Get Adobe Flash player

شيعه ڇو مٽي تي سجدو ڪندا آهن؟

جواب: ڪجهه ماڻهو اهو سمجهندا آهن ته مٽي يا شهيدن جي تربت تي سجدو ڪرڻ انهن جي عبادت ڪرڻ وانگر آهي ۽ اهو هڪ قسم جو شرڪ آهي. ان سوال جي جواب طور ان ڳالهه ڏانهن توجهه ڏيارڻ ضروري آهي ته السجود لله ۽ السجود علي الارض وارن ٻن جملن ۾ وڏو فرق آهي ۽ مٿئين سوال مان ظاهر آهي ته سوال ڪرڻ وارو انهن ٻن جملن ۾ موجود فرق کي سمجهي نه سگهيو آهي.

 

السجود لله جي معنى اها آهي ته سجدو الله لاءِ هوندو آهي ۽ السجود علي الارض مان مراد آهي ته سجدو زمين ۽ مٽي تي ٿيندو آهي. ٻين لفظن ۾ اسان زمين تي عظمت واري الله جو سجدو بجا آڻيندا آهيون. اصولي طور تي دنيا جا سڀ مسلمان ڪنهن نه ڪنهن شي مٿان سجدو ڪندا آهن جڏهن ته اهو سجدو الله لاءِ هوندو آهي. مسجد الحرام ۾ به ماڻهو پٿر تي سجدو ڪندا آهن. جڏهن ته انهن جو مقصد الله کي سجدو ڪرڻ هوندو آهي.

ان بيان سان اها ڳالهه واضح ٿي وئي ته مٽي يا پن يا ڪنهن ٻئي شي تي سجدو ڪرڻ انهن شين جي عبادت نه آهي، بلڪه الله جي عظمت اڳيان جهڪندي مٽي تي سجدو ڪيو ويندو آهي ۽ اهڙي ريت اها ڳالهه به واضح ٿي وئي ته خاڪ شفا تي سجدو ڪرڻ، ان خاڪ کي سجدو ڪرڻ نه آهي. قرآن مجيد فرمائي ٿو: وَلِلّهِ يَسْجُدُ مَن فِي السَّمَاوَاتِ وَالأَرْضِ، (سورت رعد، آيت 15) ترجمو: ۽ آسمانن ۽ زمين ۾ (مخلوقات مان) جيڪي به آهن سي الله کي (سندس قانون مطابق) سجدو ڪندا آهن.

پيغمبر اڪرم صلي الله عليه و آله وسلم به فرمائن ٿا: جُعِلَت لِي الاَرضُ مَسجِدَا وَ طَهُورَا، (صحيح بخاري، ڪتاب الصلوة، صفحو 91) ترجمو: مون لاءِ زمين سجدي جي جڳهه ۽ پاڪ ڪندڙ بڻائي وئي آهي.

تنهن ڪري الله لاءِ سجدي ۽ مٽي يا زمين تي سجدي جي هڪٻئي سان مڪمل هڪجهڙائي آهي. ان ڪري جو مٽي يا پن تي سجدي ڪرڻ ۾ الله سائين سامهون انتهائي درجي جي عاجزي ظاهر ٿئي ٿي. ان بابت شيعن جي نظرئي جي وضاحت لاءِ بهتر آهي ته اسان امام جعفر صادق عليه السلام جي حڪمت ڀرئي فرمان کي پيش ڪريون: عن هشام ابن الحکم قال قلت لابي عبد الله عليه السلام اخبرني عما يجوز السجود عليه و عما لا يجوز عليه؟ قال: السجود لا يجوز الَّا علي الارض او ما انبتت الارض الَّا ما اکل او لبس فقلت له: جعلت فداک ما العلّة في ذالک؟ قال لان السجود هو الخضوع لله عزّ و جلّ فلا ينبغي ان يکون على ما يوکل و يلبس لان ابناء الدنيا عبيد ما ياکلون و يلبسون والساجد في سجوده في عبادة الله عزّ و جلّ فلا ينبغي ان يضع جبهته في سجوده على معبود ابناءِ الدنيا الذين اغتروا بغرورها والسجود على الارض افضل لانه ابلغ في التواضع والخضوع لله عزّ و جلّ، (بحارا الانوار، جلد 85، صفحو 147 علل الشرائع کان نقل ڪندي.) ترجمو: هشام بن حڪم چئي ٿو ته مون امام صادق عليه السلام جي خدمت ۾ عرض ڪيو ته اوهان رهنمائي فرمايو ته ڪهڙين شين تي سجدو ڪرڻ صحيح آهي ۽ ڪهڙين شين تي صحيح نه آهي؟ امام عليه السلام فرمايو: سجدو صرف زمين ۽ ان مان ڦٽندڙ شين تي ٿي سگهي ٿو، ليڪن کائڻ ۽ پائڻ وارين شين تي سجدو نه ٿو ڪري سگهجي. مون عرض ڪيو: مان توهان تان قربان وڃان ان جو سبب ڇا آهي؟ امام عليه السلام فرمايو: سجدو الله تبارڪ و تعالى لاءِ نياز ۽ نوڙت خاطر آهي. تنهن ڪري اهو صحيح نه آهي ته کائڻ ۽ پائڻ وارين شين تي سجدو ڪيو وڃي، ان ڪري جو دنيا پرست ماڻهو، خوراڪ ۽ لباس جا ٻانها آهن، جڏهن ته انسان سجدي جي حالت ۾ الله تبارڪ و تعالى جي عبادت ۾ مصروف هوندو آهي، تنهن ڪري اهو مناسب نه آهي ته پنهنجي پيشاني ڪنهن اهڙي شي مٿان رکي جنهن کي دنيا پرست پنهنجو معبود سمجهندا آهن ۽ اهي دنيا جي ڌوڪي ۾ اچي ويا آهن. ۽ زمين تي سجدو ڪرڻ افضل آهي ڇو ته ان سان الله جي بارگاهه ۾ زيادهه نياز ۽ نوڙت جو اظهار ٿيندو آهي.

