Get Adobe Flash player

جڏهن به ڪو انسان امام زمانه عليه السلام جي غيبت جي باري ۾ غور ڪري ٿو ته سندس ذهن ۾ هي سوال ضرور جنم وٺي ٿو ته غيبت جي زماني ۾ امام جي وجود جو فائدو ڇا آهي؟ يعني اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي ته هڪ شخص غائب رهي ڪري ماڻهن جون مشڪلاتون حل ڪري؟ ڇا ائين ڪرڻ ممڪن آهي؟ سولي لفظن ۾ کڻي چئجي ته جيڪو امام غائب آهي ۽ ماڻهو ان تائين نٿا پهچي سگهن ته جيئن پنهنجا مسئلا سندن خدمت ۾ بيان ڪري سگهن اهو ڪهڙي طرح ماڻهن جي لاءِ خدا جي حجت ٿي سگهي ٿو؟۽ غيبت جي زماني ۾ اهڙي امام جي وجود جو فائدو ڇا آهي؟اسان هن مقالي ۾ ان سوال جو جواب ڏيڻ چاهيون ٿا ته جيئن اهو واضح ٿي وڃي ته ڪهڙي طرح غائب هجڻ جي با وجود به امام مهدي عليه السلام پنهنجي شيعن ۽ محبن جا مسئلا۽ مشڪلاتون حل ڪري سگهن ٿا. ليڪن ان کان پهريان بهتر آهي ته چند نڪتن جي طرف اشارو ڪيو وڃي.

 

1_ معتبر روايتن جي مطابق امام عليه السلام جي غيبت مان مراد امام جو نگاهن کان پوشيده ٿيڻ آهي يعني ماڻهو سندن زندگي ۾ شايد امام کي ڏسندا هجن ۽ امام پڻ ماڻهن جي درميان رهن ٿا ليڪن ڇو جو امام جي سڃاڻين نٿا ان ڪري کين اها خبر نه آهي ته هي اهو ئي امام مهدي آهي،انهئَ ڪري امام مهدي عليه السلام کي حضرت يوسف عليه السلام سان تشبيه ڏني وئي آهي،جڏهن حضرت يوسف جا ڀائر خريد و فروش جي لاءِ مصر پهتا ته يوسف کي ڏٺائون ليڪن سڃاڻي نه سگهيا، محمد بن عثمان عمري کان روايت نقل ٿيل آهي ته

وَاللهِ صَاحِب هذا الامر لِيَحضر الموسم سنه فيري الناس و يعرفهم و يرونه و لا يعرفونه.(1)

”خدا جو قسم حج جي موسم ۾ هر سال صاحب امر(خدا جي گهر ۾)حاضر ٿيندا آهن،ماڻهن کي ڏسن ٿا ۽ سڃاڻن ٿا، ماڻهو به کين ڏسن ٿا پر سڃاڻي نٿا سگهن“

2_ غيبت ڪا اهڙي شئي نه آهي جيڪا پهريون دفعو۽فقط حضرت امام مهدي عليه السلام جي لاءِ قرار ڏني وئي هجي،بلڪه ڪيترين ئي روايتن منجهان ثابت آهي ته بعض گذريل نبين پڻ غيبت جي زندگي گذاري آهي،جهڙي طرح حضرت صالح نبي جي غائب ٿيڻ جي باري ۾ امام جعفر صادق عليه السلام فرمائن ٿا:

اِنَّ صَالِحا عليه السلام غَابَ عَن قَو مِه زَمانا وَ کَانَ يَومَ غَابَ عَنهُم کهلا فَلما رَجَعَ اِلي قَومِه لم يَعرفُونه بِصُورَه.(2)

”حضرت صالح هڪ مدت تائين پنهنجي قوم کان غائب ٿي ويا، جڏهن غائب ٿيا ته پوڙها هئا ۽ جڏهن پنهنجي قوم جي طرف واپس موٽي آيا ته کين ڪوبه سڃاڻي نه سگهيو“

اهڙي طرح حضرت شعيب عليه السلام جي باري ۾ امام علي عليه السلام فرمائن ٿا:

اِن شعيبا النبي دَعَا قَومَه اِلي الله حَتي کَبِرَ سِنهُ وَ دَق عَظمُه ثُم غَابَ عَنهُم مَا شَاءَ الله ثُم عَادَ اِلَيهِم شَابا.(3)

”حضرت شعيب نبي پنهنجي قوم کي خدا جي طرف دعوت ڏني ايستائين جو پوڙها ٿي ويا۽هڏا ناتوان ۽ ڪمزور ٿي وين پوءِ خدا جي مرضي سان پنهنجي قوم کان غائب ٿي ويا،ان کان بعد جڏهن موٽي آيا ته جوان هئا“

بس جهڙي طرح گذريل نبين جي لاءِ غيبت هئي اهڙي طرح خداتعالى حضرت امام مهدي عليه السلام جي لاءِ به غيبت قرار ڏني آهي،۽ امام جي غيبت جو اطلاع سندن ولادت کان پهريان ئي امت کي ڏنو ويوهو پيغمبر اسلام حضرت محمد مصطفى 7 کان وٺي حضرت امام حسن عسڪريC تائين سڀني معصومن سندن غيبت جي باري ۾ پيشنگوئي ڪري چڪا آهن جهڙوڪ رسول خدا 7 فرمائن ٿا:

”مهدي منهنجي اولاد منجهان هوندو........ان جي لاءِ هڪ غيبت آهي ايسيتائين جو ماڻهو پنهنجي دين کان گمراه ٿيندا ته ان زماني ۾(شهاب ثاقب ) چمڪندڙ ستاري وانگر ايندو ۽ زمين کي عدل ۽ انصاف سان ڀري ڇڏيندو جهڙي طرح ظلم ۽ ستم سان ڀريل هوندي“(4)

ان کان علاوه ٻين ڪيترين ئي روايتن ۾ پيغمبر اسلام 7۽ باقي ائمه معصومين امام زمانه جي غيبت طرف واضح طور تي اشارو ڪيو آهي، ۽ انهن روايتن جو مطالعو ڪرڻ کان بعد ۾ ئي مٿيون سوال پيدا ٿئي ٿو ته آخر غيبت جي زماني ۾ امام جي وجود جو فائدو ڇا آهي؟ بهتر آهي ته هن مسئلي کي روايات جي روشني ۾ واضح ڪيو وڃي.

جابر بن عبدالله انصاري حضرت محمد مصطفي3کان پڇيو:

آيا غيبت جي زماني ۾ شيعن کي امام مهدي عليه السلام جي وجود منجهان ڪو فائدو حاصل ٿيندو؟

پاڻ جواب ۾ فرمايائون: ها.

وَالَذِي بَعَثَنِي بِالنُّبُوَة اِنَّهُم يَسْتَضيئُونَ بِنُورِهِ وَيَنْتَفِعُونَ بِوِلايَتِهِ في غَيْبَتِهِ کانتِفاعِ النَّاسِ بِالشَّمْسِ وَ اِنْ تَجَلَّلَها سَحابٌ.(5)

”ان خدا جو قسم!جنهن مونکي رسول بڻائي موڪليو آهي شيعا غيبت جي زماني ۾ ان جي وجود ۽ نور ولايت منجهان اهڙي طرح فائدو حاصل ڪندا جهڙي طرح ماڻهو جُهڙ پٺيان لڪيل سج مان فائدو وٺندا آهن.“

حضرت امام صادق عليه السلام فرمائن ٿا:

”حضرت آدم عليه السلام جي ڄمڻ کان وٺي قيامت تائين هڪ ڏينهن لاءِ به زمين حجتِ خدا کان خالي نه رهي آهي ۽ نه رهندي،ليڪن ان شرط سان ته اها حجت خدا يا ظاهر آهي يا غائب، اگر حجت خدا نه هجي ته خداتعالى جي عبادت جو حق ادا نٿو ٿي سگهي،راوي پڇيو: غائب ۽ پوشيده امام کان ڪهڙي طرح فائدو وٺي سگهجي ٿو؟ امام فرمايو: جهڙي طرح ڪڪرن جو پردو هوندي به سج کان فائدو ورتو ويندو آهي“(6)

خود امام مهدي C ان باري ۾ فرمائن ٿا:

