Get Adobe Flash player

ويب اسٽيٽس

stats online

آنلائن صارفن جو تعداد

اسان سان گڏ 56 مہمان ۽ 0 رڪن آنلائن آهن

شيعه دوست فونٽس

ويب سائيٽ کي بهتر نموني ڏسڻ لاءِ سنڌي فونٽ ڊائون لوڊ ڪريو

سوچيان ٿو ته اکيون ڀرجي ٿيون اچن. يا منهنجا موليٰ! شام دمشق ۾ ۽ اها به جناب زينب خاتون سلام الله عليها جي روضي مبارڪ ۾ مون ناچيز ۽ گنهگار جي ايتري ۽ اهڙي شاندار آجيان! ۽ ان جو ته ڪڏهن تصور ۾ به ڪو نه هئم ته ائين عزت بخشي ويندي  مون غريب عزادار کي ۽ ان عزت افزائيءَ جو بيان هتي شروع ڪريان ته ڪٿان؟ ۽ ان کي بيان ڪرڻ لاءِ لفظ ڪتب آڻيا ته ڪهڙا؟ ۽ اڄ به انهيءَ خواب ۽ معجزي تي سوچيان ٿو ته روئڻ کان سواءِ رهي نٿو سگهان...۽ ڪيڏو نه متبرڪ صبح هئو منهنجي لاءِ اهو، جڏهن منهنجو ڳوٺاڻو ۽ ڏاڍو سيبتو شاعر دوست انعام ٽکڙائي، ٽکڙ مان سيڙجي مون سان ملڻ آيو هو. چيائين ته، ”نه منهنجو ڪو غرض آهي اوهان ۾، نه ڪجهه کپي ٿو اوهان کان مون کي، آئون اڄ رڳو اوهان کي، پنهنجي رات ڏٺل هڪ خواب کان آگاهه ڪرڻ لاءِ آيو آهيان ۽

 آگاهه ٿيو ته توهان جي حوالي سان رات بشارت ملي آهي مون کي ۽ مون تي ان خواب جو قرض آهي جيڪو چاهيان ٿو ته جلد از جلد اوهان کي گوش گذار ڪريان.“ ۽ عزيز دوست انعام ٽکڙائي واتان اهڙي پراسرار گفتگو ٻڌي اوچتو ڏڪي ويس، چيومانس: ”خواب ۾ تو ڇا ڏٺو آهي منهنجي حوالي سان؟

نه وجهه مون وهمي انسان کي وڌيڪ پريشانيءَ ۽ امتحان ۾ ۽ دل ۾ جيڪي ڪجهه اٿئي چئي ٻڌاءِ! تڏهن ڏٺم ته انعام جي اکين ۾ لڙڪ لهي آيا، چيائين، ”دل وڏي ڪريو، خبر نيڪ آهي ۽ اوهان کي انهيءَ کان ئي واقف ڪرڻ آيو آهيان ته رات مون هڪ ڏاڍو عجيب خواب ڏٺو آهي، ته آئون دمشق شام ۾ ام المصائب سانئڻ زينب خاتون سلام الله عليها جي روضي جي وسيع صحن ۾ بيٺو آهيان ۽ ڏسان پيو ته هر طرف زائرين جو بي پناهه هجوم آهي ۽ سڀ چاهين  پيا ته هو جلد از جلد سانئڻ جي ضريح مبارڪ جي زيارت لاءِ اندر پهچن، پر ڏٺم ته انهن بي قابو زائرين کي ”خدام“ تنبيهه ڪري رهيا هئا ته صبر ڪريو، اوهان کان پهرين سنڌ مان آيل هڪ زائر کي روضي ۾ اندر وڃڻو آهي. تڏهن اوچتو منهنجي دل ۾ اشتياق پيدا ٿيو ته ڏسان ته منهنجيءَ سنڌ مان اهڙو ڪير مهمان آيو آهي، جنهن کي جناب زينب خاتون سلام الله عليها سلام الله عليها جي روضي مبارڪ جي اهڙي اعزاز سان زيارت ڪرائي ٿي وڃي ۽ بس ڪا گهڙي مس گذري ته ڇا ڏسان نصير صاحب!! ٻنهي پاسي روڪيل ماڻهن جي هجوم مان اوهان اچو پيا ۽ سياهه لباس ۾ آهستي آهستي سانئڻ جي ضريح مبارڪ ڏانهن وڌندا پيا وڃو...“

