Get Adobe Flash player

معصومن عليهم السلامجي سيرت ۾ ڪيتريون ئي اهڙيون روايتون سيد الشهداءِ امام حسين عليهالسلام جي مٿان گريي ۽ عزاداريءَ جيان عظيم سنّت کي بيان ڪن ٿيون جيڪا سنت سالن جا سال ۽ هر دور ۽ زماني ۾ سندن وچ ۾ باقي رهي آهي ۽ اهلبيت عليهم السلام ائين هن سنت کي برپا ڪندا ائيندا هئا جئين دين جو ڪو عظيم فريضو انجام ڏنو ويندو آهي،تاريخ جي دامن ۾ جڏهن نگاهه وجهون ٿا ته ڪيترائي اهڙا واقعا ملن ٿا جن مان هن سنت جي عظمت ۽ اهميت جي باري ۾ اندازو ٿئي ٿو اسان هن مختصر مقالي ۾ فقط ڪجهه اهڙن واقعن کي روايات جي روشنيءَ ۾ بيان ڪنداسين ته جيئن حسينت جي دفاع ڪرڻ وارن ۾ پنهنجو نالو لکرائي سگهون.

1) اها حرارت جيڪا هر گز ٿڌي نٿي ٿئي

امام صادق عليه السلام فرمايو: هڪڙي ڏينهن امام حسين عليه السلام رسول اڪرم صلي الله عليه وآله جي محضر ۾ شرفياب ٿيا ، پاڻ سڳورن صلي الله عليه وآله انهن جي طرف ڏٺو ۽ انهن کي پنهنجي مبارڪ گوڏن تي ويهاري فرمايو: ” ان لقتل الحسين حرارة في قلوب المؤمنين لا تبرد ابدا“؛ بيشڪ امام حسين عليه السلام جي قتل ٿي وڃڻ جي ڪري مومنن جي دلين ۾ هڪ حرارت آهي جيڪا هر گز ٿڌي نٿي ٿئي. پوءِ فرمايو : هر ڳوڙهي جي ڪُٺل تي منهنجو والد قربان وڃي. امام عليه السلام کي عرض ڪيو ويو: هر ڳوڙهي جي ڪُٺل جو مطلب ڇا آهي؟امام عليه السلام فرمايو: ڪوئي به مومن انهن کي ياد ڪري ته روئي پوي (1)

 

 

2)احتضار جي حالت ۾ پيغمبر(ص) جو روئڻ؛

ابن عباس کان نقل ٿيو آهي: جڏهن پيغمبر جي بيماري وڌي وئي ته حسينعليه السلام کي پنهنجي سيني مبارڪ سان لاتو ۽ آنحضرت جو پسينو، رحلت جي وقت انهن مٿان وهي رهيو هو ۽ فرمائن پيا: يزيد کي مون سان ڪهڙو ڪم آهي؟ خدا ان کي مبارڪ قرار نه ڏي ، اي خدا يزيد تي لعنت ڪر، ان وقت پاڻ سڳورن مٿان بيهوشي تاري ٿي وئي ۽ انهيءَ حالت ۾ ليٽي پيا، جڏهن ٻيهر هوش ۾ آيا ته حسين عليه السلام کي پنهنجي سيني سان لاتو جڏهن ته پاڻ سڳورن جي ٻنهي اکين مان نيرن جا موتي جاري هئا ۽ فرمائي رهيا هئا: جيتوڻيڪ مان ۽ تنهنجو قاتل خدا وند عزوجل وٽ هڪٻئي سان پهچندا سين (2)

 

3) سيد الشهداء جي اُڃ ۽ امير المومنينعليه السلام جوروئڻ

عبد الله ابن قيس چوي ٿو: جڏهن جنگ صفين ۾ معاويي جي طرفدارن فُرات تي قبضو ڪيو ته ابو ايوب اعور دُشمن جي لشڪر جو ڪمانڊر هو، ۽ معاويي جي سپاهين کي عليءَ جي سپاهين کان پاڻيءَ تائين پهچڻ کان دور ڪرڻ لاءِ ڀڙڪائي رهيو هو ، ڪجھ سپاهي مولا عليءَ وٽ آيا ۽ اُڃ جي شدت جي شڪايت ڪئي امامعليه السلاملشڪر جي ڪجھ سپاهين کي ابو ايوب جي سرڪوبيءَ لاءِ موڪليو، هو ويا پر شڪست کائي واپس ٿيا . مولا عليءَ جي دل ڏکي ان وقت امام حسين عليه السلام عرض ڪيو : جيڪڏهن توهان حڪم ڪريو ته مان وڃي ڪري ابو ايوب جي قبضي مان پاڻي ڇڏائي اچان.