...وَاَمّا وَجْهُ الاِنتِفاعِ بي ‌فِي غَيبَتي فکالاِنتِفاعِ بِالشَّمْسِ اِذا غَيَّبَتْها عَنِ الاَبْصارِ السَّحابُ...(7)

”منهنجي غيبت جي زماني ۾ منهنجي وجود مان فائدو حاصل ڪرڻ ائين آهي جئين سج منجهان فائدو حاصل ڪيو ويندو آهي جڏهن ته هو ڪڪرن پٺيان لڪيل هجي“

امام مهديC جي غيبت کي ڪڪرن پٺيان لڪل سج سان تشبيه  ٻين روايتن ۾پڻ ڏني وئي آهي.

نهايت واضح ۽ روشن آهي ته سج جهڙ جي پٺيان هجي ته نظر نه اچڻ با وجود پنهنجو وجود رکي ٿو،زمين کي پنهنجي روشني ۽ گرمي پهچائي ٿو،ان گرمي۽ روشني منجهان نباتات؛ حيوانات ۽ انسان پڻ فائدو حاصل ڪن ٿا،اهڙي طرح غيبت جي زماني ۾ امام مهدي ؑپڻ زمين تي موجود آهن ۽ ٻين انسانن وانگر زندگي گذاري رهيا آهن، اسان سان گڏ آهن اسان جي خوشي ۽غم ۾ اسان سان شريڪ آهن۽ اسان کي ڏسن ٿا ليڪن افسوس  جو اسان  جون اکيون سندن زيارت محروم آهن ۽اسان سندن وجود کان غافل آهيون ليڪن ان جي باوجود اسان سندن بابرڪت وجود منجهان مسلسل فيضياب ٿيندا رهون ٿا ۽ فائدا حاصل ڪندا رهون ٿا.

ائمه معصومين کان نقل ٿيل ڪافي روايتن جي مطابق امام قلبِ عالم انسانيت ۽ ڪائنات جي دل آهن، جهڙي طرح اگر انسان جي دل ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏئي ته هو هڪ منٽ لاءِ به زنده نٿو رهي سگهي اهڙي طرح جيڪڏهن دنيا امامC جي وجود کان هڪ لمحي لاءِ به اگر خالي ٿئي ته فنا ٿي ويندي ڇو جو امام دنيا جي لاءِ دل جي حيثيت رکي ٿو جيئن حضرت امام جعفرصادق Cفرمائن ٿا:

لو بقيت الارض بِغَير اِمام لساخت(8)

”يعني اگر زمين امام جي وجود کان بغير رهجي وڃي ته پنهنجي مٿان رهڻ وارن کي فنا ڪري ڇڏي“

حضرت امام زين العابدين Cفرمائن ٿا:

”هي اسان جي وجود جي برڪت آهي جو خداوند آسمان کي ڪِرڻ کان محفوظ رکيو آهي،۽ اسان جي وجود جي ڪري ئي زمين کي لڏڻ کان بچايو اٿس ۽ ان جي مٿان رهڻ وارن جي لاءِ ساڪن ڪيو اٿس؛ اسان جي ڪري ئي پنهنجي رحمت ۽ بارش کي نازل ڪندو آهي،۽ زمين جي برڪتن ۽ نعمتن کي پڻ ظاهرڪري ٿو،اگر اسان منجهان ڪوئي هڪ به زمين تي موجود نه هجي ته هوءَ پنهنجي مٿان رهڻ وارن کي ڳھي وڃي“(9)

ان کان علاوه امام زمانه C جو وجود مبارڪ جو سبب آهي،ماڻهن جي سندن ظهور جي لاءِ تيار ٿيڻ،پرهيزگار بنجڻ ۾ اهم رول ادا ڪري ٿو م جڏهن ته سندن وجود مبارڪ ماڻهن جي خواهشن۽ اميدن جي زنده رهڻ جو باعث بڻجي ٿو.

