Get Adobe Flash player

حضرت علي ع جي حڪومت ۾ سندن خدمتون

تاريخ گواھ آهي ته جڏهن اميرالمؤمنين حضرت علي ع  کي 25 سالن جي خانه نشينيءَ کانپوءِ مسلمانن ظاهري خلافت جي حيثيت سان تسليم ڪيو ۽ ان کانپوءِ جمل، صفين ۽ نهروان جون جنگيون ٿيون ته هر هڪ جهاد ۾ امام حسن ع  فقط پنهنجي والد بزرگوار سان جهاد ۾ گڏ ناهن رهيا، بلڪه جنگ ۾ ڪجھ جڳهن تي ڪجھ خاص ڪم به انجام ڏنائون.

 

ڪتاب سير الصّحابه ۽ روضة الصّفا ۾ آهي ته جنگ صفين جي سلسلي ۾ جڏهن ابوموسى اشعري جون چالاڪيون بي نقاب ٿيون ته حضرت علي ع  جن امام حسن ع  ۽ عمار ياسرL کي ڪوفي موڪليو، سندن ڪوفي جي مسجد ۾ پُرجوش خطابَ ماڻهن جي دلين مان ابوموسى اشعريءَ جي ڳالهين جو اثر ختم ڪري ڇڏيو ۽ ماڻهو جٿن جا جٿا ٿي ڪري اميرالمؤمنين علي ع  جي لشڪر ۾ شريڪ ٿيڻ لڳا. اخبارالطّوال جي روايت مطابق نوهزار ڇھ سئو پنجاھ ماڻهن جو جٿو جنگ جي لاءِ تيار ٿيو.

مؤرّخن جو چوڻ آهي ته: جنگ جمل کانپوءِ حضرت عائشه مديني وڃڻ تي راضي نه هئي، حضرت علي ع ، امام حسن ع  کي موڪليو ته پاڻ وڃي حضرت عائشه کي سمجھائين، امام ع  وٽس ويا ۽ کيس راضي ڪري مديني پاڪ واپس موڪليائون. ڪجھ تاريخن ۾ آهي ته امام حسن ع  جنگ جمل ۽ صفين ۾ لشڪر جا علمدار هئا ۽ پاڻ تحڪيم واري معاهدي تي دستخط به ڪئي هئائون ۽ جنگ جمل، صفين ۽ نهروان ۾ به ڀرپور ڪوشش ڪئي هئائون.

امام حسن ع  ۽ جنگ جمل

سڀ کان پهريان ذهن ۾ اهو سوال ٿو اڀري ته هن جنگ کي «جنگ جمل» ڇو ٿو ڪوٺيو وڃي؟ ان جو جواب هيءُ آهي ته هن جنگ ۾ جناب عائشه مديني پاڪ کان اٺ (جمل) تي سوار ٿي وقت جي خليفي اميرالمؤمنين حضرت امام علي ع  سان سامهون ٿيڻ خاطر ميدان جنگ تائين آئي هئي، تنهنڪري هن جنگ کي «جنگ جمل» جي نالي سان ياد ڪيو ٿو وڃي.

جنگ جمل کي وجود ۾ آڻڻ وارا مک ماڻهو

حضرت عثمان جي قتل ٿيڻ وقت جناب عائشه مڪي ۾ هئي، جڏهن خليفي جي قتل جي خبر ٻڌائين ته چوڻ لڳي: لعنت هجي عثمان تي کيس سندس ڪيتي جي سزا ملي! جناب عائشه جو اهو خيال هو ته خليفي جي مرڻ کانپوءِ خلافت طلحه نالي سندس سئوٽ کي ملندي، تنهنڪري مڪي کان جلدي مديني پاڪ واپس موٽي آئي، پر مديني پهچڻ کانپوءِ کيس اها خبر پيئي ته مسلمانن حضرت علي ع  جي بيعت ڪري ڇڏي آهي، ته مايوس ٿيڻ لڳي ۽ کيس حضرت علي ع  جي خليفي هجڻ تي ڏاڍي مٺيان لڳي. پوءِ غصي ۾ اچي هن ريت چوڻ لڳي: خدا جو قسم! عثمان کي مظلوم قتل ڪيو ويو آهي، آئون سندس خون جو پلاند وٺڻ لاءِ قيام ڪنديس. ان تي ابن ڪلاب کيس چيو: خدا جو قسم! سڀ کان پهريان خليفي کي قتل ڪرڻ جو ٻج توئي پوکيو هو، تون ئي ماڻهن جا ڪن ڀرڻ لڳي هئينءَ ته: هو نعثل (يهودي) ٿي ويو آهي کيس قتل ڪري ڇڏيو.[1]