علي عليه السلام اجازت ڏني، امام حسين عليه السلام ڪجھ سپاهين سان گڏجي ابو ايوب جي طرف ويو ۽ حملو ڪري ان جي مٿان سوڀارو ٿيو ۽ پاڻ کي پاڻيءَ تائين پهچائي واپس ٿيو.

حضرت علي عليه السلام امام حسين عليه السلام کي ڏسي ڪري روئي پيو، حاضرين چيو: اها پهرين سوڀَ ۽ فتح حسين جي هٿان ٿي آهي روئو ڇوٿا؟امام عليه السلام فرمايو: ” ذكرت انه سيقتل عطشاناً بطف كربلا حتي ينفر فرسه و يحممم و يقول الظليمة الظليمة لامة قتلت ابن بنت نبيها“؛(3)

ان وقت کي ياد ڪيم جڏهن حسين ڪربلا ۾ درياءَ جي ڪناري تي پياسن لبن سان قتل ڪيو ويندو ۽ سندس گھوڙو دانھ ڪري چوندو: افسوس ان ظلم تي جيڪو هن امت جي طرفان ٿيو جو پنهنجي پيغمبر صلي الله عليه وآله جي نياڻيءَ جي فرزند کي قتل ڪري ڇڏيو.

 

4) امام صادق عليه السلام جو روئڻ

روايت ۾ آهي ته امام صادق عليه السلام وٽ، امام حسين جو نالو کنيو ويو، امام ڏاڍو رُنا، حاضرين به رُنا پوءِ امام سر مٿي ڪري فرمايو: حسين عليه السلام فرمايو آهي ته ” مان ڳوڙهن جو ڪُٺل آهيان، ڪوبه مومن مونکي ياد نه ٿو ڪري مگر ان جي ته هو روئي پوي ٿو(4)

 

5) امام صادق عليه السلام جي گھر ۾ مجلس عزاء

نقل ٿيو آهي ته سيد حميري امام صادق جي محضر ۾ آيو ، امام صادقعليه السلام حڪم ڪيو ته سندس اهلبيت پردي جي پويان ويهن ۽ سيد جو مرثيو ٻڌي گريو ڪن پوءِ سيد کي چيو : مرثيو پڙھ ، سيد هي اشعار پڙهيا.

امرر على جدث الحسين فقل لا عظمه الزكيةيا اعظما لا زلت من وطفاءِ ساكبة روية

و اذا مررت بقبره فاطل به وقف المطيةوابك المطهر للمطهر والمطهرة النقية كبكاءِ معولة اتت يوما لواحدها المنية.

اي گذرڻ وارا ! امام حسين بن علي جي قبر تان گذر ڪر ۽ سندن محبن ۽ عاشقن جو پيغام کين پهچاءِ ، اي گذرڻ وارا ! حسين جي محبن ۽ چاهڻ وارن جو پيغام سندس پاڪ ۽ مقدس جسم مبارڪ تائين پهچائي چئو: توهان هميشه حسين بن علي جي محبن جي اکين جي ڳوڙهن سان ٽمٽار آهيو، ڳوڙها ڳڙهن ٿا ۽ توهان کي سيراب ۽ ٽمٽار ڪن ٿا. جيڪڏهن توهان کي هڪ ڏينهن پاڻيءَ کان روڪيائون، ۽ حسين جي سر کي پياسي لبن سان ڪٺئون ته شيعا هميشه پنهنجا نير توهان مٿان قربان ڪن ٿا.اي گذرڻ وارا! جيڪڏهن حسين جي مزار کان گذرئين ته فقط پيغام پهچائڻ کي ڪافي نه سمجهه بلڪه ان جي قبر جي پاسي ۾ ترسُ، پنهنجي سواريءَ کي جھلي ڪري اتي حسين جي مصائب کي ياد ڪري نيرون وهاءِ هڪ عادي ماڻهوءَ وانگر نه بلڪه ان عورت وانگر جنهن کي فقط هڪ ٻار هجي ۽ ان کي وڃائي ويٺي هجي، اهڙي قسم جي عورت ڪهڙي نموني پنهنجي ٻار تي روئي ٿي تون به امام حسين عليه السلام، ان پاڪ ۽ پاڪ والدين جي فرزند لاءِ ان عورت وانگر ڳوڙها ڳاڙھ.”

