Get Adobe Flash player

سندن ولادت باسعادت پنڌرهن رمضان المبارڪ سن ٽي هجري مديني منوّر ۾ ٿي. امام حسن ع  پنهنجي ناني بزرگوار حضرت محمّد مصطفى ص  جن جي دور منجھان ڪجھ سالن کان وڌيڪ نه ڏٺا؛ڇاڪاڻ ته پاڻ اٽڪل ستن سالن جا هئا جو نبي اڪرم ص  جن هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويا، پاڻ سڳورن ص  جن جي وفات  ص رحلت) کانپوءِ امام حسن ع  جن اٽڪل ٽيهه سال پنهنجي والد گرامي اميرالمؤمنين حضرت علي ع  سان گڏ رهيا، ۽ امام علي ع  جي شهادت  ص هجرت جي چاليهين سال) کانپوءِ پاڻ ڏهن سالن تائين امامت جي عهدي تي فائز رهيا.

۽ هجرت جي پنجاهين  ص 50) سال اسلام جي کوٽي دعوا ڪندڙ ڪنهن نالي ماتر مسلمان جي سازش سان زهر جي اثر جي ڪري ستيتاليهن ورهين جي ڄمار ۾ شهادت پاتائون، کين مديني پاڪ ۾ «بقيع» جي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو.

امام حسن ع  جي ولادت کان پهريان جناب امّ الفضل س  خواب ۾ ڏٺو هو ته نبي اڪرم ص  جن جي جسم پاڪ جو هڪ ٽڪڙو سندس گھر ۾ اچي پهتو آهي، امّ الفضل س  پاڻ سڳورن ص  جن کي اهو خواب بيان ڪري ٻڌايو؛ پاڻ فرمايائون ته: ان خواب جي تعبير هيءَ آهي ته منهنجي لختِ جگر حضرت فاطمه زهرا س  جي بطنِ اطهر مان عنقريب هڪ فرزند پيدا ٿيندو جنهن جي پرورش تنهنجي خوش نصيبيءَ ۾ لکيل آهي. تاريخدانن جو چوڻ آهي ته: رسول اڪرم ص  جن جي گھر ۾سندن ولادت باسعادت پنهنجي نوعيت جي هڪ پهرين خوشي هئي. امام ع  جي ولادت پاڻ سڳورن ص  جي دامن تان مقطوع النّسل  ص سندن پيڙهي ۽ نسل جي نه) هجڻ جي لڳايل داغ کي مٽائي ڇڏيو ۽ دنيا جي اڳيان سورتِ ڪوثر جو هڪ عملي ۽ بنيادي تفسيرُ پيش ڪري ڇڏيو.

سندن اسمِ گرامي

ولادت کانپوءِ سندن نالو مبارڪ «حمزہ» تجويز ٿي رهيو هو پر نبي اڪرم ص  جن خدا پاڪ جي حڪم سان حضرت موسى ع  جي وزير جناب هارون ع  جي فرزندن «شبّر ۽ شبير» جي نالي هجڻ جي اعتبار سان سندن نالو «حسن» رکيو ۽ ان کانپوءِ سندن ڀاءُ جو نالو «حسين» رکيو.[1]

علّامه مجلسي6 بحار الانوار ۾ لکي ٿو ته: امام حسن ع  جن جي ولادت کانپوءِ جناب جبرائيل ع  نبي اڪرم ص  جن جي خدمت ۾ هڪ سفيد قسم جو رومال پيش ڪيو جنهن تي «حسن» لکيل هو.

عِلم النّسب جي ماهر علّامه ابوالحسن جو چوڻ آهي ته: خداوند عالم بيبي فاطمه زهرا س  جي ٻنهي شهزادن جا نالا مبارڪَ پوري جهان جي نظرن کان پوشيدہ  ص لڪائي) رکيا هئا، يعني هن کان اڳ حسن ۽ حسين ڪنهن جو به نالو نه هو.

