلا جي سرزمين کان گذريا ته هڪ جاءِ تي بيهي ڪري پنهنجي ساٿين کي مخاطب ٿيندي چيائون

مُنَاخُ رِڪابٍ وَ مَصَارِعُ عُشَّاقٍ شُهَدَاءَ لَا يَسْبِقُهُمْ مَنْ ڪانَ قَبْلَهُمْ وَ لَا يَلْحَقُهُمْ مَنْ بَعْدَهُم

هتي سوارن جي لهڻ ۽(الله جي) عاشقن جي شهيد ٿيڻ جي جاءِ آهي اهڙا شهيد جو کائين  پهريان اچڻ وارا انهن کان اڳ نه ٿا ڪڍي سگهن۽ بعد۾ اچڻ وارا سندن رتبي کي پڄي نٿا سگهن

حديث مان معلوم ٿئي ٿو ته ڪربلا جي شهيدن جو مقام ڪنهن ٻئي کي ملڻ ممڪن ناهي ليڪن سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته آخر ڇو ؟  ڇا دنيا ۾ ڪربلا کان پهريان يا پوءِ شهيد نه هئا يا ڇا قيامت تائين ٻيا شهيد نه ٿيندا ؟ ظاهر آهي ته ائين ناهي

بس معلوم ٿيو ته ڪربلاجي شهيدن جي ذات ۽ شهادت ۾ ڪجهه اهڙيون خاصيتون هيون جو کين اهڙو رتبو مليو جو دنيا ۾ ڪنهن کي به اهڙو رتبو نه مليو

اسان جي استاد محترم حجة الاسلام والمسلمين محمد هاشم وموسوي خوئي ان سوال جي جواب ۾ ڪربلا جي شهيدن جون هيءُ ڏهه خاصيتون ٻڌايون جن صفتن جي ڪري ڪربلا جا شهيد اسلام جي ٻين شهيدن کان ممتاز ٿين ٿا اسان انهن کي ڪجهه مختصر ردو بدل سان ذڪر ڪريون ٿا.

 

1_ اخلاص في سبيل الله

يعني ڪربلا جا شهيد اخلاص جي نهايت ئي اعلى درجي تي فائز هئا سندن شهادت ۽ وقت جي امام جي حمايت ڪرڻ فقط الله تعالى  محبت ۽خلوص خاطر هئو ورنه ڪير آهي جيڪو اهونه سمجهي ته  ڪربلا جي جنگ ۾ ڪوبه دنياوي فائدو نه هئو نه مال،حڪومت ملڻ جو انديشو هئو۽ نه ئي وري ظاهري طور جنگ کٽڻ  جو امڪان جو نالو ٿئي ته جنگ کٽي آيا هر ڪو خوب پيو ڄاڻي ته جيڪو حسين عليه السلام جو ساٿ ڏيندو يقينا شهيد ٿي ويندو،هن جنگ ۾ ڪوبه نه بچندو ان جي باوجود ڪربلا جي شهيدن آخرت کي دنيا۽موت کي زندگيءَ تي ترجيح ڏني پنهنجي جان الله جي راهه ۾ ۽پنهنجي وقت جي امام مٿان قربان ڪري ڇڏي ڇو؟؟؟؟ 

فقط خداوند متعال جي مٿان حقيقي ايمان اخلاص جي ڪري

2_ايثار۽ قربانيءَ جي اعلى جذبي سان سرشار هئا

ڪربلا جا شهيد ڪربلا جي رڻ پٽ پهچڻ تائين پنهنجي ايثار ۽ قربانيءَ  جواعلى نمونو ڏيکاري چڪا هئا جو پنهنجي جان ،مال،اولاد ،وطن کي ڇڏي ڏنائون ليڪن پنهنجي امام جو ساٿ نه ڇڏيائون ليڪن ڪربلا جي ۾ ميدان ۾ پنهنجي جان کي به امام حسين عليه السلام مٿان قربان ڪري ايثار ۽ قربانيءَ جو مثال قائم ڪري ڇڏيائون