امام صادق عليه السلام جا ڳوڙها سندس مبارڪ چهري تي جاري ٿيا ۽ عورتن جي رڙين ۽ روئڻ جو آواز پردي جي پويان بلند ٿيو. امام سيد کي چيو: پڙهڻ بس ڪر(6)

6) محرم جومهينو۽ امام حضرت امام رضا عليه السلام
حضرت امام رضا عليه السلامفرمايو:
محرم اهڙو مهينو آهي جنهن ۾ جاهليت جي زماني _ اسلام کان پهرئين دور _ جا ماڻهو جنگ ڪرڻ حرام سمجھندا هئا ، پر اسانجو خون _ بني اميه جي ڪارندن جي وسيلي _ حلال شمار ڪيو ويو ۽ اسانجي حرمت جي حدن کي ٽوڙيو ويو ،اسانجي ذريت ۽ مستورات کي اسير بڻايو ويو، اسان جي خيمن کي باھ لڳائي وئي، اسان جو مال لُٽيو ويو ۽ اسان جي حق جي پائيماليءَ ۾ رسول صلي الله عليه وآله جي حرمت جو خيال نه ڪيو ويو.
بني اميه وارن اسان جي (اکين مان)ڳوڙهن کي جاري ڪرايو ۽ اسان جي عزيز کي ڪربلا جي ميدان ۾ درپدر ڪيو ويو ۽ اسان لاءِ قيامت تائين مصيبت جي امتحان کي ميراث ۾ ڇڏيو ويو..
” فعلى مثل الحسين فليبك الباكون ، فان البكاءَ عليه يحط الذنوب العظام“
بس حسين جهڙي تي روئڻ وارا روئن، انهن مٿان روئڻ وڏن وڏن گناهن کي مٽائي ڇڏي ٿو.
امام رضا عليه السلام اڳتي فرمايو: جڏهن محرم جو مهينو ايندو هو، منهنجو ڏاڏو امام صادق عليه السلام ڪڏهن به کلڻ جي حالت ۾ نه ڏٺو ويندو هو، هميشه غمگين هوندو هو ايستائين جو ان جا ڏھ ڏينهن گذري وڃن. جڏهن عاشورا جو ڏينهن ٿيندو هو، ته اهو ڏينهن سندن غم جي شدّت، ،مصيبت ۽ روئڻ جو ڏينهن هو۽ فرمائيندا هُئا: هيءُ اُهو ڏينهن آهي جنهن ڏينهن حضرت امام حسين عليه السلام کي قتل ڪيو ويو(8)

7) محرم جا ڏينهن ۽ امام رضا عليه السلام جي عزاداريءَ
روايت ۾ آهي ته دِعبِل خُزائي چيو: محرم جي ڏينهن ۾ _ خراسان ۾ _ امام رضا عليه السلام جي خدمت ۾ ويم، ڏٺم ته حضرت ڏاڍا غمگين ويٺا آهي ۽ سندن حضور ۾ ڪجهه اصحاب به ويٺا هئا ، جڏهن مونکي ڏٺائون ته فرمايائون: ” مرحبا بك يا دعبل ، مرحبا بناصرنا بيده و لسانه“ ڀلي ڪري آئين اي دعبل، ڀلي ڪري آئين اسان جي هٿ ۽ زبان ذريعي مدد ڪندڙ . ڇو ته هي ڏينهن، اسان اهلبيت جي غم۽ اندوھ جا ڏينهن آهن. ۽ اسان جي دشمنن جي خوشيءَ جا ڏينهن آهن خصوصاَ بني اميه لاءِ. اي دعبل جيڪو اسان جي مصائب تي روئي، ۽ ٻين کي روئاري توڻي جو هڪ ماڻهو ئي ڇو نه هجي ان جي جزا خدا تي آهي. اي دعبل! جنهن جون اکيون اسان ۽ اسان جي مصائب لاءِ ڳوڙها ڳاڙهين،ان مصيبت تي جيڪا دشمنن جي طرفان اسان کي پهتي آهي،خداتعالى قيامت ۾ ان کي اسان سان ۽ اسان جي صف ۾ محشور ڪري.
اي دعبل جيڪو منهنجي ڏاڏي حسين عليه السلام لاءِ روئي، خداوند ان جا گناھ معاف ڪري ، پوءِ امام عليه السلام اٿي ڪري پردو ٽنگيو ۽ سندس اهلبيت پردي جي پويان ويٺا تاڪه سيد الشهداءَ لاءِ روئن ان وقت مونکي چيائون : اي دعبل حسين لاءِ مرثيو پڙھ، تون جيستائين زنده آهين ، اسان جو مدّاح ۽ مددگار هوندين، جيستائين ٿي سگھئي ته اسان جي مدد ڪرڻ کان نه ڪيٻاءِ .
دعبل چوي ٿو: امام جي ان گفتگوءَ سان منهنجا ڳوڙها ڳڙهي پيا ۽ ڪجھ مقدار روئي ڪري هي اشعار پڙهيم:
أفاطم لو خلت الحــسين مجدلا وقد مات عطشانا بشط الفرات
إذا لطمت الخــد فاطم عـنده و اجريت دمع العصن في الوجنات
أفاطم قومي يا ابنة الخير و اندبي نجوم سماوات بارض فلات.