امامت جي دَهن مبارڪ ۾ رسالت جي زبان

علل شرائع نالي ڪتاب ۾ آهي ته جڏهن امام حسن ع  جي ولادت ٿي ۽ کين نبي اڪرم ص  جن جي خدمت ۾ آندو ويو ته سرور ڪائنات ص  تمام گھڻا خوش ٿيا ۽ سندن دَهن مبارڪ ۾ پنهنجي زبان پاڪ ڏنائون ۽ کين پنهنجي زبان چوسايائون، بحار الانوار ۾ آهي ته پاڻ سڳورن ص  کين پنهنجي جھوليءَ ۾ رکي پيار ڪيو ۽ سندن ساڄي ڪن منجھ اذان ۽ کاٻي ڪن ۾ اقامت چوڻ کانپوءِ سندن زبان امام ع  جي دهن  ص وات) ۾ ڏنائون ۽ امام حسن ع  ان کي چوسڻ لڳا، ان کان پوءِ نبي ڪريم ص  جن دعا گھري ته خدايا! هن کي ۽ هن جي اولاد کي پنهنجي پناھ ۾ رک.

ڪجھ تاريخدانن جو چوڻ آهي ته: امام حسن مجتبى ع  کي لُعابِ رسول ص  جي چوسڻ جو موقعو گھٽ ۽ امام حسين ع  کي گھڻو مليو هو، تنهن ڪري امامت امام حسين ع  جي نسل ۾ رکي ويئي.

امام حسن عليه السّلام جو عقيقو

امام حسن ع  جن جي ولادت جي ستين ڏينهن پاڻ سڳورن ص  جن پنهنجي هٿن سان سندن عقيقو ڪيو ۽ سندن سر مبارڪ جا وار ڪتري ان جي مقدار جيتري چاندي صدقي ۾ ڏني.[2]

علّامه ڪمال الدّين جو چوڻ آهي ته: امام ع  جي عقيقي ۾ هڪ گھيٽو ذبح ڪيو ويو هو.[3]

ڪتاب اصول ڪافي ۾ آهي ته نبي ڪريم ص  جن سندن عقيقي جي وقت جيڪا دعا پڙهي هئي اها هن ريت آهي:

”اَللّهُمَّ عَظمها بِعَظمه وَ لَحمهَا بِلَحمه وَ دَمهَا بِدَمه وَ شَعرِهَا بِشَعره اَللّهُمّ اجعَلهَا وقاء لِمُحَمَّد وَ آله“

 اي الله! هن ذبيحه جي هڏين کي هن مولود جي هڏين جي عوض، هن جي گوشت کي هن مولود جي گوشت جي عوض، هن جي خون کي هن مولود جي خون جي عوض ۽ هن جي وارن کي هن مولود  ص حسن) جي وارن جي عوض قرار ڏي ۽ هن کي محمّد| و آل محمد ع  جي لاءِ هر بلا ۽ مصيبت کان نجات جو ذريعو بڻاءِ. امام شافعي جو چوڻ آهي ته: پاڻ سڳورن ص  جن امام حسن ع  جو عقيقو ڪري ان جي سنت  ص مستحب) هجڻ جي دائمي بنياد وجھي ڇڏي.[4]

سندن ڪُنيت ۽ لقبَ

امام حسن  ع  جي ڪنيت ابو محمّد آهي ۽ سندن لقبَ تمام گھڻا آهن جن منجھان طيّب، تقي، سبط، سيّد ۽ مجتبى گھڻا مشهور آهن. محمد بن طلحه شافعيءَ جو چوڻ آهي ته: کين «سيّد» جو لقب نبي اڪرم ص  عطا ڪيو هو.[5]

زيارت عاشورہ جي پڙهڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته سندن لقب ناصح ۽ امين پڻ آهي.

