Get Adobe Flash player

امام حسن ع پاڻ سڳورن ص  جي نگاهه ۾

ان شيءِ ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته حضرت امام حسن  ع  جن پاڻ سڳورن ص  جن جا ڏهٽا هئا، ليڪن قرآن مجيد کين سندن فرزند هجڻ جو درجو ڏنو آهي ۽ قرآن مجيد پنهنجي دامن ۾ ڪافي جڳهن تي سندن تذڪري کي جاءِ ڏني آهي ۽ نبي ڪريم ص  جن پاڻ به بيشمار حديثون امام  ع  جي باري ۾ ارشاد فرمايون آهن. هڪ حديث ۾ حضور پاڪ ص  جن فرمائن ٿا: آئون حسنين(ع) کي دوست رکان ٿو ۽ جيڪو کين دوست رکي ٿو آئون انهن کي قدر جي نگاھ سان ڏسان ٿو.

 

هڪ صحابيءَ جو چوڻ آهي ته: مون رسول خدا ص  کي ان حالت ۾ ڏٺو جو پاڻ هڪ ڪلهي تي امام حسن  ع  کي ۽ ٻئي ڪلهي تي امام حسين  ع  کي کنيو گھمائين پيا ۽ واري واري سان ٻنهي شهزادن جو منهن مبارڪ به چمن پيا. ۽ هڪ ٻئي صحابيءَ جو چوڻ آهي ته هڪ ڏينهن پاڻ سڳورا ص  نماز پڙهي رهيا هئا ته حسنين ع سندن پشت مبارڪ تي اچي سوار ٿي ويا ڪنهن کين روڪڻ ٿي چاهيو ته حضور پاڪ ص  ان شخص کي اشاري سان جھلي ڇڏيو.[1]

هڪ ڏينهن رسول اڪرم ص  جن امام حسن  ع  کي ڪلهي تي سوار ڪري ڪيڏاهن وٺي وڃي رهيا هئا، هڪ صحابيءَ اهو ڏسي امام حسن  ع  کي مخاطب ٿي ڪري چيو ته: اي شهزادا! تنهنجي سواري ڪيڏي نه سٺي آهي، اهو ٻڌي پاڻ سڳورن ص  جن فرمايو: چئو ته سوار ڪيڏو نه سٺو آهي.[2]

بخاري ۽ مسلم لکن ٿا ته هڪ ڏينهن نبي اڪرم ص  امام حسن  ع  کي پنهنجن ڪلهن تي ويهاري فرمائي رهيا هئا ته: اي الله! آئون هن کي دوست رکان ٿو تون به ساڻس محبت ڪر ۽ کيس دوست رک.

حافظ ابو نعيم روايت ڪري ٿو ته: هڪ ڏينهن نبي اڪرم ص  نماز جماعت پڙهائي رهيا هئا ته اچانڪ امام حسن  ع  جن مسجد ۾ داخل ٿيا ۽ اچي پاڻ سڳورن ص  جي پشت مبارڪ تي سوار ٿي ويا، ان تي نبي اڪرم ص  نهايت ئي نرميءَ سان پنهنجو سر مبارڪ سجدي مان مٿي کنيو، نماز کان پوءِ کانئن ان باري ۾ پڇيو ويو، پاڻ فرمايائون ته: هيءُ منهنجي اميد جو گل آهي «اِبنِي هذَا سَيّد» منهنجو هيءُ پٽ سيّد آهي ۽ هيءُ عنقريب ٻن وڏن گروهن جي وچ ۾ صلح ڪرائيندو.

