Get Adobe Flash player

انساني فطرت جي تقاضا آهي ته جيڪا شي کيس چڱي لگي ٿي يعني جنهن شيءِ کي سندس دل پسند ڪري ٿي، ان شيءِ سان هو محبت ڪندو آهي، ۽ ان جي برعڪس جنهن شي کي پسند نٿو ڪري ان سان نفرت ۽ دشمني جو اظهار ڪندو آهي،اهڙي قسم جي محبت ۽ نفرت کي عربي زبان ۾ ”توليٰ “۽ ”تبريٰ“ چيو ويندو آهي، ليڪن جنهن ”تولّيٰ“ ۽ ”تبريٰ“ جو حڪم قرآن ۽ معصومين عليهم السلام ڏنوآهي ان مان مراد الله رسول۽ امام جي جي دوستن سان محبت ۽ انهن جي دشمنن سان نفرت ڪرڻ آهي.
توليٰ ۽ تبريٰ ٻه قرآني اصطلاحون آهن ۽ شيعيان حيدر ڪرار جيڪي جعفري فڪر جا پيروڪارآهن کين فروع دين ۽ اسلام جي واجبن مان هڪ واجب شمار ڪن ٿا، جهڙي طرح بيان ٿي چڪوته توليٰ يعني خدا ۽خدا جي دوستن سان دوستي ڪرڻ ۽ اهل حق جي نزديڪ ٿيڻ آهي ۽ تبريٰ يعني خدا ۽خدا جي دشمنن سان دشمني رکڻ ۽ اهل باطل کان دوري اختيار ڪرڻ آهي،اگر توليٰ ۽ تبريٰ جي معني کي وڌيڪ واضح ڪرڻو هجي ته هن ريت ڪري سگهجي ٿو:

 

                       شيعن جي نزديڪ توليٰ جو مطلب خدا، پيغمبر ۽امامن جي ولايت کي قبول ڪرڻ آهي،کين دوست رکڻ،سندن تصديق،تبعيت ڪرڻ آهي.

 جڏهن ته ڪيترين ئي حديثن مان اهو ظاهر ٿئي ٿوته رسول الله۽6اهلبيت رسول Eسان،خاص ڪري حضرت علي Cسان محبت ڪرڻ واجب آهي،اهل سنت حضرات پڻ اهو قبول ڪن ٿا ته پيغمبراسلام 6۽ سندس اهل بيت Eسان توليٰ(محبت)رکڻ ۽ سندن دشمنن سان تبريٰ(نفرت)رکڻ واجب آهي، ۽ جيڪو شخص ائين نٿو ڪري اهو مومن نه آهي، لهذا سيد هاشم بحراني ان مطلب جي تائيد لاءِ اهل سنت کان 95 حديثون ۽ اهل تشيع کان 52 حديثون نقل ڪيون آهن.

توليٰ، قرآن ڪريم جي 57 سورتن ۾ 233 دفعه ذڪر ٿيل آهي ۽ تبريٰ جو ذڪر قرآن مجيد جي20 سورتن ۾ 30 دفعه ٿيو آهي، ۽ ان کان علاوهه اهل بيت Eکان نقل ٿيل کوڙ سارين روايتن ۾ پڻ ان مطلب جي ڪافي تاڪيد ڪئي وئي آهي.

جيئن ته اهي روايتون تمام گهڻيون آهن تنهڪري اسان انهن منجهان فقط چند روايتن کي  بطور مثال هتي ذڪر ڪريون ٿا:

1_ نبي اڪرم صلي الله عليه و آله فرمائن ٿا:  

 إِنَّ مِنْ عَظِيمِ مَا يُتَقَرَّبُ بِهِ خِيَارُ أَمْلَاكِ الْحُجُبِ وَ السَّمَاوَاتِ الصَّلَاةُ عَلَى مُحِبِّينَا أَهْلَ الْبَيْتِ وَ اللَّعْنُ لِشَانِئِينَا

” اها عظيم ترين شيءِ، جيڪا آسمانن ۽ ملڪوت جي بهترين فرشتن جي لاءِ خدا جي تقرب جو باعث بڻجي ٿي اها اسان اهل بيت جي حبدارن تي درود موڪلڻ ۽ اسان جي دشمنن تي لعنت ڪرڻ آهي“  ”[1]“

2_ حضرت رسول خدا صلي الله عليه و آله فرمائن ٿا:

من تأثم أن يلعن من لعنه الله فعليه لعنة الله.

