Get Adobe Flash player

مولا علي عليه السلام ھي وصيتون 19کان21 رمضان واري راتين جي درميان زخمي حالت ۾ پنھنجي اولاد ۽ تمام شيعن لاءِ ڪيون . جيڪي ھن ريت آھن :
1_ پرھيزگار بڻجو: اتقوا الله ، خدا کان ڊڄو. علي عليه السلام جي پھرين وصيت اسان شيعن لاءِ ھي آھي ته تقوا اختيار ڪيو ۽ گناھه ڪرڻ وقت خدا کان ڊڄو. امام7جن نھج البلاغه ۾ تقوا جي باري ۾ گھڻي تاڪيد ڪندي فرمائن ٿا : تقوا سڌي رستي جي ڪنجي ۽ آخرت لاءِ ذخيرو آھي. امام7جن سورت آل عمران جي ھن آيت”يا ايھا الذين آمنوا اتقواالله حق تقاته“[ ] جي تلاوت ڪندي ماڻھن کي فرمايو ته الله کان ائين ڊڄو جيئن ڊڄڻ جو حق آھي”حق تقاته“يعني ھميشه خدا جو چوڻ مڃجو ۽ گناھ نه ڪجو ۽ خدا جي ڏنل نعمتن جو شڪر ڪجو.

2_ ”صلاح ذات بينکم فاني سمعت جدکما يقول صلاح ذات البين افضل من عامة الصلاة والصيام “ پاڻ ۾ جھيڙو نه ڪجو ڇوته آءُ توهان جي ناني نبي اڪرم کان ٻڌو آهي ته پاڻ فرمايائون : ٻن ماڻهن جو ٺاھه ڪرائڻ هڪ سال جي نماز ۽ روزي کان افضل آهي. خدا کي جھيڙو ۽ هڪ ٻئي جي باري ۾ دل ۾ نفرت رکڻ پسند نه آهي قرآن ۾ آهي ته : شيطان چاهي ٿو ته توهان پاڻ ۾ وڙهندا رهو. [ ] نبي پاڪ فرمائن ٿا ته جڏهن ٻه مسلمان ناراض ٿي ڪري ٽن ڏيهن تائين هڪ ٻئي سان نٿا ڳالهائن ته اهي ٻئي مسلمان نه آهن انهن ۾ ڪو به ديني رابطو نه آهي ۽ انهن مان جيڪو به پهرين ٻئي سان ڳالهائيندو ته قيامت جي ڏينهن خدا به انهي کي جنت ۾ پهريون موڪليندو.[ ] ٻن مومنن جي ٺاھه ڪرائڻ ۾ ايترو ته ثواب آهي جو امام صادق عليه السلام پنهنجا پئسا خرچ ڪري ٻن مسلمانن جو ٺاھه ڪرائيندا هيا ۽ پنهنجي صحابين کي چوندا هيا ته : جتي ٻه مومن پاڻ ۾ ناراض ڏسو ته انهن جو ٺاھه ڪرائجو ۽ جيڪڏهن پئسا گھرجن ته منهنجي مال مان ڏجو .
3_ يتيمن جو خيال رکجو؛ الهن الله في الايتام فلا تغبوا افواھھم ولا يضعوا بحضرتکم؛ يتيمن جي باري ۾ خدا کان ڊڄندا رھجو ته بکيا نه رھن ۽ توھان جي آڏو برباد نه ٿي وڃن.
امام صادق7جن فرمائن ٿا :جيڪو به ماڻھو يتيم جي مٿي تي پيار (شفقت)جو ھٿ ڦيري ته جيترا وار ان جي ھٿ ھيٺان ايندا اوتري تعداد ۾ خدا قيامت جي ڏينھن ان ماڻھو کي نور عطا ڪندو.
4_ پاڙي وارن جو خيال رکجو: الله الله في جيرانکم فانھم وصية نبيکم مازال يوصي بھم حتي ظننا انه سيورثھم: پاڙي وارن جي باري ۾ خدا کان ڊڄجو ڇو ته نبي سائين پاڙي وارن جي باري ۾ ھميشه وصيت ڪندا ھيا ايستائين جو اسان سوچيون پيا ته شايد پاڻ سڳورا انھن کي پنھنجي ميراث ۾ شريڪ ڪندا.