نسائي عبدالله بن شداد کان روايت ڪري ٿو ته: هڪ ڏينهن نبي اڪرم ص  سومهڻيءَ جي نماز پڙهائڻ لاءِ مسجد ۾ آيا، سندن آغوش (جھوليءَ) ۾ امام حسن  ع  جن هئا، پاڻ ص  نماز ۾ مشغول ٿي ويا، جڏهن سجدي ۾ ويا ته ايترو طول ڏنائون جو آئون اهو سمجھڻ لڳس ته شايد مٿن وحي نازل ٿيو آهي، نماز جي ختم ٿيڻ کانپوءِ کانئن ان جو سبب پڇيو ويو، پاڻ فرمايائون ته: منهنجو پٽ منهنجي پٺيءَ تي اچي سوار ٿيو هو ۽ مون اهو نٿي چاهيو ته جيستائين هو پاڻ پنهنجي مرضيءَ سان نه ٿو لهي آئون کيس پنهنجي پٺيءَ تان لاهيان، ان ڪري سجدي کي ڊگھو ڪرڻو پئجي ويو.

ترمذي، نسائي ۽ ابوداؤد پنهنجن پنهنجن ڪتابن ۾ لکن ٿا ته حضور پاڪ ص  جن هڪ ڏينهن خطبي ۾ رُڌل هئا ته اچانڪ حسنين‘ مسجد ۾ داخل ٿيا ۽ امام حسن  ع  جا قدم مبارڪ سندن عبا ۾ اهڙيءَ طرح وچڙي پيا جو پاڻ زمين تي ڪري پيا، اهو ڏسي ڪائنات جي رسول ص  خطبي کي اتي ئي ڇڏي ڏنو ۽ منبر تان لهي ڪري کين آغوش ۾ ڪيائون ۽ پوءِ منبر تي وڃي وري خطبو شروع ڪيائون.[3]

امام حسن  ع  ۽ جنت جي سرداري

آل محمّد ص  جي سرداري مسلّمات (مڃيل مڃايل حقيقتن) منجھان آهي ۽ ان تي سڀني عالمن جو اتفاق آهي.

نبي اڪرم ص  جن جو ارشاد آهي ته:

اَلحَسَنُ وَ الحُسَينُ سَيّدَا شَبَابِ اَهلِ الجَنَّةِ وَ اَبُوهُمَا خَير مِنهُمَا

حسن ۽ حسين‘ جنت جي جوانن جا سردار آهن ۽ سندن والد بزرگوار حضرت علي  ع  انهن ٻنهي کان بهتر آهي.

حذيفه يماني جو بيان آهي ته مون هڪ ڏينهن پاڻ سڳورن ص  کي تمام گھڻو خوش ڏسي عرض ڪيو ته: اي الله جا نبي ص ! اڄ ايتري خوشيءَ جو   ع  سبب آهي؟ پاڻ ارشاد فرمايائون ته: مونکي اڄ جبرائيل  ع  هيءَ خوشخبري ڏني آهي ته منهنجا ٻئي پٽ حسن ۽ حسينC جنت جي جوانن جا سردار آهن ۽ سندن والد بزرگوار علي  ع  ٻنهي کان بهتر آهن.[4]

امام حسن  ع  ۽ وحيءَ جي ترجماني

علّامه مجلسي6 لکي ٿو ته: امام حسن  ع  جو اهو طور ۽ طريقو هو ته پاڻ ننڍپڻ جي عالَم ۾ پنهنجي نانا پاڪ ص  جن تي نازل ٿيڻ واري وحيءَ جي خبر سندن والدہ ماجدہ حضرت فاطمهh کي اچي ٻڌائيندا هئا، هڪ ڏينهن حضرت علي  ع  بيبي زهراh کي مخاطب ٿي ڪري فرمايو ته: اي فاطمهh منهنجي دل چاهي ٿي ته مان پنهنجي پٽ حسن  ع  کي وحيءَ جي ترجماني ڪندي پاڻ ڏسان ۽ ٻڌان، جناب سيّدہh امام علي  ع  کي امام حسن  ع  جي پهچڻ جو وقت ٻڌايو. هڪ ڏينهن امام علي  ع  جناب حسن  ع  کان اڳ گھر ۾ داخل ٿيا ۽ گهر جي هڪ ڪنڊ ۾ لڪي ويهي رهيا، امام حسن   ع  معمول مطابق بيبي پاڪ آيا ۽ ماءُ جي جھوليءَ ۾ ويهي ڪري وحي ٻڌائڻ شروع ڪيائون، ليڪن ٿوري دير کانپوءِ عرض ڪيائون ته:

يا اُمَّاه قَد تُلَحلِحُ لِسانِي وَ کُلُّ بَيانِي لَعَلَّ سَيّدِي يَرَانِي

 اي امان! اڄ وحيءَ جي ترجمان جي زبان ۾ رنڊڪ ۽ بيان ۾ رڪاوٽ ٿي رهي آهي، مونکي ائين محسوس ٿئي ٿو ته مون کان ڪا بزرگ هستي مونکي ڏسي رهي آهي؛ اهو ٻڌي حضرت امام علي  ع  جن اچي پنهنجي لخت جگر کي کڻي سندن جھوليءَ ۾ ويهاريو ۽ کين چمڻ لڳا.[5]

ننڍپڻ ۾ سندن لوح محفوظ جو مطالعو ڪرڻ

بخاري پنهنجي ڪتاب «صحيح بخاري» ۾ لکي ٿو ته هڪ ڏينهن صدقي طور نبي اڪرم ص  جن جي خدمت ۾ ڪجھ کارڪون آنديون ويون، امام حسن  ع  ۽ امام حسين  ع  انهن کجورن جي ڍير سان کيڏي رهيا هئا، کيڏيندي کيڏيندي راند جي ئي طور تي امام حسن  ع  جن هڪ کارڪ پنهنجي دَهن مبارڪ ۾ وڌي، اهو ڏسي پاڻ سڳورن ص  جن فرمايو ته: اي حسن  ع ! ڇا توکي خبر ناهي ته اسان تي صدقو حرام آهي؟[6]

شهيد ثالث قاضي نور الله شوشتري لکي ٿو ته: جيتوڻيڪ امام تي وحي نازل ڪونه ٿو ٿئي پر کيس الهام ضرور ٿيندو آهي ۽ هو لوح محفوظ جو مطالعو ڪندو آهي، جنهن تي علّامه ابن حجر عسقلاني جو اُهو قول دلالت ڪري ٿو جيڪو هن صحيح بخاريءَ جي هن روايت جي شرح ۾ لکيو آهي جنهن ۾ پاڻ سڳورن ص  امام حسن  ع  جو ماءُ جي ٿڃ پيئڻ واري دور ۾ صدقي جِي کارڪ کي وات ۾ رکڻ تي اعتراض ڪيو هو ۽ پاڻ فرمايائون ته:

کَخ کَخ اَما تَعلَمُ اَنَّ الصَّدَقَةَ عَلَينَا حَرَام

اي حسن! اها کارڪ ٻاهر ڪڍ، ٻاهر اڇلاءِ ڇا توکي خبر ناهي ته اسان تي صدقو حرام آهي ۽ جنهن جنهن شخص اهو گمان ڪيو ته امام حسن  ع  جن ان وقت هڪ کير پياڪ ٻار هئا ۽ مٿن ڪابه شرعي پابندي نه هئي ته پوءِ نبي اڪرم ص  جن مٿن اهڙي قسم جو ڇو اعتراض ڪيو؟ ان جو جواب علّامه عسقلاني پنهنجي ڪتاب ”فتح الباري في شرح صحيح بخاري“ منجھ ڏنو آهي ته واقعاً ئي ننڍڙي ۽ نابالغ ٻار تي ڪا شرعي پابندي ناهي هوندي ليڪن امام حسن  ع  ۽ ٻيا ٻار برابر نٿا ٿي سگھن، ڇو جو ”اِنَّ الحَسَنَ يُطَالِعُ لَوحَ المَحفُوظِ“ امام حسن  ع  جن ننڍپڻ ۾ ئي لوحِ محفوظ جو مطالعو ڪندا هئا.[7]

