Get Adobe Flash player

جيڪڏهن مديني کان مڪي جي طرف سفر ڪيو وڃي ته 500 ڪيلو ميٽر کان وڌيڪ پنڌ آهي 270 ڪيلو ميٽر طي ڪرڻ کان بعد هڪ اهڙو علائقو اچي ٿو جنهن جو نالو رابغ آهي رابغ جحفه جي ويجھو هڪ شهر آهي ۽ جحفه حج جي پنج ميقاتن مان هڪ ميقات آهي اهڙي جڳه آهي جتي ملڪ شام مان ايندڙ ۽ جيڪي جدي کان مڪي جي طرف و ڃڻ وارا اتي احرام ٻڌن ٿا .

  


جحفه جو فاصلو مڪي کان تقريبا 250 ڪلو ميٽر آهي ۽ رابغ تائين 25 ڪيلو ميٽر آهي اتي غديري هيو
حجرت جو ڏهون سال هيو ۽ اسلام سڄي جزيره العرب ۾ پکڙيل هيو عرب جي سڀني قبيلن تازو آئين اسلام قبول ڪيو هي
رسول ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم حج تا مدينه جي طرف موٽي رهيا هئا ( اهو رسول پاڪ جو آخري حج هيو ) ته انهي سرزمين رابغ تي پهتا ته جڏهن مقام خم غدير آيو ته جبرئيل امين وحي کڻي نازل ٿيا
” اي رسول اسان جيڪو ڪجھ الله تعالى جي طرفان نازل ڪيو آهي اهو ماڻهن تائين پنهچاء جيڪڏهن هن ڪم کي انجام نه ڏنئي ته ڄڻ رسالت جو ڪو ڪم انجام نه ڏنائين ۽ الله توهان کي ماڻهن کان امان ۾ رکندو بتحقيق خداوند ڪريم ڪافر قوم کي هدايت نه ٿو ڪري “

هن وحي الاهي جي نازل ٿيڻ سان پيغمبر سڀني حاجين کي غدير خم جي ميدان تي گڏ ڪري هڪ عظيم اجتماع برپا ڪيو
سڀ کان پهريان هڪ طويل خطبو ( جنهن ۾ خدا جي حمد ثناء ۽ وعظ ، نصيحت ڪيائين ) ڏنائين ان کان بعد فرمايائين :
من ڪنت مولاه فهذا علي مولاه
” جنهنجو جنهنجو مان مولا آهيا انهي جو علي ع مولا آهي “
هن جملي کي ٽي مرتبه تڪرار ڪيائين
هي حديث شريف اهل تشيع ۽ اهل سنت جي بزرگ مورخين نقل ڪيو آهي
جيڪڏهن ڪنهن مورخ ڪو مخصوص ڪتاب لکيو اهي ته سڀ کان پهريان حضرت عمر ، ابوبڪر ۽ عثمان کي حديث غدير جو راوي شمار ڪيو اهي ۽ انهن کي نالن سان لکيو آهي
گهٽ ۾ گهٽ تقريبا سٺ ڄڻن علمائن ، محدثين ( فقط حديث نقل ڪرڻ وارا ) تاريخ نگارن نقل ڪيو آهي ته اعلان غدير کان بعد ابو بڪر ۽ عمر هن جملي ” بخ بخ لک ياعلي “ ياڪلمه ” اصبحت و امسيت مولي ڪل مومن و ...“ سان حضرت علي عليه السلام کي مبارڪ باد ڏنائون .
جنھن به غدير خم جي قصي ۽ حديث” من ڪنت مولاه “ کي بيان ڪيو آهي ابو بڪر جو نالو حديث نقل ڪرڻ وارن ۾ آندو آهي انهن مان ڪجھ هي آهن
( 1 ) حافظ بن عقده ( متوفي 333 ھ ق ) ڪتاب حديث الولايه ۾ جنهن ۾ 105 ڄڻن اصحابن منجھان جن حديث غدير کي نقل ڪيو نالي سان بيان ڪيو آهي ۽ 18 ڄڻا بغير نالي جي ذڪر ڪيا آهن سڀ کان پهرين جنهن جو نالو راوين ۾ لکيو اٿس ابوبڪر آهي
( 2 ) شمس الدين جزري شافعي در اسني المطالب جلد سوم
( 3 ) علامه ابن مغازلي شافعي ( فقيه شافعي هيو ) لکي ٿو 100 ڄڻن نقل ڪيو آهي انهن منهجان عشره مبشره ، حضرت ابوبڪر ، عمر ، عثمان ، طلحه ، زبير ... حديث ثابت آهي ڪنهن اعتبار کان به ضعيف نه آهي
( 4 ) هن حديث کي احمد بن حنبل چاليھ سندن سان نقل ڪيو آهي ۽ ابوبڪر جعابي 125 سند سان هن روايت کي نقل ڪيو آهي