انعام ٽکڙائي کان سندس اها خواب واري روداد ٻڌندي اوچتو اشڪبار اکين سان تصور ئي تصور ۾ آئون پنهنجي گهر جي ان ڪمري ۾ پهچي ويو هوس، جنهن ۾ ديوار تي اسان جي پنڊيوليم واري قديمي گهڙيال جي هيٺان جتي قريبن ويهن سالن کان جناب زينب خاتون سلام الله عليها  جي روضي مبارڪ وارو ڪئلينڊر لڳل آهي ۽ جنهن جي مٿان لکيل آهي، ”يا شريڪته الحسين“! ۽ سواءِ منهنجي ذات، دل، اکين ۽ گهر ڀاتين جي ڪنهن به ڌارئين ماڻهو کي خبر ناهي ته آئون صبح جو جڏهن گهران روانو ٿيندو يا ڪٿان گهر موٽندو آهيان ته ان ئي روضي مبارڪ کي سڀ کان پهرين سلام ڪري پنهنجي گهر ۾ صحيح سلامت پهچڻ جو اطلاع ڏيندو آهيان، جنهن سان هر حالت ۾ منهنجيءَ دل ۽ ذهن کي ڏاڍو سڪون ملندو آهي.

جناب زينب خاتون سلام الله عليها يعني ڪربلا جي سپهه سالار هستيءَ جو ذڪر نڪري پيو آهي ته آگاهه ٿيندا هلون ته پاڻ رسالت مآب جي وڏي ۾ وڏي ڏوهٽي هئي ۽ امام حسين عليه السلام کان ننڍي ڀيڻ ۽ جڏهن سندن ولادت ٿي ته، روايت ۾ آهي ته پاڻ سڳورن ئي سندن نالو زينب خاتون (سلام الله عليها) تجويز فرمايو هو. سندن سموري تعليم پنج تن پاڪ جي نظرداريءَ هيٺ ٿي. سندن ڄمار اڃا پنج ورهيه مس ٿي ته رسالت مآب  وصال فرمايو ۽ ان عظيم سانحي جي ڪجهه مهينن اندر خاتون جنت جناب فاطمته الزهرا يعني والده جناب زينب خاتون سلام الله عليها هن دنيا ۽ رنگ و بو مان موڪلايو. ذوالحج 35 هجري ڌاري حضرت علي عليه السلام ڪوفي ۾ خلافت واري مسند تي مقرر ٿيا ته پاڻ مديني مان پنهنجي عظيم بابا سائين سان ڪوفي ۾ رهائش اختيار ڪئي. روايت ۾ آهي ته پاڻ ڪوفي ۾ خواتين لاءِ مدرسو قائم ڪيائون ۽ درس تدريس جي ڪم ۾ مصروف ٿي ويون. موليٰ علي سرڪار سندن شادي پنهنجي ڀائٽي ۽ شاگرد حضرت عبدالله ابن حضرت جعفر طيار سان ڪرائي. 21 هين رمضان 40 هجري تي موليٰ علي عه جي شهادت ٿي ته اهلبيت لاءِ امتحانن ۽ آزمائشن جو دور شروع ٿي ويو ۽ ڏکن جا جيڪي ڏينهن هن خاندان کي ڏسڻا پيا، انهن جو بيان هڪ الڳ داستان آهي. پنجاهه هجري تي امام حسن عليه السلام جي شهادت جو گهاءُ والد موليٰ علي (عليه السلام) جي شهادت بعد جناب زينب خاتون سلام الله عليها لاءِ هڪ ٻيو وڏو صدمو هو ۽ ان واقعي کان صرف ڏهه سال پوءِ پاڻ امام حسين عليه السلام سان حسيني قافلي ۾ شامل ٿي ڪوفي لاءِ  روانو ٿيون ۽ لڳ ڀڳ ڏيڍ سئو ڏينهن بعد ٻئي محرم ايڪهٺ هجري تي ڪربلا جي رڻ ۾ پهتيون ۽ دشت نينوا تائين پهچڻ واري ان وقت ۾ اهلبيت جا سڀ ڏينهن حشر ۽ راتيون يقينن قيامت مثال هيون ۽ بعد ۾ جناب زينب خاتون سلام الله عليها لاءِ ته اهو وقت ته نهايت صدمي جي انتها جو وقت هو. جڏهن هن بيبيءَ پنهنجي ڀاءُ امام حسين عليه السلام جو سر مبارڪ نيزي تي سوار ڏٺو ۽ ان کان پوءِ يارهن محرم کان ڪربلا مان ڪوفي ۽ اتي ابن زياد جون سختيون ۽ ان پوءِ دمشق شام،  يزيد جي دربار تائين وارو اذيتن ڀريو سفر ۽ ان کانپوءِ يزيد جي سامهون پوري طاقت سان سندن خطبا. سندن اهڙن پرجوش خطبن بابت مشهور شاعر وحيد الحسن، هي ڪيڏو نه درست خراج ڏيندي چيو آهي ته:

ٽوٽي هوئي قلوب ڪي دمساز هو گئي

بنت علي رسول ڪي آواز هو گئي

واقعهءِ ڪربلا کانپوءِ حقيقت ۾ اها نائب زهرا ئي هئي، جنهن ڪوفي کان شام ۽ شام کان واپس مديني تائين اهلبيت جي غمن ۾ گهيريل قافلي کي ڏکن ۽ آزمائشن جي سمونڊ مان پار اڪاريو. جناب زينب خاتون سلام الله عليها بابت لکيل ڪتاب ”مظلومهءِ ڪربلا“ ۾ لکيل آهي ته، ”جهڙا ڏک سانئڻ زينب خاتون سلام الله عليها ڏٺا ۽ جي اهڙا وزن پهاڙن تي پون ها ته اهي شيشي جيان ٽڙڪي پون ها ۽ جي لوهه فولاد کي اهڙا ڏک ملن ها، جهڙا جناب نائب زهره برداشت ڪيا ته اهو ميڻ جيان وگهري وڃي ها“ ۽ ان سموري معرڪي ۾ عظيم المرتبت هن سلام الله عليها، اهو ڄڻ فيصلو ڪري ورتو هو ته صرف يزيد ئي نه يزيديت کي ئي مٽائي ڏيکاربو ۽ يزيد جي درٻار ۾ جناب زينب خاتون جي خطبات واري ڪتاب ۾ لکيل آهي ته، پاڻ جڏهن يزيد کي درٻار ۾ مخاطب ٿيون ته يزيد خلاف هر طرف ڄڻ شعلا ڀڙڪي اٿيا، ڄڻ قصر يزيد جون ديوارون ڌڏي ويون ۽ بس ان ڏينهن کان يزيد جي اقتدار جا ڏيئا اجهامڻ شروع ٿي ويا ۽ يزيد، جنهن حسينيت جي سورج آڏو بادل ٿي بيهڻ چاهيو هو، جناب زينب خاتون سلام الله عليها جي خطبن، هن جي ارادن کي نپوڙي ناس ڪري ڇڏيو. پنهنجي پهرئين ئي خطبي ۾ نائب زهره، يزيد کي مخاطب ٿي چيو هو: ”يزيد! باقي ڪي چند پل ۽ ساهه کڻي وٺ، جو تنهنجو عبرتناڪ انجام قريب آهي. اي ظالم! حيف آهي توتي، جو تنهنجي خاندان جون مستورات ۽ خدمتگار خواتين ته پردي ۾ آهن ۽ اسين اهلبيت اطهار، نبي زاديون، ڪوفي کان بي پرده هتي آنديون ويون آهيون. ٻڌاءِ يزيد! ڪربلا ۾ هي ڪوس ڪرائي تو پنهنجي کل ڄڻ پاڻ ڇڪي لاٿي آهي ۽ پنهنجي ئي هٿن سان پنهنجي گوشت کي ٻوٽي ٻوٽي ڪري تو ته ڄڻ انجام کي پهچي ويو آهين ۽ نهايت جلد، تون خدا تعاليٰ جي پياري حبيب جي آڏو پيش ٿيڻ وارو آهين، توکي ان وقت ئي خبر پوندي ته ظلم ڪندڙ لاءِ ڪيڏي نه عبرتناڪ سزا آهي.“

انهيءَ ۾ اهڙن ٻين خطبن بعد، نهايت جلد يزيد پسپا ٿي ويو ۽ جناب زينب خاتون سلام الله عليها جي جيت ٿي ۽ عظمتون، جيڪي هونئن ئي هن عصمت مآب خاندان جي پيرن ۾ پيون هيون، هنن جي قدمن مان اٿي دنيا جي چپي چپي ۾پکڙجي ويون ۽ ڏسندي ئي ڏسندي ڪوفي، شام دمشق، ايران کان  هنڌ سنڌ تائين حسينيت جا انگاس سربلند ٿيندا ويا ۽ ائين 61 هجري ۾ هڪ معرڪو، جيڪو باطل ۽ ظلم خلاف ڪربلا ۾برپا ٿيو، تمام دنيا ۾ ظلم خلاف انقلاب جو نعرو بڻجي گونجي اٿيو ۽ اهڙي عظيم الشام جهاد لاءِ سر حسين عليه السلام ڏنو ۽ سجاڳي جو جهنڊو جناب زينب خاتون سلام الله عليها بلند ڪيو. ڪنهن شاعر جناب زينب خاتون سلام الله عليها سلام الله عليها جي شجاعت ۽ حشمت کي هي ڪيڏو نه شاندار خراج ڏيندي چيو آهي:

علي ڪي جاهه جلالت نمود ڪرتي هي

زبان په جب ڪڀي زينب کا نام آتا هي

روزاني ڪاوش جي ٿورن سان