”جيڪو شخص ڪنهن اهڙي شخص تي لعنت ڪرڻ کي گناه سمجهي ٿو جنهن تي خدا لعنت ڪئي هجي، ته پوءِ ان تي خدا جي لعنت هجي“ ”[2] “

3_ امام رضا عليه السلام فرمائن ٿا:

                                             كَمَالُ الدِّينِ وَلَايَتُنَا وَ الْبَرَاءَةُ مِنْ عَدُوِّنَا  ” [3]“

”دين جو ڪمال اسان سان محبت ڪرڻ ۽ اسان جي دشمنن کان نفرت ڪرڻ آهي“

4_ امام صادق عليه السلام جو قول آهي:

مَنْ شَكَّ فِي كُفْرِ أَعْدَائِنَا وَ الظَّالِمِينَ لَنَا فَهُوَ كَافِرٌ        ” [4“

”جيڪو شخص اسان جي دشمنن ۽جنهن اسان تي ظلم ڪيو آهي جي ڪفر ۾ شڪ ڪري ٿو اهو ڪافر آهي“

5_حضرت امام صادق عليه السلام

جي خدمت ۾ عرض ڪيو ويو ته هڪ ماڻهو توهان کي دوست رکي ٿو ليڪن توهان جي دشمنن سان نفرت ڪرڻ جي باري ۾ ضعيف آهي، امام عليه السلام فرمايو:

هَيْهَاتَ كَذَبَ مَنِ ادَّعَى مَحَبَّتَنَا وَ لَمْ يَتَبَرَّأْ مِنْ عَدُوِّنَا “ ”[5] “

” ڪوڙو آهي اهو شخص جيڪو اسان جو دوست هجڻ جي دعوي ڪري ٿو ليڪن اسان جي دشمنن سان اظهار برائت ۽ نفرت نٿو ڪري“

       6_ رسول خدا صلي الله عليه و آله وسلم پنهنجي هڪ صحابيءَ کي فرمايو:

       ”اي الله جا ٻانها! دوستي رک خدا جي ڪري ۽ دشمني ڪر خدا جي ڪري، دوست رک خدا ڪارڻ ۽ دشمن رک خدا ڪارڻ، بي شڪ خدا جي ولايت تائين ڪو به پهچي نٿو سگهي مگر ان طريقي سان۽ ڪو به انسان ايمان جو مزو نٿو چکي سگهي،مگر توليٰ ۽ تبريٰ جي ذريعي پوءِ کڻي ڪيتريون ئي نمازون پڙهي ۽ روزا رکي ،

       افسوس جو اڄڪلهه جون اڪثر دوستيون ۽ دشمنيون دنيا جي خاطر آهن،جڏهن ته دنياوي دوستي ۽ دشمني خدا وٽ ذري برابر به اهميت نٿي رکي.

       راويءَ عرض ڪيو: اهو ڪئين معلوم ٿئي ته منهنجي دوستي ۽ دشمني خدا جي ڪري آهي؟ خدا جو دوست ڪير آهي ته جئين مان ان کي دوست رکان ۽ خدا جو دشمن ڪير آهي جو آئون ان سان دشمني رکان؟ رسول خدا 6 حضرت علي Cجي طرف اشارو ڪندي فرمايائون: ڇا علي کي ڏسي رهيو آهين؟ راوي چيو: جي ها.

 فرمايائون: علي جي دوست کي دوست رک ڇو جو علي جو دوست خدا جو دوست آهي، ۽ علي جي دشمن کي دشمن سمجهه ڇو جو علي جو دشمن خدا جو دشمن آهي.

ان کان بعد فرمايائون:

وال ولي هذا ولو انه قاتل ابيک و ولدک و عاد عدو هذا و لو انه  ابوک  او ولدک

”دوست سمجهه علي جي دوست کي ڀلي کڻي اهو تنهنجي پيءَ ۽ اولاد جو قاتل ئي ڇو نه هجي، ۽ دشمن رک علي جي دشمن کي پوءِ ڀلي اهوتنهنجو پيءِ يا اولاد ئي ڇو نه هجي“ ” [6“

 
حوالا

__________________

[1 _ تفسيرالامام ،ص615۽ بحارالأنوار،ج65ص37

[2 _ رجال الڪشي، ص528

[3 _ بحار الانوار، ج27ص357

[4] _ وسائل الشيعه،ج28ص345

[5] _ بحارالانوار،ج27ص58

[6 _ علل الشرئع،ج1ص140