Get Adobe Flash player

 

تعارفmasoma

سندن نالو ”فاطمه“ مشهور لقب ” معصومه“ ۽ ”ڪريمه اهلبيت“ آهي. سندن والد جو نالو حضرت امام موسى ڪاظم عليه السلام آهي جيڪواسان جو ستون امام آهي جڏهن ته والده جونالو حضرت بيبي نجمه خاتون عليها السلام آهي جيڪا حضرت امام علي رضا عليه السلام جن جي پڻ ماءُ آهي ،ان لحاظ کان حضرت بيبي فاطمه معصومه عليها السلام حضرت امام علي رضا عليه السلام جي سڳي ڀيڻ آهي.

 

ولادت

حضرت بيبي فاطمه معصومه عليها السلام جن جي ولادت با سعادت مشهور قول مطابق پهرين  ذوالقعد  173 (هه _ق) ڌاري مديني منوره ۾ ٿي.”1 

 


 

تعليم۽ تربيت

حضرت بيبي فاطمه معصومه عليها السلام جي ننڍپڻ ۾ ئي ان وقت جي ظالم حڪمران هارون رشيد (جيڪوبني عباس خاندان جي ظالم ترين  حڪمرانن مان هڪ هئو)  سندن والد بزرگوار حضرت امام موسى ڪاظم عليه السلام کي بغداد جي زندان ۾ قيد ڪري ڇڏيو هو،تنهنڪري حضرت بيبي معصومه عليها السلامپنهنجي پيدايش کانپوءِ  گهڻي دير تائين  پنهنجي پيءُ جي شفقت ڀرئي وجود مان فيضياب ٿي نه سگهي.

حضرت بيبي فاطمه معصومه عليها السلاممٿان ان مهل  غمن۽ مصيبتن جا پهاڙ ٽٽي پيا جڏهن سن 186(هه_ق) ۾کين سندن مظلوم بابا۽ وقت جي امام حضرت امام موسى ڪاظم عليه السلام جي بغداد جي زندان ۾ مظلومانه شهادت جي خبر پئي . ”2“

اهڙي موقعي ته حضرت امام علي رضا عليه السلام جن جو برڪت ڀريو وجود ئي هو جنهن حضرت بيبي معصومه عليها السلام کي سنڀاليو۽ کيس حوصلو ڏئي سندس تعليم ۽ تربيت جو ذمو پاڻ تي کنيو۽ اهڙي نموني حضرت بيبي معصومه عليها السلام ننڍپڻ ۾ ئي پنهنجي ڀاءُ سان مانوس ٿي وئي۽ سندن وجود ڀاءُ جي محبت سان سرشار ٿي ويو.

ان بنياد تي اهو چئي سگهجي ٿو ته حضرت فاطمه معصومه عليها السلام جي تعليم ۽ تربيت امامت ۽ ولايت جي آغوش ۾ ٿي جڏهن ته ان تربيت ۾ حضرت امام علي رضا عليه السلامجو تمام وڏو ڪردار رهيو آهي. جيتوڻيڪ اهو پڻ ممڪن ناهي جو اسان حضرت امام موسى ڪاظم ڪردارعليه السلامکان چشم پوشي ڪيون.

 

حضرت بيبي فاطمه معصومه عليها السلام جي فضيلتن تي هڪ نظر

سائنڻ فاطمه معصومه عليها السلام جي  فضيلتن کي اگر بيان ڪرڻ چاهيون ته ان لاءِ هڪ عليحده ڪتاب لکڻ جي ضرورت آهي،هتي اسان فقط درياءَ مان هڪ قطري مثل سندن چند فضيلتن کي بيان ڪيون ٿا.

1_ حضرت امام رضا عليه السلام فرمايو آهي ته ” مَنْ زَارَهَا فَلَهُ الْجَنَّة“ جنهن سندس زيارت ڪئي ته جنت ان جو انعام آهي. ” 3“

2_ حضرت امام رضا ع هڪ شخص کي پنهنجي ڀيڻ جو زيارتنامو (جنهن کي اسان ”ذڪرو دعا “ حصي ۾بيان ڪيوآهي) ٻڌائيندي فرمايو”اَنَّ مَنْ زَارَهَا بِهَذِهِ الزِّيَارَةِ وَ اسْتَغْفَرَ اللَّهَ غَفَرَ اللَّهُ لَهُ وَاَدْخَلَهُ الْجَنَّة“ جنهن ماڻهوءَ هي زيارت نامو پڙهي سندس زيارت ڪئي ۽ الله کان پنهنجي گناهن جي معافي گهري ته الله کيس معاف ڪندو ۽جنت ۾ داخل ڪندو. ”4