3_ وحدت۽ صميميت ۽ همدلي

ڪيترائي لشڪر جيڪي جنگيون ڪن ٿا ۽ ڪامياب ٿين ٿا ليڪن سندن اندر اتحاد وحدت ۽ صميميت  جي ڪمي هوندي آهي جنگ  احد ۽ جنگ صفين جي فتح نه ٿيڻ جو هڪ مکيه ڪرڻ پڻ اهو هئو،ليڪن ڪربلا ۾ امام حسين عليه السلام جي لشڪر ۾ جيتوڻيڪ سندن تعداد گهٽ هئو ليڪن سندن اندر اتحاد ۽همدلي اعلى درجي تائين پهتل هئي

4_ پنهنجي امام سان عشق جي انتها تائين محبت ڪندڙ هئا

ڪربلا جي شهيدن جي ممتاز خاصيتن مان هڪ اهو به آهي ته هو پنهنجي سرواڻ سان فقط سرواڻ سمجهي نه گڏيا هئا ۽ ساڻس گڏ هجڻ تي مجبور به نه هئا بلڪه کيس چاهيندا هئا ۽سندن چاهت عشق جي آخري منزل تائين پهچي چڪي هئي هن مثال تي غور ڪريو

سعيد بن عبدالله  جڏهن عاشورا جي ڏينهن ظهر جو وقت ٿيو ته امام ع کي عرض ڪيائين مولا نماز جو وقت اچي چڪو آهي ڇا اوهان جماعت نماز ادا نه ڪندا؟ ته امام ع کيس دعا ڏيندي فرمايو الله سائين توکي قيامت جي ڏينهن نمازين مان ڪري اٿاري ،جڏهن نماز لاءِ صف تيار ٿي ته سعيد امام جي حفاظت لاءِ سندن اڳيان بيهي رهيو ته اگر ڪو تير جا نيزو اچي ته مونکي لڳي منهنجو امام ان کان محفوظ رهي ،تاريخ لکي ٿي جو امام جي نماز تمام ڪرڻ سان ئي سعيد زخمن کي نه سهندي ڪري ٿو ۽شهيد ٿي وڃي ٿو. هڪ لمحو فڪر ڪجي ته سعيد جو اهو قدم فقط عشق  حسينيءَ خاطر هئو جو پنهنجي جان کي پنهنجي امام مٿان قربان ڪري ڇڏيائين

اهڙي طرح ڪربلا جو هر شهيد عاشورا جي ڏينهن ان ڪوشش ۾ هئو ٻين کان اڳي پنهنجي امام تي جان قربان ڪريان مٿان مهل ٽري وڃي ۽موقعو نه ملي

5_ هنن جي جنگ انهن منافقن سان هئي جيڪي ظاهري مسلمان هئا

رسول الله صلى الله عليه وآله وسلم جي جنگ ڪافرن سان هئي مشرڪن سان هئي جيڪا حق ۽باطل جي واضح جنگ هئي .مولا علي عليه السلام وقت جا خليفا هئا عاقل جي لاءِ اهو سمجهڻ پري نه هئو ته  معاويو فقط حڪومت لاءِ پيو وڙهي ۽ناحق تي آهي،ليڪن امام حسين عليه السلام جي مقابلي ۾ اهڙا مسلمان هئا جي يزيد اسلام۽ نبي ص جو وارث ۽ امام حسين عليه السلام کي باغي پيا  چون لهذا اهڙن ماڻهن سان جهاد ڪرڻ تمام ڏکيو ۽ سخت مرحلو هئو جيڪو ڪربلا جي شهيدن پار ڪيو ۽ انهي سخت حالت ۾ به حق کي سڃاڻي ان جي حمايت ڪيائون.

6_امام جي هر فرمان تي اعلى درجي جي اطاعت جو مظاهرو ڪيائون

ڪربلا جي شهيدن هن جنهن عظيم ڊسيپلن جو مظاهرو ڪيو ان جو تاريخ ۾ مثال نه ٿو ملي هزارن جي تعداد ۾ دشمن جي فوج ڏسي به سندن قدم .نه لڙکڙايا ۽ امام جي ڪنهن به آڊر تر ذري برابر به چون وچرا ڪرڻ بغير ان تي عمل ٿي ڪيائون جنهن جو هڪ عظيم مثال اها ظهر واري نماز آهي جوتلوارن جي سايي ۾ به نماز ادا ڪيائون ليڪن امام تي اعتراض نه ڪيائون جيتوڻيڪ امام جا ڪيترائي ساٿي ان نماز دوران شهيد ٿي ويا