سندن ننڍپڻ ۽ علمي مسئلا

اها شيءِ چٽي ۽ پڌري آهي ته ائمه معصومين ع  کي علم لَدُني هوندو هو ۽ اهي دنيا منجھ علم جي حاصل ڪرڻ جا محتاج نه هئا، اهو ئي ڪارڻ آهي جو اهي ننڍپڻ ۾ ئي اهڙن علمي مسئلن کان واقف هوندا هئا جن کان دنيا جا عام عالِم به پنهنجي زندگيءَ جي آخري ڏينهن تائين بي خبر ۽ اڻ واقف رهندا هئا. امام حسن  ع  به امامت ۽ عصمت جي سلسلي جي هڪ محڪم ۽ مضبوط ڪَڙي آهن ۽ خاندانِ رسالت جي فردن منجھان هڪ با ڪمال فرد آهن ۽ پاڻ به ننڍپڻ کان ئي علم لدّني جا مالڪ هئا ۽ سوال ڪرڻ واري کي اهڙي نموني سندس مسئلي جو حل ٻڌائيندا هئا جو هو دل ۽ جان سان مطمئن ٿي ويندو هو.

هاڻي اسان هيٺ ڪجھ مسئلا بيان ڪري رهيا آهيون جن جا امام حسن  ع  جن پاڻ جواب ڏنا آهن:

الف: هڪ ڏينهن امام علي  ع  جن «رحبه» نالي مقام تي هئا ۽ امام حسن ۽ امام حسينC پڻ اتي موجود هئا ته اچانڪ هڪَ شخصَ اچي چيو ته اي اميرالمؤمنين(  ع )! آئون توهان جي شهر جو ئي رهاڪو آهيان ۽ آئون توهان جي رعايا منجھان آهيان، امام علي  ع  جن فرمايو: تون ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهين، تون نه ئي منهنجي رعايا منجھان آهين ۽ نه ئي منهنجي شهر جو شهري ۽ رهاڪو آهين، بلڪه تون روم جي بادشاھ جو موڪليل آهين، توکي بادشاھ معاويه ڏانهن ڪجھ مسئلن جي حلّ جي لاءِ موڪليو هو ۽ معاويه توکي مون ڏانهن موڪليو آهي.

ان شخص وراڻيو ته اي علي  ع ! بالڪل توهان جي ڳالھ صحيح ۽ سچي آهي مونکي معاويه ڳُجھي طور تي توهان ڏانهن موڪليو آهي، ۽ ان جي حقيقت خداوند عالم کانسواءِ ٻئي ڪنهن کي به معلوم ناهي، ليڪن توهان علمِ امامت جي ڪري سمجھي ويا، ان کانپوءِ امام علي  ع  جن فرمايو ته: هاڻي انهن مسئلن جا جواب هنن ٻنهي ٻارن منجهان ڪنهن به هڪ کان پڇي وٺ، اهو شخص امام حسن  ع  ڏانهن متوجھ ٿيو ۽ چاهيائين ٿي ته سوال ڪري، ليڪن هن جي سوال پڇڻ کان اڳ امام حسن  ع  جن کي هن جي ذهن ۾ موجود سوالن جِي علمِ امامت سان خبر پئجي ويئي ۽ فرمايائون ته: هيءُ شخص ته اهو معلوم ڪرڻ آيو آهي ته ”حق ۽ باطل جي وچ ۾ ڪيترو فاصلو آهي؟ زمين ۽ آسمان جي وچ ۾ ڪيتري مسافت آهي؟ مَشرق ۽ مغرب ۾ ڪيتري وٿي آهي؟ قوس ۽ قزح ڪهڙي شيءِ ۽ ڇا آهن؟ مخنث ڪنهن کي چوندا آهن؟ ۽ اهي ڏھ ڪهڙيون شيون آهن جن منجھان هر هڪ کي خداوند متعال ٻيءَ کان سخت پيدا ڪيو آهي“؟