3_ حضرت امام جعفر صادق ع جن فرمايو: ” حضرت امام جعفر صادق عليه السلام جن فرمايو ته : جنت جا اٺ دروازا آهن جن مان ٽي قم ڏي کلن ٿا عنقريب منهنجي نسل مان هڪ عورت اتي دفن ٿيندي جنهن جونالو فاطمه بنت موسى (ڪاظم) هوندو اسان جا سڀ شيعا سندس شفاعت سان جنت ۾ ويندا“ ” 5“

4_ڪريمه اهلبيت F

سائنڻ معصومه عليها السلامجي مشهور لقبن مان هڪ ڪريمه اهلبيت عليهم السلامپڻ آهي يعني ”فضل واري بيبي“ اهو لقب سائنڻ کي قم وارن ۽ سندن زوارن طرفان مليو آهي جنهن مان سندن عزّت،عظمت ۽ماڻهن جي دلين ۾ سائنڻ جي لاءِ موجود پرخلوص محبت جوبهترين انداز ۾ اظهار ٿئي ٿو.

سائنڻ کي اهو لقب سندن انهن بيشمار ڪرامتن جي ڪري کين مليو جن مان هزارين زوار فيضياب ٿيا ،هزارين ماڻهن پنهنجي من جون مرادون پاتيون ،ڪيترين ئي مصيبتن مان خير خوبيءَ سان آزاد ٿيا.

شايد ئي ڪو اهڙو بد بخت انسان هجي جيڪو سائنڻ جي شهر مان خالي جهوليءَ سان نامراد ٿي موٽيو هجي.

سائنڻ معصومه  جي ڪرم مان فيضياب ٿيندڙن جي لسٽ ۾ محمود واياز هڪ ئي صف ۾ بيٺل نظر اچن ٿا.فقير هجي يا امير، عالم هجي يا جاهل مومن هجي ياڪافر،پنهنجو هجي يا پرايوسڀني تائين سندن فيض جو حصو پهتو آهي پوءِ اها ٻئي ڳالهه آهي ته ڪنهن ڪيترو دامن وڌائي ڪيترو فيض پاتو.

سائنڻ جي انهن ڪرامتن کي اسان هڪ مستقل مقالي ۾ ڪنهن ٻئي مناسب وقت تي بيان ڪنداسين.

5_ محدثه آل محمد عليهم السلام

”محدث“ ۽ ”محدثه“ عربي زبان ان مرد۽ عورت  کي چيو وڃي ٿو جيڪو حضرت رسول خدا يا امام پاڪن جون انهن حديثن کي جيڪي هن معتبر ماڻهن کان ٻڌيون آهن ٻين لاءِ نقل ڪري ٿو. اسلام ۾ محدثن جي تمام گهڻي فضيلت بيان ڪئي وئي آهي.

عورتن جي مقابلي ۾ محدث مردن جو تعداد هميشه گهڻو رهيو آهي .خاندان رسالت مان جن بيبين کين اها فضيلت ملي آهن تن مان حضرت بيبي فاطمه  معصومه عليها السلام پڻ هڪ آهي .

حضرت بيبي معصومه عليها السلامکان نقل ٿيل حديثن مان هڪ حديث ”حديث غدير“ آهي جيڪا مولا علي جي ولايت  جوآهي هن حديث کي سائنڻ معصومه عليها السلام بيبي فاطمه زهرا عليها السلام کان نقل ڪري ٿي حديث جو متن هي آهي.