امام عليه السلام جو اهو ڪلام ان ڳالهه جي شاهدي ڏئي ٿو ته مٽي تي سجدو ان لاءِ ڪيو ويندو آهي جو اهو ڪم الله جي بارگاهه ۾ نياز ۽ نوڙت کي ظاهر ڪرڻ جو سڀ کان ڀلو طريقو آهي.

هتي هڪ ٻيو سوال به پيدا ٿئي ٿو ته شيعه صرف مٽي ۽ پن جي ڪجهه قسمن تي ئي سجدو ڇو ڪندا آهن ۽ باقي شين تي سجدو ڇو نه ڪندا آهن؟

ان سوال جو جواب هي آهي ته جهڙي طرح اهو ضروري آهي ته هر عبادت جو حڪم شريعت جي طرفان اسان تائين پهچي، اهڙي ريت اهو به ضروري آهي ته ان جا سڀ شرائط، اجزاء ۽ ان جو طريقو به شريعت بيان ڪندڙ شخصيت يعني پيغمبر اڪرم صلي الله عليه و آله وسلم جي اقوال ۽ ڪردار ذريعي اسان تائين پهچي. ان لاءِ جو قرآن مجيد جي حڪم مطابق سڀني مسلمانن لاءِ نموني عمل فقط پاڻ سڳورن صلي الله عليه و آله وسلم جي ذات آهي.

هاڻي اسان ڪجهه اهڙيون حديثون ذڪر ڪريون ٿا جيڪي هن موضوع بابت پيغمبر اڪرم صلي الله عليه و آله وسلم جي سيرت کي بيان ڪن ٿيون ته پاڻ سڳورا صلي الله عليه و آله وسلم مٽي ۽ زمين مان ڦٽندڙ ڪجهه شين جي ٺهيل تڏي وغيرهه تي سجدو ڏيندا هئا ۽ اڄ شيعن جو به اهو ئي عقيدو آهي ته گهڻن ئي مسلمان محدثن پنهنجي صحيح ۽ مسندن ۾ پاڻ سڳورن صلي الله عليه و آله وسلم کان نقل ڪيو آهي ته پاڻ سڳورن زمين جو پنهنجي لاءِ سجدي جي جڳهه جي عنوان سان تعارف ڪرايو هئو. پاڻ سڳورا صلي الله عليه و آله وسلم فرمائن ٿا:جعلت لي الارض مسجدا و طهورا،(سنن بيهقي، جلد 1، صفحو 212 باب التيمم باصعيد الطيب، صحيح بخاري، جلد 1، ڪتاب الصلوت، صفحو 191، اقتضاء الصراط المستقيم، ابن تيميه، صفحو 332

) ترجمو:منهنجي لاءِ زمين سجدي جي جڳهه ۽ پاڪ ڪندڙ قرار ڏني وئي آهي.