7_ڪربلا وارن  جي مقابلي ۾ آيل ماڻهو نه فقط حقيقي مسلمان نه هئا بلڪه حقيقي انسان به نه هئا

       يزيدي لشڪر پنهنجي حيوانيت ۾ درندگي خباثت ۽پليتيء جون سڀ حدون اورانگهي ڇڏيون ايستائين جو نه فقط هڪ جي مقابلي ۾ لشڪر ٿي آيو پر شهيدن تي سن شهادت کان پوءِ به رحم به ڪيو ويو ايستائين جو سندن جسم تان ڦاٽل لباس به لاٿائون ته شهيدن جي جسمن گهوڙا به  ڊوڙا يائون ۽ سندن لاشن کي پائمال ڪيائون مسلمان عورتن کي اسير ڪري شام ۽ڪوفي جي بازارن ۾ آندائون جا حيوانيت جي انتها هئي.

8_ ڪربلا وارن پنجتن پاڪ مان پنجين يعني امام حسين جي مدد ڪئي

        ڪربلا وارن پنجتن پاڪ مان پنجين يعني امام حسين جي مدد ڪئي جيڪو آل رسول هئو، ذوالقربى جو اعلى ترين مصداق هئو،اهلبيت رسول ۾ سڀني کان نمايان هئو۽چادر ۾ رسول الله سان گڏ ٿيندڙ مان اهو آخري  فرد هئو جيڪو تا حيات هئو ،جڏهن اصحاب حسين عليهم السلام امام حسين عليه السلام جي حمايت ۽مدد ڪئي ڄڻ خود رسول الله ص جي مدد ڪئي ،علي مرتضى ع جي مدد ڪئي فاطمة الزهراءِ س جي مدد ڪئي  حسن مجتبى جي مدد ڪئي

 

9_ الله جي راهه ۾ ڪسجڻ کي سعادت تي سمجهائون ۽ ظالم سان زندگيءَ کي  ذلت تي سمجهائون

انّي لا ارى الموت السعادة” ،هيهات منّى الذلة جهڙا نعرا ڪربلا وارن هڻي ڪري ٻڌايو ته ذلت جي زندگيءَ کان عزت جو موت بهتر آهي، اسان مرڻ ته گوارا ڪنداسين پر ظالم اڳيان جهڪڻ هرگز برداشت نه ڪنداسين ،هنن  پنهنجي جان جو نظرانو پيش ڪري انسانيت کي ٻڌايو اسان الله جي راهه ۾ ڪسجڻ کي سعادت ٿا سمجهون ۽ هزار دفعا ان موت کي يزيد جهڙي ظالم سان گڏ زندگي ڪرڻ تي ترجيح ٿا ڏيون

10_اهڙي وقت ۾ اسلام لاءِ جان قربان ڪيائون جڏهن اسلام جو خشڪ ٿيندڙ وڻ اخلاص ۽ايمان ڀري قربانيءَ جو نياز مند هئو

هرشيءِ جي اهميت ۽ قيمت ان جي موقعي ۽ مهل کي ڏسي لڳائبي آهي الله جي راهه ۾ غربت ۽ پيسي جي اڻ هوند ۾ ڏنل اهو هڪ روپيو هزار دفعا انهن سئو روپين کان وڌيڪ اهميت رکي ٿو جيڪي خوشحاليءَ ۽ پيسي جي فراوانيءَ ۾ ڏنا وڃن. بلڪل اهڙي طرح ڪربلا جي شهيدن اسلام کي بچائڻ خاطر اهڙي وقت ۾ پنهنجي جان جي قرباني ڏني جڏهن اسلام جي سلامتيءَ کي خطرو هئو  هنن شهيد ن جي قربانيءَ جي ڪري اسلام  بچي ويو ۽هر قسم جي انحراف کان قيامت تائين محفوظ ٿي ويو

اسلام ٿورائتو آهي انهن شهيدن جو جن اسلام جي وجود کي لاحق خطرن کي دفع ڪندي اسلام جو دفاع ڪيو ۽ ان کي مضبوط ڪيو

السلام عليڪ يا ابا عبدالله و على الارواح التي حلت بفنائک