عَنْ فاطِمَةُ بِنْتِ عَلِيِّ بْنِ مُوسَي الرِّضا ، حَدَّثَتْني فاطِمَةُ وَ زَيْنَبُ وَ اُمُّ كُلْثُومٍ بَناتُ مُوسَي بْنِ جَعْفَرٍ (ع) قُلْنَ حَدَّثَتْنا فاطِمَةُ بِنْتُ جَعْفَرِبْنِ‌ مُحَمَّدٍ الصّادِقِ ، حَدَّثَتْني فاطِمَةَ‌ بِنْتُ مُحَمَّدِبْن عَلِيٍّ،حَدَّثَتْني فاطِمَةُ بِنْتُ عَلِيِّ بْنِ الْحُسَيْنِ ، حَدَّثَتْني فاطِمَةُ وَ سَكينَةُ اِبْنَتا الْحُسَيْنِ بْنِ عَلِيٍّ عَنْ اُمِّ كُلْثُومٍ بِنْتِ فاطِمَةَ‌ بِنْتِ النَّبِِيِّ (ص)عَنْ فاطِمَةَ بِنْتِ رَسُولِ اللهِ (ص)...قالَتْ: " اَنسيتُمْ قَولَ رَسُولِ اللهِ (ص)يَوْمَ غَديرِ خُمْ : " مَنْ كُنْتُ مَوْلاهُ فَعَلِيُّ مَوْلاهُ". وَ قَوْلَهُ (ص): " اَنْتَ مِنِّي بِمَنْزِلَةِهارُونَ مِنْ مُوسي

حضرت بيبي معصومه عليها السلام۽ سندن ڀيڻ بيبي زينب عليها السلام..... حضرت بيبي فاطمه زهرا عليها السلام کان نقل ڪيو آهي ته حضرت بيبي فاطمه زهرا عليها السلام (مديني جي ماڻهن کي مخاطب ٿيندي) فرمايو:

ڇا اوهان رسول الله جي غدير واري هن فرمان ” من کنت مولاه فعلي مولاه“ ۽ هن سندن هن حديث ”َانْتَ مِنِّي بِمَنْزِلَةِهارُونَ مِنْ مُوسي“ کي وساري ڇڏيو آهي. ”6“

 

 

 

خراسان ڏانهن سفر جو آغاز۽  ان  جا    ڪارڻ

جڏهن هارون رشيد جي مرڻ کانپوءِ مامون رشيد تخت نشين ٿيو ته هن ڏٺوته خراسان ۾ شيعن ۽ محمد وآل محمد عليهم السلام سان محبت رکڻ وارن جو هڪ وڏو تعداد موجود آهي جيڪي بني عباس حڪومت کي حضرت امام موسى ڪاظم عليه السلام جو قاتل ۽منصب ولايت جو غاصب سمجهن ٿا، تنهنڪري ماڻهن کي فريب ڏيڻ لاءِ سن 200 ”7“   (يا201 ”8“ ) (هه_ق)۾ حضرت امام علي رضا عليه السلام کي مجبور ڪيائين ته مدينو ڇڏي خراسان اچي ۽ پوءِ کيس پنهنجو وليعهد بڻائڻ جو اعلان ڪيائين ته جيئن ماڻهن کي ڏيکاري امام علي رضا عليه السلام جن حڪومت سان گڏ آهن ۽ هيءَ حڪومت اهلبيت عليهم السلام جي حڪومت آهي.

اهڙي موقعي ته حضرت امام علي رضا عليه السلام حقيقت کان واقف هوندي به مجبور هئا جو وليعهديءَ جو کوکلو منصب قبول ڪن جيتوڻيڪ امام عليه السلامان منصب کي پڻ قبول ڪرڻ تي پنهنجي راضي نه هجڻ جو اعلان ڪيو هئائون.

حضرت امام علي رضا عليه السلام جي خراسان هجرت ڪرڻ واري واقعي جي ڪجهه عرصي کانپوءِ حضرت فاطمه بيبي معصومه عليها السلام بظاهر ڀاءُ سان ملاقات جي شوق ۾ پنهنجي ڀائرن،ڀينرن ۽ ڪجهه ٻين مائٽن۽عزيزن سان گڏجي خراسان ڏانهن پنهنجي انقلابي سفر جو آغاز ڪيو جنهن جو حقيقي مقصد حضرت بيبي زينب سلام الله عليها وانگر پنهنجي مظلوم ڀاءُ۽وقت جي امام جي مظلوميت کان ماڻهن کي آگاهه ڪرڻ هئو.

حضرت بيبي فاطمه معصومه عليها السلام جو قافلو جنهن شهر۽ ڳوٺ کان ٿي گذريو اتان جا ماڻهو سون جي تعداد ۾ سندن استقبال لاءِ ٿي آيا ۽ اهو تبليغ جو بهترين موقعو هئو جو ماڻهوامام علي رضا عليه السلام جي مظلوميت ۽ بني عباس جي حڪومت جي فريب کان آگاهه ٿين.جنهن مان حضرت بيبي معصومه عليها السلام ڀرپور فائدو ورتو ۽ پنهنجي ڀاءُ جي مظلوميت بيان ڪئي.