1_ ان حديث ۾ جُعِلَت قانون ٺاهڻ جي معنى ۾ آهي. ان مان اها ڳالهه واضح ٿي وڃي ٿي ته اهو مسئلو دين اسلام جي پيروي ڪرڻ وارن لاءِ هڪ خدائي حڪم آهي. ان حديث منجهان، مٽي، پٿر ۽ هر ان شي تي سجدي جو جواز ثابت ٿئي ٿو جنهن کي زمين چئي سگهجي.

2_ ڪجهه ٻيون روايتون ان نڪتي تي دلالت ڪن ٿيون ته پيغمبر اڪرم صلي الله عليه و آله وسلم ماڻهن کي حڪم ڏنو آهي ته سجدو ڪرڻ وقت پنهنجيون پيشانيون مٽي تي رکن، جهڙي ريت پاڻ سڳورن جي گهر واري ام سلمه کانئن روايت ڪري ٿي ته پاڻ سڳورن صلي الله عليه و آله وسلم فرمايو: ترِّب وجهک لله،(ڪنز العمال، جلد 7، صفحو 465، حديث نمبر 19809، ڪتاب الصلوة، السجود و ما يتعلق به ) ترجمو: الله خاطر پنهنجو چهرو مٽي تي رک.

هن حديث ۾ موجود ترِّب لفظ منجهان ٻه نڪتا سمجهه ۾ اچن ٿا. هڪ اهو ته انسان کي سجدو ڪرڻ مهل پنهنجي پيشاني مٽي تي رکڻ گهرجي. ٻيو اهو ته ترِّب امر جو صيغو آهي تنهن ڪري مٽي تي سجدو ڪرڻ واجب آهي.

3_ خود پاڻ سڳورن صلي الله عليه و آله وسلم جو عمل به مٽي تي سجدي جي صحيح هجڻ جو بهترين شاهد آهي. وائل بن حجر چئي ٿو: رايت النبي صلي الله عليه و آله وسلم اذا سجد وضع جبهته و انفه علي الارض، (احڪام القرآن، جصاص حنفي، جلد 3، صفحو 209، باب السجود على الوجه.) ترجمو: مون نبي اڪرم صلي الله عليه و آله وسلم کي ڏٺو جڏهن سجدو ڪندا هئا پنهنجي پيشاني ۽ نڪ زمين تي رکندا هئا.

انس بن مالڪ، ابن عباس ۽ پيغمبر اڪرم صلي الله عليه و آله وسلم جون گهرواريون جيئن بيبي عائشه ۽ ام سلمه ۽ گهڻن محدثن هن ريت روايت ڪئي آهي:

کان رسول الله يصلي على الخمرة، (سنن بيهقي، جلد 2، صفحو 421، ڪتاب الصلوة على الخمره ) ترجمو: رسول اڪرم صلي الله عليه و آله وسلم تڏي تي نماز پڙهندا هئا (اهڙي تڏي تي جيڪا کجي جي پنن مان تيار ڪئي ويندي هئي)

پاڻ سڳورن صلي الله عليه و آله وسلم جو صحابي ابو سعيد چئي ٿو ته: دخلت علي رسول الله صلي الله عليه و آله وسلم و هو يصلي على حصير، (سنن بيهقي، جلد 2، صفحو 421، ڪتاب الصلوة على الخمره ) ترجمو: مان رسول الله صلي الله عليه و آله وسلم جي خدمت ۾ حاضر ٿيس ته ان وقت پاڻ تڏي تي نماز پڙهي رهيا هئا.

اها ڳالهه شيعن جي نظرئي جي صحيح هجڻ جي گواهي ڏئي رهي آهي ڇو ته اهي به اهو ئي چوندا آهن ته زمين مان ڦٽندڙ انهن شين تي سجدو ڪرڻ صحيح آهي جيڪي نه کاڌيون وڃن ۽ نه وري پاتيون وڃن.

 