امام حسن  ع  کيس چيو ته: اي شخص! ٻڌ، حق ۽ باطل جي وچ ۾ چئن آڱرين جو فاصلو آهي، اکين ڏٺل شيءِ حق ۽ ڪنين ٻڌل باطل آهي، زمين ۽ آسمان جي وچ ۾ ايتري مسافت ۽ فاصلو آهي جو مظلوم جي آہ (درد ڀري دانهن) ۽ اک جي روشني ان تائين پهچي سگھي ٿي، مَشرق ۽ مغرب ۾ ايترو فاصلو آهي جو سج ان کي هڪ ڏينهن ۾ طئي ڪري وٺندو آهي، قوس ۽ قزح، اصل ۾ قوس خدا آهي ڇو ته قزح شيطان جو نالو آهي، ۽ مخنث اُهو شخص آهي جنهن جي باري ۾ اها خبر نه هجي ته مرد آهي يا عورت يعني جنهن جي جسم ۾ ٻئي عضوا هجن، ان جو حڪم هيءُ آهي ته بالغ ٿيڻ تائين سندس انتظار ڪيو وڃي جيڪڏهن احتلام (تَڙُ) پويس ته مرد آهي ۽ جيڪڏهن ماهواري اچيس ۽ پِستان اُڀري اچنس ته عورت آهي.

۽ اهي ڏھ شيون جيڪي هڪٻئي کان سخت ۽ قوي آهن اهي هي آهن: خدا سڀ کان وڌيڪ سخت پٿر کي پيدا ڪيو پر ان کان وڌيڪ سخت لوھ آهي جيڪو پٿر کي به ڪَٽي ڇڏي ٿو ۽ لوھ کان اڃا وڌيڪ سخت باھ آهي جيڪا لوھ کي به پگھاري ڇڏي ٿي ۽ باھ کان وڌيڪ سخت پاڻي آهي جيڪو باھ کي به اجھائي ڇڏي ٿو ۽ پاڻيءَ کان وڌيڪ سخت ڪڪر آهي جيڪو ان پاڻيءَ کي کڻي گھمائي ٿو ۽ ان ڪڪر کان اڃا وڌيڪ سخت هوا آهي جيڪا ڪڪر کي به مختلف جاين تي کڻي گھمائي ٿي ۽ هوا کان وڌيڪ سخت اهو فرشتو آهي جنهن جي حڪم تي هوا هلي ٿي ۽ ان فرشتي کان وڌيڪ سخت ملڪ الموت آهي جيڪو ان فرشتي جو روح قبض ڪندو ۽ ملڪ الموت کان وڌيڪ سخت خود موت آهي جيڪو ملڪ الموت کي به ختم ڪري ڇڏيندو ۽ موت کان وڌيڪ سخت خدا جو حڪم آهي جيڪو موت کي به ٽاري ڇڏي ٿو. امام حسن مجتبى  ع  جا اهي جواب ٻڌي سائل اچرج ۾ پئجي ويو.

ب: حضرت امام محمد باقر  ع  کان منقول آهي ته هڪ مرتبي ڪجھ ماڻهن ڏٺو ته هڪ شخص جي هٿ ۾ رت سان ڀريل ڇري آهي ۽ ان ئي جڳھ تي هڪ ذبح ٿيل شخص به پيو هو، جڏهن کانئس پڇيو ويو ته ڇا تون هن جو قاتل آهين؟ هن وراڻيو ته ها مان ان جو قاتل آهيان، ماڻهو کيس ان ميّت سميت مولا امير  ع  جي خدمت ۾ وٺي وڃڻ لڳا، ايتري ۾ هڪ ٻيو شخص ڀڄندو آيو ۽ چوڻ لڳو ته: هن شخص کي ڇڏي ڏيو هن مقتول جو قاتل آئون آهيان، انهن ماڻهن ان شخص کي به پاڻ سان گڏ ڪري امام علي  ع  جي خدمت ۾ وٺي آيا ۽ سمورو قصو بيان ڪري ٻڌايائون، امام  ع  جن پهرئين شخص کان پڇيو ته جڏهن تون هن جو قاتل نه هئين ته پوءِ ڪهڙو سبب آهي جو تو قاتل هجڻ جو اعتراف ۽ اقرار ڪيو آهي؟ ان شخص وراڻيو ته اي امير المؤمنين(  ع )! آئون هڪ ڪاسائي آهيان مون هڪ گھيٽي کي ذبح ڪيو ايتري ۾ مونکي رفعِ حاجت جو خيال ٿيو جلدي ۽ تڪڙ جي ڪري هيءَ رت سان ڀريل ڪاتي منهنجي هٿ منجھ ئي رهجي ويئي ۽ آئون ٻاهر نڪري آيس جڏهن رفع حاجت جي لاءِ فلان جڳھ تي ويس ڏٺم ته هڪ شخص تازو قتل ٿيل اتي اڇلايو پيو آهي ايتري ۾ ماڻهو به اچي ويا ۽ مون کي جھلي ورتائون ۽ اهو چيائون ته: تون هن شخص جو قاتل آهين مون اهو خيال ڪيو ته هن وقت سڀ ثُبوت موجود آهن منهنجي انڪار تي ڪير ٿو يقين ڪري سگھي ان ڪري مون اقرار ۽ اعتراف ڪيو.