 

قافلي جو ”ساوه“  شهر ۾ پهچڻ  ۽ حڪومتي ڪارندن سان جنگ

ظالم حڪومت جڏهن حضرت بيبي فاطمه معصومه عليها السلام جي ان انقلابي قدم کان آگاهه ٿي ته کين ڊپ لڳو ته جيڪڏهن حضرت بيبي فاطمه معصومه عليها السلام پنهنجي قافلي سميت خراسان جي سرزمين تائين پهچي وئي ته سندن حڪومت نه بچندي تنهنڪري سازش ڪيائون ته ڪنهن به نموني سندن قافلي کي خراسان پهچڻ کان روڪيو وڃي 

جڏهن حضرت بيبي فاطمه معصومه عليها السلام جو قافلو ”ساوه“ شهر ۾ پهتو ته حڪومت جي ڇڏيل ماڻهن قافلي وارن تي حملو ڪري ڏنو،جڏهن قافلي وارن پنهنجو دفاع ڪيو ته ساڻن جنگ شروع ڪئي وئي جنهن جي نتيجي ۾ حضرت بيبي فاطمه معصومه عليها السلام جي قافلي جا سڀ مرد شهيد ٿي ويا ۽هڪ قول مطابق سائنڻ فاطمه معصومه عليها السلام کي پڻ زهر ڏنو ويو.

بهرحال يا زهر ملڻ ڪري يا ڀائرن۽ عزيرن جي پرديس ۾ اچانڪ شهادت جي ڏک ۽ غم ۾سائنڻ معصومه سلام الله عليها ”ساوه“ شهر ۾ مريض ٿي پيون .

جڏهن اهو محسوس ڪيائون ته هاڻي خراسان پهچڻ ممڪن ناهي ته سوال ڪيائون ته قم هتان ڪيترو پري آهي؟

جڏهن کين ٻڌايو ويو ته قم هتان 10 فرسخن (تقريباً 30 ميل) جي فاصلي تي آهي،ته فرمايائون ته : مون کي قم وٺي هلو مون پنهنجي بابا سائينءَ کان ٻڌو آهي ته فرمائيندا هئا ته ”قم اسان جي شيعن جو مرڪز آهي“ ” 9“

 

قم جي باري ۾

قم شهر تاريخ جي قديم ترين شهر مان هڪ آهي،جڏهن سن 23 هه_ق ۾ ايران مسلمانن هٿان فتح ٿيو ته قم کي به مسلمانن پنهنجي تصرف ۾ آندو ان ئي سال مقامي مسلمانن کان علاوهه عراق کان پڻ ڪجهه مسلمان هجرت ڪري قم ۾ آباد ٿيا، قم هميشه کان شيعن جو مرڪز رهيو آهي جنهن ڪري امام پاڪن جي پڻ هن شهر تي خاص عنايت رهي آهي.

قم جي عظمت کي سمجهڻ لاءَ حضرت امام جعفر صادق عليه السلام جي هيءَ حديث ئي ڪافي آهي ته فرمايائون: ”الله تعالى جو حرم ”مڪه“ آهي،رسول الله 6جو حرم ”مدينو“۽ اميرالمومنين (علي ) عليه السلام جو حرم ”ڪوفه“ آهي،جڏهن ته اسان جو حرم قم شهر آهي “ ”10“

جيئن مٿين حديث ۾ آيو آهي ته

” حضرت امام جعفر صادق عليه السلام جن فرمايو ته : جنت جا اٺ دروازا آهن جن مان ٽي قم ڏي کلن ٿا،عنقريب منهنجي نسل مان هڪ عورت اتي دفن ٿيندي جنهن جونالو فاطمه بنت موسى (ڪاظم)عليها السلام هوندو اسان جا سڀ شيعا سندس شفاعت سان جنت ۾ ويندا“

 