4_ پيغمبر اڪرم صلي الله عليه و آله وسلم جي اصحاب ۽ تابعين جي سيرت ۽ انهن جا اقوال به هن باب ۾ پاڻ سڳورن صلي الله عليه و آله وسلم جي سنت کي بيان ڪن ٿا:
جابر بن عبد الله انصاري چون ٿا: کنت اصلي الظهر مع رسول الله صلي الله عليه و آله وسلم فاخذ قبضة من الحصاء لتبرد في کفي اضعها لجبهتي اسجد عليها لشدة الحر،) سنن بيهقي، جلد 1، صفحو 439، ڪتب الصلوة، باب ما روي في التعجيل بها في شدة الحر (ترجمو: جڏهن مان رسول الله صلي الله عليه و اله وسلم سان ٻيپهري جي نماز پڙهندو هئس ته پنهنجي هٿ ۾ پٿريون کڻي بيهندو هئس ته جيئن اهي منهنجي هٿ ۾ ٿڌيون ٿي وڃن ۽ اهي سجدي مهل پنهنجي پيشاني هيٺان رکي سگهان ڇو جو گرمي تمام گهڻي هئي.
۽ پوءِ پاڻ راوي ان ڳالهه جو واڌارو ڪيو آهي ته جيڪڏهن پنهنجي ڪپڙن تي سجدو جائز هجي ها ته اهو پٿريون هٿ ۾ کڻي بيهڻ ۽ انهن کي سنڀالڻ کان سولو هئو.
ابن سعد (متوفي 209 هجري) پنهنجي ڪتاب الطبقات الڪبرى ۾ هن ريت لکي ٿو: کان مسروق اذا خرج يخرج بلبنة يسجد عليها في السفينة، (الطبقات الڪبرى، جلد 6، صفحو 79، ڇاپو بيروت، مسروق بن اجدع جي حالات کي بيان ڪرڻ مهل ) ترجمو: مسروق بن اجدع جڏهن سفر تي نڪرندا هئا ته پاڻ سان گڏ هڪ ڪچي سِر رکندا هئا ته جيئن ٻيڙِي ۾ ان تي سجدو ڪري سگهن.
مسروق بن اجدع، ابن مسعود جي اصحاب ۽ پيغمبر اڪرم صلي الله عليه و آله وسلم جي تابعين منجهان هئا. ڪتاب الطبقات الڪبرى جو مولف انهن بابت لکي ٿو: پيغمبر اڪرم صلي الله عليه و آله وسلم کان پوءِ مسروق، اهل ڪوفه منجهان پهرئين طبقي وارن ماڻهن منجهان هئا ۽ ابو بڪر، عمر، عثمان، علي عليه السلام ۽ عبد الله بن مسعود کان روايتون نقل ڪيون اٿن.
ان ڪلام مان اها ڳالهه پڌري ٿئي ٿي ته مٽي جي سجده گاهه گڏ رکڻ هرگز شرڪ يا بدعت نه آهي ڇو جو اصحابي سڳورا به ائين ڪندا هئا. (ان سلسلي ۾ وڌيڪ ثابتين لاءِ علامه اميني جي ڪتاب سيرتنا ڏانهن رجوع ڪيو وڃي)
نافع چئي ٿو: ان ابن عمر کان اذا سجد و عليه العمامة يرفعها حتى يضع جبهته باالارض،(سنن بيهقي، جلد 2، صفحو 105، ڇاپو حيدرآباد دکن، ڪتاب الصلوة باب الڪشف عن السجدة في السجود )ترجمو: عبد الله بن عمر سجدي مهل پنهنجو عمامو مٿي ڪري ڇڏيندا هئا ته جيئن پنهنجي پيشاني زمين تي رکي سگهن.
رزين چئي ٿو: کتب الي علي بن عبد الله بن عباس رضي الله عنه ان ابعث الي بلوح من احجار المروة اسجد عليها،(ازرقي، اخبار مڪه، جلد 3، صفحو 151)ترجمو: علي بن عبد الله بن عباس رضي الله عنه مون کي لکيو ته مروه جبل جي پٿر جي هڪ تختي مون ڏانهن موڪل ته جيئن مان ان تي سجدو ڪري سگهان.
5_ ٻئي پاسي کان مسلمان محدثن ڪجهه روايتون نقل ڪيون آهن جن مطابق پيغمبر اڪرم صلي الله عليه و آله وسلم اهڙن ماڻهن کي ٽوڪيو آهي جيڪي سجدي ڪرڻ مهل پنهنجي پيشاني ۽ زمين جي وچ ۾ پنهنجي عمامي جو ڪپڙو حائل ڪندا هئا.