امام حسن ع  جي فضيلت

حضرت امام حسن مجتبى ع  جي فضيلت بيان ڪرڻ لاءِ ايترو ئي ڪافي آهي ته فاتح خيبر، حيدر ڪرار، اميرالمؤمنين حضرت علي مرتضى ع  جهڙو عابد، زاهد ۽ پارسا انسان سندن والد گرامي ۽ پوري ڪائنات جي عورتن جي سردارِ، دنيا جي سمورين عورتن جي لاءِ الگو ۽ نمونه عمل، سچي سائڻ حضرت فاطم زهرا  س  جهڙي عظيم شخصيت سندن ماءُ آهي. جنهن جو ڏاڏو حضرت ابوطالب  ع  جهڙي هستي جنهن جي جھوليءَ ۾ نبوت ۽ رسالت پلجي وڏي ٿي، جنهن پنهنجي پوري زندگي نبوت ۽ رسالت جي رکوالي ڪندي گذاري ڇڏي ۽ سندن ڏاڏي فاطمه بنت اسد  س  جهڙي معظمه بيبي جنهن جي لاءِ ايترو ئي چوڻ ڪافي آهي ته جنهن جي عظمت خاطر ڪعبة الله جي ديوار شگاف ٿي ۽ ڪعبي ۾ داخل ٿيڻ خاطر بيبيءَ جي لاءِ نئون در ٺهيو، جنهن امام جو نانو ٻنهي جهانن جي لاءِ رحمت بڻجي آيو، جيڪو خدا جي وحيءَ کان بنا پنهنجي چپن کي چوري ئي ڪونه ٿو ۽ جنهن جي ناني جيڪا تاريخ اسلام جي اها پهرين دلير خاتون آهي جنهن پنهنجو پورو مال دين اسلام مٿان خرچ ڪري ڇڏيو، جنهن جو چاچو جعفر طيار بن ابيطالب‘ آهي جنهن کي الله سائينءَ جنت ۾ ٻه پر عطا ڪيا ۽ اهو اتي سير ڪندو رهي ٿو ۽ جنهن جو ڀاءُ امام حسين ع  جهڙي ڪائنات جي اها عظيم هستي آهي جيڪا ڏهينءَ جي ڏينهن، ڪربلا جِي تَتل ريت تي، صبح کان شام تائين، پنهنجي جوڌن جا جنازا ڍوئي، نِٽهڻ اُس ۾ تِيرن جي تيز بارش جي بُوندار ۾، ظُهر جِي نماز ادا ڪرڻ کان پوءِ، پنهنجي خالق جي رضا خاطر ڪجھ ئي گھڙين ۾ سندس ڀَريو گھر لُٽائي، سجدي ۾ سر رکي، مُڏي خنجر سان ان دور جي ڪنهن درنده صفت انسان جي ناپاڪ هٿن سان، ڪنهن وهندڙ درياءَ جي ڪنڌيءَ تي، سندس خشڪ گلو ڪٽرائي، اسلام کي هميشه جي لاءِ جياپو ڏيئي ويئي، جنهن جي ڀيڻ زينب ڪبرى س  جهڙي شيردل خاتون جنهن پنهنجي فصيح ۽ بليغ خطبن جي ذريعي باطل جي بنياد کي لوڏي ڇڏيو.

قرآني پاڪ ۾ پڻ امام حسن ع  جي فضيلت نمايان آهي، امام ع  جن رسول پاڪ| جي اهل بيت ع  منجهان آهن، «انّما» واري آيت جو اتم مصداق آهن. ان کان علاوه پاڻ آيت مودّت ۽ آيت مباهله جو پڻ روشن ۽ واضح مصداق آهن ۽ الله جي رسولَ حضرت محمّد مصطفى| جن جي نگاھ ۾ سندن فضيلت ڪنهن کان به ڳجھي نه آهي. اختصار کي نظر ۾ رکندي پاڻ سڳورن| جن جي هتي رڳو هڪ حديث نقل ڪجي ٿي. حضور پاڪ| جن فرمائن ٿا: «لَو کَانَ العقلُ رَجُلاً لَکَانَ الحَسَنَ».[6] جيڪڏهن عقل ڪنهن انسان جي روپ ۾ هجي ها ته اهو  ص منهنجو فرزند) حسن ع  هجي ها.

 

 



[1] . تحليلي زندگاني سياسي امام حسن عليه السّلام، ص 30

[2]. اسد الغابه ج 3 ص 13

[3]  مطالب السؤل ص220

[4] . مطالب السؤل، صفحو220

[5] . مطالب السؤل، صفحو 221

[6]  فرائد السبطين، ج 2 ص 68