سائنڻ فاطمه معصومه عليها السلامجو قم ۾ وارد ٿيڻ۽ قم وارن جواسقبال

سائنڻ فاطمه معصومه عليها السلام پنهنجي قافلي جي باقي بچيل ماڻهن سان قم ڏانهن راهي ٿي، جڏهن قم جي ماڻهن کي خبر پئي ته حضرت امام موسى ڪاظم عليه السلام جي نياڻي ۽حضرت امام رضاعليه السلام جي ڀيڻ حضرت بيبي فاطمه معصومه عليها السلام قم اچي رهي آهي ته سڀ خوشي وچان سندن استقبال لاءِ شهر کان ٻاهر نڪري آيا ۽ سوين ماڻهن سندن قافلي کي گهيري تمام وڏي عزت ۽احترام سان شهر ۾ وٺي آيا،شهر جي سڀ کان وڏي بزرگ شخصيت جنهن جو نالو ” موسى بن خزرج“ هئو سائنڻ جي اٺ جي مهار پاڻ سنڀالي ۽ پيرئين پنڌ قافلي سان گڏ قم جي شهر ۾ داخل ٿيو.تاريخ وارن سائنڻ فاطمه معصومه عليها السلام جي قم ۾ داخل ٿيڻ جي تاريخ 23 ربيع الاول سن 201 هه_ ق ٻڌائي آهي .

اهو موسي بن خزرج ئي هئو جنهن کي سائنڻ فاطمه معصومه عليها السلام جي ميزبانيءَ جوشرف حاصل ٿيو جو ان جي گهر جو هڪ ڪمرو سائنڻ فاطمه معصومه عليها السلام جي رهائشگاهه قرار پايو. سائنڻ فاطمه معصومه عليها السلام ان گهر ۾ 17 ڏينهن تائين قيام فرمايو جڏهن ته ان دوران سندن ڪم فقط الله سائينءَ جي عبادت ۽ پروردگار سان راز و نياز رهيو.

اهو گهر هن وقت قم شهر جي ”ميدان مير “ واري محلي ۾ آهي ۽ سائنڻ جي ان ڪمري  مٿان هڪ مدرسو ٺهرايو ويو آهي جنهن کي ”مدرسه ستّيه“ سڏين ٿا.جڏهن ته سائنڻ جي عبادت واري  جاءِ پڻ ” بيت النّور “ جي نالي سان مشهور آهي.جتي وڃي ماڻهو عبادت ڪندا آهن ۽ دل جون مرادون پائيندا آهن.

 

پرديس ۾ شهادت يا وفات

سائنڻ فاطمه معصومه عليها السلام قم ۾ 17 ڏينهن تائين زندهه رهڻ کان پوءِ پنهنجي عبادتگاهه ۾ مصلى عبادت تي شهادت پاتي. سندن موت کي ان ڪري به شهادت چئون ٿا جو سائنڻ فاطمه معصومه عليها السلام ظلم خلاف آواز بلند ڪندي وقت جي امام جي مظلوميت کي عيان ڪندي پنهنجي جان ڏني، سندس موت ڪيئن نه شهادت هجي جڏهن ته سائنڻ فاطمه معصومه عليها السلام حق جي حمايت ۾ باطل جي مقابلي ۾ پنهنجي جان فدا ڪري ڇڏي.جيڪڏهن وقت جي امام جي محبت دل ۾ رکي مرڻ شهادت آهي ته پوءِ وقت جي امام جي حمايت ۾ جان قربان ڪرڻ شهادت ڇو نه ٿي، ٿي سگهي؟

سائنڻ فاطمه معصومه عليها السلام بغير ان جي جو خراسان پهچي۽ پنهنجي ڀاءُ جي زيارت ڪري ۽ اتي سندن حمايت ڪري قم جي شهر ۾10 (يا 12) ربيع الثاني  سن 201 هه_ق تي شهادت پاتي ۽ هميشه هميشه لاءِ قم جي سرزمين کي مقدس بڻائي وئي.

