Get Adobe Flash player

سندن اخلاق ۽ مَروت

علّامه ابن شهر آشوب لکي ٿو ته: هڪ ڏهاڙي امام حسن ع  گھوڙي تي چڙهي ڪنهن پاسي وڃي رهيا هئا ته رستي ۾ معاويه جو ڪوئي ماڻهو سندن هتڪ ۽ توهين ڪرڻ لڳو ۽ پنهنجي زبان تي مولا حسن ع  جي لاءِ گٿا لفظ جاري ڪيائين، امام ع  کيس ڪجھ به نه چيو ۽ پاڻ خاموش ٿي سندس حق ۾ ان جي ڪيل جسارت کي ٻڌندا رهيا، جڏهن ان بداخلاقي ختم ڪئي ته پاڻ ان جي قريب ويا ۽ کيس سلام ڪري فرمايائون ته: ڀاءُ! تون شايد مسافر آهين،

جيڪڏهن توکي سواريءَ جي گھرج هجي ته آئون توکي سواري ڏيان، جيڪڏهن تون بکارو آهين ته توکي ماني کارايان، جيڪڏهن ڪپڙن جي گھرج اٿئي ته مان توکي ڪپڙا ڏيان، جيڪڏهن رهڻ جي لاءِ گھر کپئي ته آئون ڪوئي گھر خالي ڪرايان ۽ جيڪڏهن دولت گھرجئي ته توکي ايترو مال ملڪيت ڏيان جو خوش ٿي وڃين، ڪريم امام ع  جا اهي جملا ٻڌي اهو شامي شخص تمام گھڻو شرمندو ٿيو ۽ کانئن جسارت جي معافي گھرندي چوڻ لڳو: آئون گواهي ڏيان ٿو ته تون هن زمين تي خدا جو سچو خليفو آهين، مولا! آئون ته توهان ۽ توهان جي ابن ڏاڏن کان نفرت ڪندو هئس پر توهان جي اخلاق منهنجو من موهي وڌو ۽ مونکي توهان جو غلام بڻائي ڇڏيو آهي، اي سردار! آئون جيستائين زندھ آهيان توهان جي قدمن ۾ رهڻ چاهيان ٿو ۽ توهان جي خدمت چاڪري ڪرڻ چاهيان ٿو.[1]

سندن عبادت ۽ بندگي

امام زين العابدين ع  فرمائن ٿا: امام حسن ع  بهترين عابد، بي مثل زاهد ۽ سڀني کان افضل عالم هئا، پاڻ جڏهن به حج ڪندا هئا ته ان کي پيدل انجام ڏيندا هئا، ڪڏهن ڪڏهن ته پيرين اگھاڙي به حج جي لاءِ ويندا هئا، پاڻ گھڻو ڪري موت، قبر، صراط، بعثت ۽ حشر ۽ نشر کي ياد ڪري روئندا هئا، جڏهن پاڻ وضو ڪندا هئا ته سندن چهري جو رنگ تبديل ٿي ويندو هو ۽ جڏهن به نماز جي لاءِ مصلّي تي بيهندا هئا ته خدا جي خوف وچان ڏڪڻ لڳندا هئا، سندن زندگيءَ جو اهو معمول ۽ رواج هو ته جڏهن به مسجد جي دروازي تي پهچندا هئا ته خدا کي مخاطب تي ڪري فرمائيندا هئا ته: اي منهنجا پالڻهار! تنهنجو گناهگار بندو تنهنجي بارگاھ ۾ آيو آهي، اي بندن مٿان مهربان ۽ مٿن رحم ڪندڙ! تون پنهنجي چڱاين ۽ نيڪين جي صدقي مون جهڙي خطائون ڪندڙ بندي کي معاف ڪر ۽ مون تي پنهنجي ٻاجھ ڪر. پاڻ جڏهن صبح جي نماز کان فارغ ٿيندا هئا ته ايستائين خاموش رهندا هئا جيستائين سج نه اڀري.[2]

سندن زُهد ۽ پارسائي

امام شافعي لکي ٿو ته: امام حسن ع  جن پنهنجو گھڻو مال خدا جي راھ ۾ خرچ ڪري ڇڏيندا هئا ۽ ڪڏهن ڪڏهن پنهنجو اڌ مال خدا جي واٽ ۾ خرچ ڪري ڇڏيندا هئا ۽ اهي هڪ عظيم پرهيزگار ۽ پارسا انسان هئا.

سندن سخاوت ۽ فَراخ دِلي

تاريخدان لکن ٿا ته هڪ سائل امام حسن ع  کان ڪجھ گھريو، جيئن ئي ان سواليءَ جو خالي هٿ سندن اڳيان آيو ته پاڻ کيس پنجاھ هزار درهم ۽ پنج سئو اشرفيون ڏنيون ۽ فرمايائون ته: هڪ مزدور کي وٺي اچو جيڪو هن کي سامان کڻائي وڃي، پوءِ هڪ مزدور آيو ۽ امام ع  جي حڪم سان ان سائل جي سامان کڻڻ ۾ مدد ڪيائين.[3]

اهڙي نموني هڪ ڀيري امام حسن ع  جن ڪنهن سائل کي ڏٺو، اهو خدا کان دعا گھري رهيو آهي ته خدايا! مونکي ڏھ هزار درهم عطا فرماءِ، ته امام ع  گھر وڃي اها رقم ان سائل ڏانهن موڪلي.[4]

امام حسن ع  کان ڪنهن پڇيو ته مولا! توهان ته گھڻو ڪري فاقو رکندا آهيو پر سائل کي واپس ڪونه ٿا موٽايو؟ پاڻ فرمايائون ته: آئون خدا کان گھران ٿو ۽ ان مونکي ڏيڻ جي عادت ڪري ڇڏي آهي ۽ مون ماڻهن کي ڏيڻ جي عادت ڪري ڇڏي آهي، آئون ڊڄان ٿو ته جيڪڏهن مون ماڻهن کي ڏيڻ واري عادت ختم ڪري ڇڏي ته خدا به مون کي ڏيڻ واري عادت ختم ڪري ڇڏيندو ۽ مون کي محروم ڪري ڇڏيندو.[5]

امام حسن  ع  ۽ توڪّل

امام شافعي لکي ٿو ته ڪنهن امام حسن ع  کي عرض ڪيو ته ابوذر غفاري رض  فرمائيندا هئا ته: مونکي تونگريءَ کان وڌيڪ غربت ۽ صحت کان وڌيڪ بيماري پسند آهي، پاڻ فرمايائون ته: خدا پاڪ جناب ابوذر رض  تي رحم ڪري، هُو صحيح چوندو هو پر آئون هينئن ٿو چوان ته: جيڪو به انسان خدا جي قضا ۽ قدر تي توڪّل ڪري ٿو اهو هميشه ان کي پسند ڪندو جنهن کي خدا ان جي لاء پسند ڪندو آهي.[6]

 

 

 



[1]  مناقب، جلد 4 صفحو 53، ڪامل مبروج، جلد2 صفحو 86

[2]   روضة الواعظين بحار الانوار

[3]   مراة الجنان ص 123

[4]   نور الابصار ص 122

[5]  نور الابصار ص  123

[6]   مراة الجنان ج 1 ص 125