Get Adobe Flash player

ويب اسٽيٽس

stats online

آنلائن صارفن جو تعداد

اسان سان گڏ 119 مہمان ۽ 0 رڪن آنلائن آهن

شيعه دوست فونٽس

ويب سائيٽ کي بهتر نموني ڏسڻ لاءِ سنڌي فونٽ ڊائون لوڊ ڪريو

18 ذي الحج جي تاريخ جنهن تي حضرت رسول خدا صلى الله عليه وآله وسلم جن پنهنجي زندگي جي آخري حج تان موٽندي غديرجي وسيع وعريض ميدان تي هڪ لک چوويھ هزار حاجين جي مجمعي ۾ حضرت علي عليه السلام جن جي ولايت ۽خلافت جو اعلان فرمايائون ان جي ڪري ان ڏينهن جي تمام وڏي اهميت بيان ڪئي وئي آهي ۽ اهل بيت عليهم السلام جي شيعن جي لاءِ هن ڏهاڙي کي سڀني کان وڏي عيد سان تعبير ڪيو ويو آهي ۽ ان برڪت ڀرئي ڏينهن جي لاءِ ڪجھ آداب ٻڌايا ويا آهن جن کي هيٺ ذڪر ڪجي ٿو
1_الله تعا لى جي تعريف ڪرڻ
حضرت رسول خدا صلى الله عليه وآله وسلم جن فرمائن ٿا:هن ڏهاڙي جي سنتن مان هڪ سنت اها آهي ته مومن هڪ سئو دفعا چئي الحمد لله الذي جعل کمال دينه وتمام نعمته بولايت امير المومنين علي بن ابي طالب يعني : سڀ تعريفون ان الله جي لاءِ جنهن اميرالمومنين علي بن ابي طالب جي ولايت جي ذريعي پنهنجي دين کي مڪمل ۽ پنهنجين نعمتن کي پورو ڪيائين ( بحار الانوار علامه محمد باقر مجلسي ج 98 ص321)