 

مدفنِ نور

سائنڻ فاطمه معصومه عليها السلام جي شهادت جي دردناڪ خبر ٻڌي سڄو قم ۽آس پاس جا علائقا ما تم ۽عزاداريءَ ۾ غرق ٿي ويا هرطرف سندن ناگهاني وفات تي گريو۽زاري برپا ٿي ويو۽ هر دل غمگين۽هر اک گريان ٿي وئي،سندن غسل ڪفن لاءِ  قم شهر جي ڪجهه پا ڪ و پاڪيزه عورتن کي گڏ ڪيو جن حضرت بيبي فاطمه معصومه س کي غسل ڪفن ڏنو،سون جي تعداد ۾ ماڻهو سندن جنازي کي کڻي اشعرين جي خانداني قبرستان ڏي هليا جنهن کي”باغ بابلان“  پڻ چيو ويندو هئو. ”12 

جڏهن قبر کوٽجي تيار ٿي ته سڀ پريشان هئا ته ڪير آهي اهو جيڪو ان شرف جو لائق هجي جو سائنڻ جي پاڪ جسد کي قبر ۾ لاهي ؟

ايتري ۾ اولهه پاسي کان ٻه نقاب پوش سوار آيا جن حضرت بيبي فاطمه معصومه عليها السلاممٿان نماز پڙهي کيس دفن ڪيائون۽ جڏهن سڀ ضروري ڪم انجام ٿي چڪا ته بغير ان جي جو ڪنهن سان ڪجهه ڳالهائين،پنهنجي گهوڙن تي سوار ٿي ويا هليا.”13 

تعجب جي ڳالهه نه هوندي جو چئون ته اهي ٻه بزرگوار حضرت امام علي رضا عليه السلام ۽ سندن فرزند حضرت امام محمد تقي عليه السلام هئا.

سندن دفن ٿيڻ کان ڪيترائي سال پوءِ حضرت امام محمد تقيعليه السلامجي هڪ نياڻيءَ جنهن جو نالو زينب خاتون هئو پهريون دفعو سندن مزار مٿان گنبذ جوڙايو”14 “ ،جڏهن ته موجوده گنبذ ايران ۾ اسلامي انقلاب اچڻ کان پوءِ امام خميني Sجي دور ۾ جوڙايو ويو آهي.

 

حوالا


1_ محمد محمدي اشتهاردي  فاطمه معصومه فاطمه دوم ناشر نشر اخلاق قم سال 1380 ش  صفحو 140
2_ رسول جعفريان حيات سياسي وفڪري امامان شيعه ناشر انتشارات انصاريان  صفحو376
3_ محمد محمدي اشتهاردي  فاطمه معصومه فاطمه دوم ناشر نشر اخلاق قم سال 1380 ش  صفحو 147
4_ شيخ حر عاملي، وسائل الشيعة، 29 جلدي، ناشرمؤسسه آل البيت عليهم‏السلام قم، 1409 هه_ق  ‏جلد 14 صفحو 576

 

5_محدث نوري، مستدرڪ  الوسائل، 18 جلدي، ناشرمؤسسه آل البيت عليهم السلام قم، 1408 هه_ق  جلد10 صفحو 210
6_علامه مجلسي، بحار الانوار، 110 جلدي،ناشرمؤسسة الوفاء بيروت - لبنان، 1404 هه_ق
  جلد 57 صفحو 228
7_ علامه اميني ڪتاب
 الغدير, ناشر دار الکتب الاسلامية  تهران 1366 ج1, ص 197 .
4_رسول جعفريان حيات سياسي وفڪري امامان شيعه ناشر انتشارات انصاريان  صفحو226
5_ حسن بن محمد بن حسن قمي  تاريخ قم، (سن 378هجري ۾ لکيل)، فارسي ترجمو: حسن بن على بن حسن عبد المڪ  قمي ناشر انتشارات توس تهران، ، 1361ش. جلد صفحو 213
6_محدث نوري، مستدرڪ  الوسائل، 18 جلدي، ناشرمؤسسه آل البيت عليهم السلام قم، 1408 هه_ق  جلد10 صفحو 207
7_علامه مجلسي، بحار الانوار، 110 جلدي،ناشرمؤسسة الوفاء بيروت - لبنان، 1404 هه_ق
  جلد 57 صفحو 228
8_
 علامه مجلسي، بحار الانوار، 110 جلدي،ناشرمؤسسة الوفاء بيروت - لبنان، 1404 هه_ق  جلد 48 صفحو 290 
9
 _ علامه مجلسي، بحار الانوار، 110 جلدي،ناشرمؤسسة الوفاء بيروت - لبنان، 1404 هه_ق  جلد 48 صفحو 290
10
_ علامه مجلسي، بحار الانوار، 110 جلدي،ناشرمؤسسة الوفاء بيروت - لبنان، 1404 هه_ق  جلد 48 صفحو 290