نبي پاڪ فرمائن ٿا : جيڪڏھن ڪو ماڻھو ڏينھن جو روزا رکي ۽ رات جو عبادت ڪري پر پاڙي وارن کي ڏک ۽ تڪليف ڏيئي ته اھو جھنم ۾ ويندو. ھڪ ٻي حديث ۾ آيو آھي ته پاڙي وارن جو احترام ائين واجب آھي جيئن پنھنجي پيءَ ۽ ماءُ جو احترام واجب آھي.
5_ قرآن تي عمل ڪجو: الله الله في القرآن لا يسبقکم بالعمل به غيرکم، قرآن تي عمل ڪرڻ ۾ ٻيا ماڻھو اوھان کان اڳتي نه نڪري وڃن.
جيڪو به ماڻھو قرآن جي ڳالھين تي عمل نه ڪري ۽ قرآن جي چوڻ کي نه مڃي ته نبي سائين قيامت جي ڏينھن خدا جي آڏو انھي جي شڪايت ڪندو. جيئن قرآن ۾ آھي”انھي ڏينھن رسول آواز ڏيندو ته اي خدا منھنجي ھن قوم قرآن ڏانھن ڌيان نه ڏنو. [ ] ۽ قرآن ڏانھن ڌيان نه ڏيڻ جي معني آھي قرآن جي ڳالھه تي عمل نه ڪرڻ. علي عليه السلام جن نھج البلاغه ۾ فرمائن ٿا : قرآن ھڪ اھو نصيحت ڪندڙ ڪتاب آھي جيڪو ڌوڪو نه ٿو ڏيئي ۽ اھڙو ھدايت ڪرڻ وارو آھي جيڪو گمراھه نه ٿو ڪري. اسان جي سڀني ضرورتن جو حل قرآن ۾ آھي جيڪو به قرآن تي عمل ڪندو اھو زندگي ۾ ڳيجھو نه رھندو ۽ جيڪڏھن قرآن کي ڇڏي ڏيندو ته سڀ ڪجھه ھوندي به محتاج رھندو. [ ]
6_ نماز قائم ڪجو: الله الله في الصلاة فانھا عمود دينکم؛ نماز قائم ڪجو ڇو جو نماز دين جو ٿنڀ آھي.
ھر مومن ۽ مسلمان جي سڃاڻپ نماز سان ئي آھي. خدا کي راضي ڪرڻ جو رستو نماز کان وڌيڪ ٻيو ڪو به نه آھي. قرآن ۾ آھي ته جنت وارا جھنم وارن کان پڇندا ته اوھان جھنم ۾ ڇو ويا ؟ جواب ڏيندا : انھي لاءِ جو اسان نماز نه پڙھندا ھياسين.
7_ خدا جي گھر جي حفاظت ڪجو: الله الله في بيت ربکم لا تخلوه ما بقيکم فانه ان ترک لم تناظرو؛ جيستائين زنده آھيو خدا جي گھر کي خالي نه ڇڏجو .
8_ جھاد ڪجو: الله الله في الجھاد باموالکم و انفسکم في سبيل الله ؛ پنھنجي نفس ، مال ۽زبان سان خدا جي راه ۾ جھاد ڪجو.
مال سان جھاد يعني خدا جي واٽ ۾ مال خرچ ڪرڻ . نفس سان جھاد يعني نفساني خواھشات تي ڪنٽرول ڪرڻ . زبان سان جھاد يعني زبان سان برائن ۽ بڇڙائن جي مخالفت ڪرڻ.
9_ صله رحمي (ھڪ ٻي سان سٺو ھلڻ ) و عليکم بالتواصل والتبادل و اياکم و التدابير و التقاطيع ؛ پاڻ ۾ رابطو رکجو ۽ ھڪ ٻي جي مدد ڪجو ۽ ھڪ ٻي کان منھن نه ڦيرائجو.
نبي پاڪ  فرمائن ٿا : جيڪو به مٽن مائٽن سان تعلق ختم ڪندو اھو جنت ۾ نه ويندو.
10_ امر با المعروف ۽ نھي عن المنڪر؛ لا تترکوا الامر بالمعروف و النھي عن المنکر فيلي عليکم ثم تدعون فلا يستجاب عليکم ؛ نيڪين جو حڪم ڏجو ۽ برائن کان روڪجو نه ته توھان تي برا ماڻھو حڪومت ڪندا، پوءِ توھان جي دعا به قبول نه ٿيندي .
حوالا
_ سورت آل عمران ، آيت 102 .
_ سورت مائده ، آيت 91 .
_ بحار الانوار ، جلد 75 .
_ سورت فرقان ، آيت 30 .
_ خطبو 76 .