طلحه ۽ زبير پڻ مولا امير ع  جي بيعت ان لالچ ۾ ڪئي هئي ته امام ع  کين بصري ۽ ڪوفي جي گورنري سونپيندو، پر امام ع  پاران نهڪاري جواب ٻڌي، سندن سيني جو سيڪ اجهائڻ خاطر اچي جناب عائشه سان گڏيا. ڄڻ جنگ جمل جي قيادت اهي ٽيئي ڄڻا ڪري رهيا هئا.[2]

امام علي ع  پهريان انهن کي صلح ۽ صفائيءَ ڏانهن سڏيو مگر هو جنگ جوٽڻ جو پڪو پهه ڪري چڪا هئا، نيٺ دشمن جنگ جو آغاز ڪندي تير وسائڻ شروع ڪيا ۽ ائين ئي ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ جنگ جي شروعات ٿي.[3]

امام حسن ع  جو جنگ جمل ۾ ڪردار

امام حسن مجتبى ع  جو جنگ جمل ۾ هڪ انوکو ڪردار رهيو آهي. پاڻ سندن والد گراميءَ جي رڪاب ۾ دشمن کي للڪاريندي وڏي بهادريءَ سان جنگ جي ميدان ۾ لٿا ۽ امام علي ع  جي سورهيه ۽ سورمن سپاهين ۽ ساٿين کان پڻ اڳڀرا ٿي تلوار جا اهڙا جوهر ڏيکاريا جو دشمن جون دليون دهلجڻ لڳيون.[4]

امام حسن ع  جنگ کان اڳ مولا امير ع  جي حڪم سان جناب عمار ياسر ع  ۽ ڪجھ ٻين صحابين سميت حضرت علي ع  جي رڪاب ۾ جنگ ڪرڻ جي دعوت خاطر ڪوفي ويا.[5] جيتوڻيڪ ابوموسى اشعري امام حسن ع  جو ڪوفي اچڻ کان پهريان اتي جي رهواسين کي مولا امير ع  جي رڪاب ۾ جنگ نه ڪرڻ بابت ڀليءَ ڀت ورغلائي چڪو هو، پر تنهن هوندي به امام حسن ع  جي فصيح ۽ بليغ خطبن اتي جي ماڻهن تي ايترو ته اثر وڌو جو پاڻ نون هزارن کان به وڌيڪ لشڪر تيار ڪري ميدان جنگ ۾ وٺي آيا.[6]

ٻنهي ڌرين جي جوڌن تلوارون مياڻ مان ڪڍيون، امام علي ع  حضور پاڪ| واري مخصوص زرهه پاتي ۽ ذوالفقار هٿ ۾ کنئي ۽ نبي اڪرم| وارو پرچم جناب محمّد حنفيهL جي هٿ ۾ ڏنو. بس پوءِ جنگ شروع ٿي ويئي، طلحه ۽ جناب عائشه جا ساٿي اٺ (جمل) کي پنهنجي حلقي ۾ ڪريو ان جي پوري حفاظت ڪري رهيا هئا.

امام علي ع  سندن ساٿين کي فرمايو: هن جي اٺ جا پير مڇي ڇڏيو، سپاهين امام ع  جي حڪم جي تاميل ڪندي اٺ جا پير مُڇي ڇڏيا. تاريخ جي ڪجھ ڪتابن ۾ ملي ٿو ته مولا امير ع  جن پهريان جناب محمّد حنفيهL کي جناب عائشه جي اٺ جا پير مڇڻ لاءِ موڪليو هو پر هو انهيءَ ڪم ۾ ڪامياب نه ٿي سگھيو، ان کان پوءِ مولا امير ع  جن امام حسن ع  کي موڪليو، امام ع  وڏي بهادريءَ سان اٺ جي چوڌاري حفاظت ڪندڙن کي هٽائي ان جا پير مڇڻ۾ ڪامياب ٿيا.[7]

جنگ ختم ٿي ويئي دشمن ٽڙي پکڙي ويا. امام ع  جناب عائشه کي سندس ڀاءُ عبدالرّحمان سان گڏ نهايت ئي ادب ۽ احترام سان مديني پاڪ واپس ڪري ڇڏيو.[8]