2_ هڪ ٻئي کي مبارڪباد چوڻ
امام رضا عليه السلام جن فرمائن ٿا غدير جو ڏينهن مبارڪباد چوڻ جو ڏينهن آهي هڪ ٻئي کي مبارڪباد چوڻ گھرجي ان جي ڪري ڪو مومن پنهنجي ٻئي مومن ڀاءُ سان ملاقات ڪري ته هن کي هن ريت مبارڪباد ڏئي : سڀ تعريفون ان خدا جي لاءِ جنهن اسان کي انهن ( مومن ) انسانن مان قرار ڏنو اٿس جن امير المومنين علي بن ابي طالب ۽( ٻين يارنهن ) معصوم امامن جي ولايت جو دامن جھليو اٿن (اقبال الاعمال سيد ابن طائوس ج2 ص261)
3_هڪ ٻئي سان مصافحو ڪرڻ
امير المومنين حضرت علي عليه السلام جن فرمائن ٿا : عيد غدير جي ڏينهن هڪ ٻئي سان ملاقات ڪرڻ وقت هڪٻئي کي سلام ڪري مصافحو ڪيو ( هڪٻئي سان هٿ ملايو (وسائل الشيعه حر عاملي ج10 ص445
4_ مسڪراهٽ ۽ خوشيءَ جو اظهار ڪرڻ
حضرت امام علي رضا عليه السلام جن فرمائن ٿا : غدير جو ڏينهن مومنن جي چهري تي مسڪراهٽ جو ڏينهن آهي جيڪو به ماڻهو غدير واري ڏينهن ڪنهن مومن جي چهري کي ڏسي مسڪرائي ته الله تعالى قيامت واري ڏينهن ان ڏانهن رحمت واري نگاه سان نظر ڪندو ۽ ان جي هزار نعمتن کي پورو ڪندو ۽ بهشت ۾ سفيد موتي جو محل ان لاءِ ٺاهيندو ۽ ان جي صورت کي حسين ڪندو ( اقبال الاعمال ج 2 ص 261)
5_پنهنجي پاڻ کي سينگارڻ
حضرت امام رضا عليه السلام جن فرمائن ٿا : جيڪو به شخص غدير واري ڏيهن سينگار ڪري ته الله تعالى ان جا ننڍا توڙي وڏا گناه معاف ڪري ڇڏيندو ۽ فرشتن کي ان ڏانهن موڪليندو جيڪي ان جي لاءِ نيڪين کي لکندا ۽ ايندڙ سال تائين ان جي درجات کي وڌائيندا رهندا ۽ اگر مري وڃي ته شهيد ٿي مرندو ۽ اگر زنده هوندو ته سعادت سان زندگي گذاريندو ( اقبال الاعمال ج 2 ص 262 )
6_ طعام کارائڻ
حضرت امام رضا عليه السلام جن فرمائن ٿا : جيڪو به شخص غدير جي ڏينهن ڪنهن مومن کي طعام کارائي ته ان جهڙوڪ سڀني نبيين ۽ صديقين کي طعام کارايو ( اقبال الاعمال ج 2 ص262 )
7_ مال ۽ ملڪيت ۾ برڪت
حضرت امام رضا عليه السلام جن فرمائن ٿا : غدير وارو ڏينهن اهو آهي جنهن ۾ الله تعالى ان شخص جي مال ۽ ملڪيت کي وڌائيندو جيڪو ان ۾ عبادت ڪري ۽ پنهنجي ڪٽنب ۽ برادران ايماني جي روزي ۾ واڌاري جو سبب ٿئي ( اقبال الاعمال ج 2 ص 261)
8_ روزو رکڻ
حضرت امام جعفر صادق عليه السلام جن فرمائن ٿا : عيد غدير جي ڏهاڙي جو روزو سڄي زندگي جي روزي جي برابر آهي ۽ هر سال هن ڏينهن جو روزو رکڻ قبول ٿيل سئو حج ۽ سئو عمرن جي برابر آهي ۽ هي ڏينهن سڀ کان وڏي عيد آهي ( اقبال الاعمال ج2 ص 143 )
9_هديو ڏيڻ
فياض بن محمد بن عمر طوسي روايت ٿو ڪري ته : عيد غدير واري ڏينهن امام رضا عليه السلام کي ڏٺم ته پاڻ سندن ڪجھ دوستن کي افطار لاءِ ويهاريو ويٺا هئا ۽ انهن جي گهرن ڏانهن پڻ طعام ، هديا ۽ لباس موڪليائون ............... ( اقبال الاعمال ج 2 ص254)
10_ برادران ديني جي مدد ڪرڻ
جيڪو شخص غدير واري ڏينهن پنهنجي ديني ڀاءَ جي بغير ان جي گھر ڪرڻ جي مدد ڪري ۽ دل سان ان سان نيڪي ڪري ته ان جو اجر ان شخص وانگر آهي جيڪواهو ڏينهن روزي ۾ ۽ رات عبادت ۾ گذاري ( وسائل الشيعه حر عاملي ج 10 ض 445 )
11_ نيڪي ڪرڻ
امير المومنين حضرت علي عليه السلام جن فرمائن ٿا : هڪٻئي سان نيڪي ڪيو تاڪه الله تعالى توهان جي دوستي کي مضبوط ڪري ۽ غدير واري ڏينهن نيڪي مال ۽ عمر ۾ واڌاري جو سبب ٿئي ٿو ( اقبال الاعمال ج 2 ص 259 )
12_صلوات پڙهڻ
حصرت امام رضا عليه السلام جن فرمائن ٿا : غدير واري ڏينهن محمد وآل محمد تي وڌ مان وڌ صلوات پڙهي وڃي ( اقبال الاعمال ج2 ص261)
13_صله رحمي ( مٽن مائٽن سان ڀلائي ) ڪرڻ
حضرت امام رضا عليه السلام جن فرمائن ٿا : جيڪو شخص غدير واري ڏينهن ڪنهن مومن (مائٽ ) جي زيارت ڪري ته الله تعالى ان جي قبر ۾ ستر نور روشن ڪندو ۽ ان جي قبر کي گشادو ڪندو ۽ هر ڏينهن تي ستر هزار فرشتا ان جي قبر جي زيارت ڪندا ۽ ان کي بهشت جي خوشخبري ڏيندا ( اقبال الاعمال ج2 ص262 )
14_ اخوت ( ڀائري ) جو صيغو پڙهڻ
محدث ميرزا حسين نوري زاد الفردوس ڪتاب مان نقل ٿا ڪن ته : مناسب آهي ته ان ڏينهن تي ديني ڀائر هڪٻئي سان اخوت ( ڀائري ) جو صيغو پڙهن ۽ ان جو طريقه ڪار ائين آهي ته هڪڙومومن ٻئي مومن جي هٿ تي هٿ رکي ۽ اهو چوي : الله جي راھ م توسان ڀائري کي اختيار ڪيم ۽ تو سان سچي نيت سان ڀائري کي اختيار ڪيم ۽ الله جي راه ۾ تو کي هٿ ڏنم ۽ الله ان جي فرشتن ،ان جي ڪتابن ، ان جي رسولن ، پيغمبرن ۽ ائمه معصومين عليهم السلام سان عهد ڪيم ته اگر بهشت ۽ شفاعت وارن مان ٿيس ۽ اها اجازت حاصل ڪيم جو بهشت ۾ وڃان ته تو کان بغير داخل نه ٿيان ۽ ٻيو وري چوي ته قبول ڪيم ان کان پوءِ ٻئي هڪٻئي کي چون تو تان سڀ حق لاهي ڇڏيم سواءِ شفاعت ، دعا ۽ زيارت جي ( مستدرک الوسائل ميرزا حسين نوري ج 6 ص279)