ان کانپوءِ امام علي  ع  ٻئي شخص کان پڇيو ته ڇا تون هن جو قاتل آهين؟ ان وراڻيو ته ها مولا آئون ئي حقيقت ۾ ان مقتول جو قاتل آهيان مان ان کي قتل ڪري اتان کان هليو ويو هئس پر جڏهن ڏٺم ته هڪ بي گناھ ڪاسائيءَ جي جان وڃي پيئي ان ڪري مان حاضر ٿيس ۽ اچي اقرار ڪيم. امام علي  ع  جن فرمايو ته: منهنجي پٽ حسن  ع  کي گھرايو اهو ئي هيءُ فيصلو ڪندو. امام حسن  ع  جن آيا ۽ سموري قصي ٻڌڻ کانپوءِ فرمايائون ته: ٻنهي کي ڇڏي ڏيو، هيءُ ڪاسائي ته بي قصور آهي، ليڪن هيءُ شخص جيتوڻيڪ قاتل آهي ليڪن هن هڪ نفس کي قتل ڪيو آهي ته ٻئي نفس کي بچايو اٿس ۽ قرآن مجيد ۾ خدا پاڪ جو ارشاد آهي ته: ”من احياها فکانّما احيى النّاس جميعاً“ جنهن به هڪ نفس جي جان بچائي ان ڄڻ ته سڀني ماڻهن جي جان بچائي، ان ڪري هن مقتول جو خون بها (خون جو عيوضو) بيت المال منجھان ڏني وڃي.

ج: علي بن ابراهيم قمي پنهنجي تفسير ۾ لکي ٿو ته: روم جي بادشاھ جڏهن امام علي  ع  ۽ معاويه کي لکيو ته توهان ٻئي پنهنجا پنهنجا نمائندا مون ڏانهن موڪليو، مولا امير  ع  جي طرفان امام حسن  ع  ۽ معاويه جي طرفان يزيد نمائندا بڻجي ويا، يزيد اتي پهچي روم جي بادشاھ جا هٿ چميا ۽ امام حسن  ع  ويندي ئي چيو ته: خدا جو شڪر آهي جو آئون يهودي، نصراني، مجوسي وغيرہ ناهيان بلڪه مان خالص مسلمان آهيان. ان کانپوءِ روم جي بادشاھ ڪجھ تصويرون ڪڍيون ۽ چيائين ته: ڇا توهان هنن کي سڃاڻو ٿا؟ يزيد چيو ته: مان هنن منجھان هڪ کي به ڪونه ٿو سڃاڻان ۽ نه ئي ٻڌائي سگھان ٿو ته هي ڪنهن ڪنهن جون تصويرون آهن؟ امام حسن  ع  اهي تصويرون ڏسي سڃاتيون ۽ فرمايائون ته: هڪ تصوير حضرت آدم  ع  جي آهي، هڪ حضرت نوح  ع  جي، هڪ حضرت ابراهيم  ع  جي، هڪ حضرت اسماعيل  ع  جي، هڪ حضرت شعيب  ع  جي ۽ هڪ حضرت يحيى  ع  جي تصوير آهي ۽ ان کانپوءِ هڪ تصوير ڏسي پاڻ روئڻ لڳا، بادشاھ کانئن روئڻ جو سبب پڇيو، امام  ع  فرمايو ته: اها آخري تصوير منهنجي نانا پاڪ ص  جي آهي. ان کانپوءِ بادشاھ سوال ڪيو ته اهي ڪهڙا جاندار آهن جيڪي پنهنجي ماءُ جي پيٽان پيدا نه ٿيا آهن؟ امام حسن   ع  جن فرمايو ته: اي بادشاھ! اهي ست جاندار آهن: حضرت آدم  ع ، حضرت حواh، حضرت ابراهيم  ع  وارو گھيٽو، حضرت صالح  ع  واري ڏاچي، حضرت موسى  ع  واري ازدها ۽ اهو ڪانءُ جنهن اچي حضرت هابيل جي تدفين (جنازي کي دفنائڻ) لاءِ رهنمائي ڪئي. روم جي بادشاھ کي امام  ع  جي زبان پاڪ مان اهڙي قسم جا جواب ٻڌي ڏندين آڱريون اچي ويون ۽ هن امام  ع  جي تمام گھڻي عزت ڪئي ۽ کين قيمتي تحفا تحائف ڏيئي ڪري واپس ڪيو.