صالح سبائي چئي ٿو: ان رسول الله صلي الله عليه و آله وسلم راي رجلا يسجد على جنبه و قد اعتم على جبهته فحصر رسول الله صلي الله عليه و آله وسلم على جبهته،(سنن بيهقي، جلد 2، صفحو 105)ترجمو: رسول الله صلي الله عليه و آله وسلم پنهنجي ويجهو اهڙي ماڻهو کي سجدو ڪندي ڏٺو جنهن پنهنجي پيشاني تي عمامو ٻڌي ڇڏيو هئو ته پاڻ سڳورن صلي الله عليه و آله وسلم انهن جو عمامو هٽائي ڇڏيو.
عياض بن عبد الله قرشي چئي ٿو: راي رسول الله صلي الله عليه و آله وسلم رجلا يسجد على کور عمامته فوم بيده ارفع عمامتک و اوما الى جبهته،(سنن بيهقي، جلد 2، صفحو 105)ترجمو: رسول الله صلى الله عليه و آله وسلم هڪ شخص کي ڏٺو جيڪو پنهنجي عمامي جي هڪ حصي تي سجدو ڪري رهيو هئو ته پاڻ سڳورن ان ڏانهن هٿ کڻي پيشاني ڏانهن اشارو ڪندي فرمايو پنهجو عمامو مٿي کڻ.
انهن روايتن مان اها ڳالهه ثابت ٿئي ٿي ته رسول الله صلي الله عليه و آله وسلم جي زماني ۾ زمين تي سجدو ڪرڻ هڪ لازمي عمل هئو ۽ جڏهن به ڪو ماڻهو پنهنجي عمامي يا پٽڪي تي سجدو ڪندو هئو ته پاڻ سڳورا صلي الله عليه و آله وسلم ان کي انهي ڪم کان روڪيندا هئا.
6_ شيعن جي پاڪ امامن سڳورن عليهم السلام، جيڪي حديث ثقلين مطابق، قرآن کان ڪڏهن به جدا نه ٿيندا ۽ ٻئي پاسي کان اهي پيغمبر اڪرم صلي الله عليه و آله وسلم جا اهل بيت به آهن، انهن زمين تي سجدي ڪرڻ کي چٽي ريت بيان ڪيو آهي. امام صادق عليه السلام فرمائن ٿا: السجود على الارض فريضة و على الخمرة سنة، (وسائل الشيعة، جلد 3، صفحو 593، ڪتاب الصلوة ابواب ما يسجد عليه، حديث نمبر 7) ترجمو: زمين تي سجدو ڪرڻ الله جو حڪم آهي ۽ تڏِي تي سجدو ڪرڻ پيغمبر اڪرم صلي الله عليه و آله وسلم جي سنت آهي.
هڪ ٻئي جڳهه تي فرمائن ٿا: السجود لا يجوز الا على الارض او على ما انبتت الارض الا ما اکل او لبس، (وسائل الشيعة، جلد 3، صفحو 593، ڪتاب الصلوة ابواب ما يسجد عليه، حديث نمبر 1) ترجمو: زمين يا ان مان ڦٽندڙ شين کان علاوهه تي سجدو صحيح نه آهي، ليڪن کائڻ ۽ پائڻ وارين شين تي سجدو نه ٿو ٿي سگهي.
نتيجو: بيان ڪيل ثابتين ۽ دليلن جي روشني ۾ اها ڳالهه واضح ٿي وڃي ٿي ته نه فقط اهل بيت اطهار عليهم السلام جون روايتون بلڪه رسول الله صلي الله عليه و آله وسلم جي سنت ۽ پاڻ سڳورن جي اصحاب ۽ تابعين جي سيرت ان ڳالهه جون شاهد آهن ته سجدو صرف زمين يا ان مان ڦٽندڙ شين (جيڪي کائڻ ۽ پائڻ واريون نه هجن) تي ئي ڪري سگهجي ٿو. انهن کان علاوهه باقي ٻين شين تي سجدي جي جائز هجڻ ۾ اختلاف آهي، تنهن ڪري احتياط تي عمل ڪندي ڪاميابي ۽ ڇوٽڪاري جي واٽ صرف اها آهي ته انهن شين تي سجدو ڪيو وڃي جن تي سڀ متفق آهن. آخر ۾ اسان ان نڪتي ڏانهن ڌيان ڇڪائڻ ضروري سمجهون ٿا ته هي بحث صرف هڪ فقهي مسئلي بابت آهي ۽ اهڙن جزئي مسئلن بابت مسلمان فقهاء جي درميان ڪافي اختلاف آهن، ليڪن اهڙن اختلافن سبب پريشان نه ٿيڻ گهرجي، ڇو جو ان قسم جا فقهي اختلاف اهل سنت جي چئن فرقن ۾ تمام گهڻا آهن. مثال طور مالڪي چون ٿا ته نڪ کي سجدي گاهه تي رکڻ مستحب آهي. جڏهن ته حنبلي چون ٿا ته اهو عمل واجب آهي ۽ ان کي ڇڏڻ جي صورت ۾ سجدو باطل ٿي ويندو. (الفقه على المذاهب الاربعة، جلد 1، صفحو 161، ڇاپو مصر، ڪتاب الصلوة، بحث سجود).