اي فاطمه عليها السلام !، جيڪڏهن گمان ڪرين ها ته تنهنجو حسين (ع) زمين تي ڪري پيو آهي، ۽ پياسي لبن سان نهرِ فرات جي ڪناري تي شهيد ٿي ويو آهي ته پنهنجو منھ پٽين ها ۽ ڳوڙها ڳاڙهين ها. اي فاطمه عليها السلام اي بهترين انسان جي نياڻي اُٿي ۽ آسماني ستارن لاءِ جيڪي وسيع بيابان ۾ ڪري پيا آهن ماتم ڪر....

8)_ امام زمانه (عج) جي عزاداري ۽ امام حسين عليه السلام تي روئڻ
علامه مجلسي رحمةالله عليه هڪ مفصل زيارت جي ضمن ۾ جيڪا ظاهراَ امام زمانه جي طرفان صادر ٿي آهي هينئن نقل ڪيو آهي:
” واقيمت لك المآتم في اعلا عليين ولطمت عليك الحور العين، و بكت السماءُ وسكانها والجنان وخزانها و الهضاب و اقطارها، والبحارو حيتانها، والجنان وولدانها، والبيت والمقام والمشعر الحرام والحل والحرام“ (9).
تنهنجي لاءِ اعلى عليين _عالم ملڪوت_ ۾ ماتم جون مجلسون ٿيون، جنتي حُورن تنهنجي غم ۽ عزاء ۾پنهنجو منھن مٿو پٽيو ۽ آسمان۽ ان جي رهڻ وارن، بهشت ۽ ان جي محافطن، جبلن۽ ان جي دامن، درياء ۽ انجي مڇين، بهشتي باغن ۽ ان جي نوجوانن ، خانه ڪعبه ۽ مقام ابراهيم ، مشعر الحرام ۽ حرم خانه خدا ۽ ان جا طرف؛ سڀئي تنهنجي ماتم ۾ رُنا. ۽ زيارت ناحيه مقدسه ۾ هن نموني آيو آهي ته:
” فلئن أخرتني الدهور وعاقني عن نصرك المقدور ولم اكن كمن حاربك محرباً ولمن نصب لك العداوة مناصبا فلاندبنك صباحاومساءً ولابكين لك بدل الدموع دماً، حسرةعليك وتاسفا علي ما دهاك و تلهفا حتي اموت بلوعة المصاب وغصةالاكتياب“؛(10)
جيڪڏهن زماني مونکي پوئتي ڪيو ۽ تقدير مونکي تنهنجي مدد کان روڪيو، ۽ نه هيم جو انهن سان وڙهان جيڪي توسان وڙهيا، ۽ جن توسان دشمني ڪئي ۽ جنگ لاءِ اٿان ، هينئر هر صبح ۽ شام توکي پڪاريان ٿو۽ ڳوڙهن جي بدلي ۾ توتي خون روئان ٿو، ان حسرت تي ۽ انهن غمن ۽ مصيبتن تي جيڪي توتي آيون، ايسيتائين جو انهن جان کي ختم ڪندڙ مصيبتن جي اثر ۾ ۽ جان کي ختم ڪندڙ غم ۽ گھڻي غصي جي ڪري مري وڃان.

حوالا(1) مستدرڪ الوسائل، ج10،ص318،ب49،ح13.
(2) نفس المهموم، ح 37، انهن حديثن منجھان جيڪي امام حسين تي روئڻ جي ثواب جي باري ۾ آهن.
(3)عوالم العلوم، ج17، ص149، ح10؛ بحار النوار، ج44، ص266،ح23.
) بحار الانوار، ج44،ص188.4)
(5) بحار الانوار، ج44،ص188.
(7) منتهي الآمال، ج1، باب پنجون، فصل يارهون.
(8) امالي، شيخ صدوق قُدس سرُّه مجلس 27 ۽ بحار الانوار،ج44، ص 284و279.
(9) بحار الانوار، ج44،ص188.
(10) بحار الانوار، ج101، 323