امام حسن مجتبى  ع   ۽ قرآن جو تفسير

علامه ابن طلحه شافعي لکي ٿو ته: هڪ شخص ابن عبّاس ۽ ابن عمر کان هن آيت {وَشَاهِدٍ وَمَشْهُودٍ}[8] ۾ «شاهد و مشهود» جي معنى جي باري ۾ پڇيو، ابن عبّاس «شاهد» مان مراد جمعه جو ڏينهن ۽ «مشهود» مان عرفه (9 ذوالحج) جو ڏينهن ٻڌايو ۽ ابن عمر جمعه جو ڏينهن ۽ يوم النّحر (10 ذوالحج) ٻڌايو، ان کانپوءِ اهو شخص امام حسن  ع  وٽ آيو، امام  ع  جن شاهد منجھان مراد رسول خدا ص  ۽ مشهود منجھان مراد قيامت وارو ڏينهن ٻڌايو ۽ دليل ۾ هي آيتون پڙهيون:

1: ”يا اَيُّهَا النَّبِيّ اِنَّا اَرسَلنَاکَ شاهِداً وَ مُبَشّراً وَ نَذِيراً“ اي نبي ڪريم ص  اسان توکي شاهد (گواھ) مبشر (خوشخبري ڏيندڙ) ۽ نذير (ڊيڄارڻ وارو) بڻائي موڪليو آهي.

2: ”ذالکَ يَوم مَجمُوع له النّاس وَ ذَالکَ يَوم مَشهُود

 قيامت جو ڏهاڙو اهو ڏينهن آهي جنهن ڏينهن سڀ ماڻهو هڪ جڳھ تي گڏ ڪيا ويندا ۽ اهو ئي ڏينهن، يومِ مشهود آهي. سائل سڀني سوالن جا جواب ٻڌڻ کان پوءِ چيو ته:

فَکَانَ قَولُ الحَسَنِ اَحسَنَ

امام حسن  ع  جو جواب ٻنهي کان وڌيڪ صحيح ۽ بهترين آهي.[9]

 

 

 



[1] . اصابه، جلد2، صفحو12

[2] . اسد الغابه، جلد3، صفحو 15 بحواله صحيح ترمذي

[3] . مطالب السؤل، صفحو223

[4] . ڪنز العمال، جلد7، صفحو107؛ صواعق محرقه، صفحو117

[5]. بحا الانوار ج 10 ص 193

[6]. صحيح بخاري پارو 6 ص 52

[7]  احقاق الحق ص 127

[8] سورت بروج، آيت 3.

[9]  مطالب السول ص  225