مٿين گفتگو مان واضح ٿي ويو ته امام مهدي Cهن دنيا جي دل ڪائنات جو قلب ۽ جهان جي جان آهن، جهڙي طرح اها ڳالهه پڻ ثابت ٿي ته هن عالم جي بقا امام جي با برڪت وجود جي ڪري ئي آهي، يعني امامC ماڻهن ۽ خدا جي وچ ۾ رحمت جوذريعو فضل جو وسيلو۽ فيض جو واسطوآهن ،هيءَ امامC جي وجود جي برڪت جو ئي نتيجو آهي جو خداوند پنهنجي بندن تي پنهنجي رحمت ۽ نعمت کي نازل ڪري ٿو.

ان کان علاوه امامC ئي دين جا  حقيقي محافظ ۽ نگهبان آهن، اڄ جي هن دور ۾ جتي دنيا دين جي دشمنن سان ڀريل آهي الله جي پسنديده دين(اسلام) جو باقي هجڻ دليل آهي ته هن دين جو محافظ۽نگهبان موجود آهي جيڪو پردي پويان رهي ڪري به هن دين جي حفاظت ڪري رهيو آهي.

امام غائب هجڻ باوجود سندس وجود جي فائدن منجهان هڪ فائدو هي به آهي ته معاشرو نااميدي کان محفوظ آهي، هڪ اهڙي امام جي وجود تي يقين رکڻ مستقبل ۾ دنيا کي ظلم ۽ جور کان نجات ڏئي عدل ۽انصاف سان  ڀري ڇڏيندو مسلمانن جي اميدواري جو سبب آهي  پوءِ هن وقت کڻي هو غائب ڇونه هجي اها اميدواري ڪاميابي جي رازن منجهان هڪ وڏو راز آهي، شيعه پنهنجي زنده ۽ شاهد امام جي وجود تي اعتقاد ۽ يقين رکڻ جي ڪري هميشه سندس ظهور جا منتظر رهن ٿا، هو امام C کي پنهنجي درميان کڻي نٿا ڏسن ليڪن پاڻ کان ان کي جدا به نٿا سمجهن، اهو ئي يقين سندن نااميدي کان بچڻ جو سبب آهي.

امامC جي وجود  جو هڪ ٻيو فائدو مصيبتن ۽ بلائن کان بچڻ آهي جهڙي طرح امام مهدي Cپاڻ فرمائن ٿا:

وَ اِنِّي لَاَمانٌ لِاَهْلِ الْاَرْضِ...(10)

”مان زمين جي مٿان رهڻ وارن جي لاءِ (مصيبتن) کان بچڻ جو سبب آهيان“

مٿين فائدن کان علاوه پڻ امام جي وجود جا ڪيترا ئي فائدا آهن جيڪي سندن غائب هجڻ با وجود اسان تائين پهچن پيا جهڙوڪ پنهنجي شيعن ۽ محبن جي لاءِ ڪاميابي ۽ مصيبتن کان محفوظ رهڻ جي دعا گهرڻ،ڏکي وقت ۾مومنن جي مدد ڪرڻ ۽ سندن مشڪلن کي حل ڪرڻ جيئن ان سلسلي ۾ امام مهدي C فرمائن ٿا:

أنَا خاتَمُ الْاَوْصِياءِ وَ بي ‌يَدْفَعُ اللَّهُ عَزَّوَجَلَّ الْبَلاءَ مِنْ اَهْلي وَ شِيعَتِي(11)

”مان رسول خدا ص جو آخري جانشين آهيان ۽ الله تعالى منهنجي وسيلي منهنجي خاندان ۽ منهنجي پيروڪارن کان مصيبتون ۽ بلائون دور ڪري ٿو“

مددي ڪتاب ۽ حــوالا

(1)  من لا يحضره الفقيه ج2ص520

(2)  ڪمال الدين ج1ص136

(3)  بحارالانوار ج12ص385؛ القصص للراوندي ص145

(4)  ڪشف الغمه ج2ص521؛ اعلام الوري ص424

(5)  تاويل الآيات ص141

(6)  الامالي للصدوق ص186

(7)  الاحتجاج ج2ص169؛اعلام الوري ص452؛ الخرائج ج2ص1113

(8)  علل الشرائع ج1ص196؛ غيبت النعماني ص138

(9)  الامالي للصدوق ص112

(10)  الڪافي ج1ص179

(11) الدعوات ص207؛ الصراط المستقيم ج2ص210