امام حسن ع  ۽ جنگ صفين

حضرت امام علي ع  جن جنگ جمل کان پوءِ اڃا سک جو ساھ ئي نه کنيو هو جو کين هڪ اهڙي دشمن سان مهاڏو اٽڪائڻو پئجي ويو جنهن مسلمانن جي هڪ وڏي جٿي کي پنهنجي فريب جي ڦندي ۾ ڦاسائي رکيو هو، جنهن جي تن تي نفاق، مڪر ۽ فريب جي پوشاڪ پهريل هئي، جنهن کي قرآن پاڪ «شجره ملعونه» جي نالي سان ياد ڪيو آهي.

بهرحال هو وقت جي خليفي ۽ رسول خدا| جن جي حقيقي جانشين سان جنگ ڪرڻ خاطر هڪ وڏي ڪٽڪ سميت «صفين» ۾ آيو. امام علي ع  جن خونريزيءَ کي نه چاهيندي کيس صلح تي حاضر ڪرڻ خاطر ڏانهس هڪ وفد کي موڪليو، پر هن ان ڳالھ کي قبول نه ڪيو ۽ نتيجي ۾ ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ جنگ شروع ٿي ويئي.[9]

امام حسن ع  جو جنگ صفين ۾ ڪردار

امام حسن ع  جو جنگ صفين ۾ پڻ اهم ڪردار رهيو، امام ع  جن فصيح، بليغ ۽ پرشور خطبن ذريعي ڪوفي وارن کي مولا امير ع  جي رڪاب ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر جنگ ڪرڻ ۽ دشمن کي سندس پليد ۽ ناپاڪ ارادن ۾ ناڪام بنائڻ جي دعوت ڏني.[10]

حضرت علي ع  جي شهادت ۽ امام حسن ع  جي بيعت

تارخيدانن جو چوڻ آهي ته امام حسن ع  جي والد بزرگوار حضرت علي ع  جن جي سر مبارڪ تي ڪوفي جي مسجد ۾ اوڻيھ رمضان المبارڪ سن چاليھ هجري قمري صبح جي وقت معاويه جي سازش سان عبد الرّحمان بن ملجم مرادي زهر آلودہ تلوار هنئي جنهن ضرب جي ڪري امام علي ع  جن ايڪيھ رمضان المبارڪ سن چاليھ هجري صبح جي وقت شهادت پاتي، ان وقت امام حسن ع  جي عمر مبارڪ ستٽيھ سال ۽ ڇھ ڏينهن هئي. حضرت علي ع  جن جي تدفين کانپوءِ ابن اثير جي قول مطابق عبدالله بن عبّاس جي تحريڪ سان قيس بن سعد بن عبادہ انصاري امام حسن ع  جي بيعت ڪئي ۽ ان کان بعد اتي حاضر ٿيل سڀني ماڻهن سندن بيعت ڪئي جن جو ڳاڻيٽو چاليھ هزار هو. هيءُ واقعو ايڪيھ رمضان المبارڪ سن چاليھ هجري جمعي جي ڏينهن جو آهي



[1] ڪامل ابن اثير، صفحو 105.

[2] احاديث عائشه، صفحو 122 ۽ 123.

[3] فضائل الامام علي×، صفحو 134 ۽ 135.

[4] ابن شهر آشوب، مناقب آل ابي طالب، جلد 4، صفحو 21.

[5] ابن واضح، تايخ يعقوبي، نجف، ناشر: المڪتبة الحيدرية، 1384 هجري قمري، جلد 2، صفحو 170.

[6] ابوحنيفة دينوري، الاخبار الطِّوال، ڇاپو: پهريون، قاهره، دار احياء الڪتب العربي، صفحو 144 ۽ 145؛ ابن اثير، الڪامل في التاريخ، بيروت، دار الصّادر، جلد 3، صفحو 231.

[7] القرشي، موسوعة سيرة اهل بيت، جلد 1، صفحو 403.

[8] فضائل امام علي×، صفحو 128_ 151.

[9]. نفحات من سيرة ائمة اهل البيت عليهم السّلام، اردو، صفحو 110 ۽ 111.

[10]. نصر بن مزاحم، وقعة الصّفين، ڇاپو: ٻيو، قم، ناشر: مڪتبة بصيرتي، 1382 هجري قمري، صفحو 113.