Get Adobe Flash player

معارف اسلامي ڪوئز جي نالي سان اسلامي معلومات تي مشتمل سوال جوابن تي  هي ڪوئز مختلف  اسلامي موضوعن ۽ مرحلن تي شامل آهي جنهن کي اسان مرحلي وار پيش ڪندا رهندا سين .اميد ته اوهان کي شيعه دوست ڊاٽ ڪام جي هيءَ ڪاوش پسند ايندي

ان سلسلي جي پهرئين ڪڙي معرفت ائمه معصومين عليه السلام آهي 

 

قسط نمبر 2

 

101.سوال: مسلمانن تي نماز ڪيتري ۾ عمر واجب آهي ؟

 

جواب : جواب ڇوڪرن تي 15 سالن ۽ ڇوڪرين تي 9 سالن کانپوءِ

 

102.سوال: نماز فجر ۾ ڪيتريون رڪعتون واجب آهن؟

 

جواب: 2 رڪعتون

 

103. سوال: نماز ظهر ۾گھڻيون رڪعتون واجب آهن؟

 

جواب:  4 رڪعتون

 

104.سوال: نماز عصر ۾ گھڻيون رڪعتون واجب آهن؟

 

جواب: 4 رڪعتون

 

105. سوال: نماز مغرب ۾ گھڻيون رڪعتون واجب آهن؟

 

جواب: 3 رڪعتون

 

106.سوال: نماز عشا ۾ گھڻيون رڪعتون واجب آهن ؟

 

جواب: 4 رڪعتون

 

107. سوال: نماز  تهجد ۾ گھڻيون رڪعتون آهن؟

 

جواب: 11  رڪعتون

 

108.سوال: اسان ڪهڙي طرف منهن ڪري  نماز پڙهندا آهيون؟

 

جواب: قبلي ڏانهن 

 

109.سوال:  اسانجو قبلو ڪهڙو آهي؟

 

جواب : ڪعبة  الله  شريف

 

110.سوال: ڪعبة الله ڪٿي آهي ؟

 

جواب : مڪي شريف ۾

 

111.سوال: روزا ڪڏهن فرض ڪيا ويا هئا ؟

 

جواب 2شعبان سن 2هجري تي

 

112.سوال : روزا ڪهڙي م مهيني ۾ فرض آهن؟

 

جواب:  رمضان مهيني ۾

 

113.سوال: حج ڪهڙي ميهني ۾ ادا ڪيو ويندو آهي ؟

 

جواب : ذوالحج ۾.

 

114.سوال: حج ڪهڙي تاريخ تي ادا ڪيو ويندو آهي ؟

 

جواب:9۽10 ذوالحج تي

 

115.سوال: حج ڪٿي ادا ڪيو ويندو آهي؟

 

جواب: مڪي شريف ۾

 

116.سوال: هر مسلمان تي حج گھڻا ڀيرا فرض آهي ؟

 

جواب : هڪ دفعو.

 

117.سوال: حج ڪڏهن  واجب ٿيندو آهي؟

 

جواب : جڏهن مالي سگهه حاصل ٿئي

 

118.سوال: حج جي لباس کي ڇا سڏبو آهي ؟

 

جواب: احرام

 

119.سوال : زڪوات ڇا آهي؟

 

جواب : مال مان هڪ خاص حصو، الله جي راه ۾ ڪڍڻ زڪوات آهي.

 

120.سوال : زڪوات جي لغوي معنيٰ ڇا آهي ؟

 

جواب: اضافو ۽ واڌارو

 

121.سوال:  زڪوات گھڻين شين تي واجب آهي؟

 

جواب:  (9)  شين تي

 

122.سوال:  زڪوات ڪهڙين شين تي واجب آهي؟

 

ڪڻڪ ،جو ، ڪشمش ، سون، چاندي ،  ڪتل ،اٺ ، ڳئون ۽ رڍ يا ٻڪري

 

123.سوال: اگر ڪڻڪ 22 مڻ هجي ته ان تي ڪيتري زڪوات واجب آهي؟

 

جواب:  44 ڪلو

 

124.سوال : خمس گھڻين شين تي واجب آهي؟

 

جواب : ستن شين تي .

 

125.سوال: خمس جي لغوي معنى ڇا آهي؟

 

جواب: پنجون حصو

 

126.سوال : سئو روپين تي گهڻو خمس ٿيندو؟

 

جواب: 20 روپيه

 

127.سوال:  خمس کي گهڻن حصن ۾ تقسيم ڪيو ويندو آهي؟

 

جواب: ٻن حصن ۾، سهم امام ۽ سهم سادات

 

128.سوال:  ملڪيت تي خمس  ڪڏ هن واجب ٿيندو آهي ؟

 

جواب: سڄي سال جي خرچ کان پوء  باقي بچت  مال تي .

 

129.سوال: خمس ڪنهن جي حوالي ڪيو ويندو آهي ؟

 

جواب : امام عليه السلام جي

 

130.سوال: امام حاضر نه هجي ته خمس ڪنهن کي ڏنو ويندو؟

 

جواب: نائب امام يعني مجتهد کي يا جنهن وٽ سندس اجازت نامو هجي

 

131.سوال: جهاد ڪنهن  جي اجازت سان جائز آهي؟

 

جواب: نبي ءَ يا امام جي

 

132.سوال: ڇا جهاد عورتن تي واجب آهي ؟

 

جواب: نه ، بلڪه عورتن جو جهاد گهر و ڪم آهن.

 

133.سوال: جهاد مان حاصل ٿيندڙ مال کي ڇا چئبو آهي؟

 

جواب: مال غنيمت

 

134.سوال: جهاد ۾ مارجي ويل مسلمان کي ڇا چئبو آهي ؟

 

جواب : شهيد

 

135.سوال : قرآن مجيد شهيد بابت ڇا فرمايو آهي ؟

 

جواب: اهي زندهه آهن ۽ الله کان رزق حاصل ڪن ٿا.

 

136.سوال: امر با لمعروف ڇا آهي ؟

 

جواب: نيڪي جي هدايت ڪرڻ

 

137.سوال: نهي المنڪر ڇا آهي؟

 

جواب: برائي کان روڪڻ.

 

138.سوال: نيڪيءَ جي هدايت ڪنهن تي واجب آهي؟

 

جواب : هر مسلمان تي .

 

139.سوال: برائي کان روڪڻ ڪنهن تي واجب آهي ؟

 

جواب: هر مسلمان تي .

 

140.سوال:  تولا ڇا آهي ؟

 

جواب:  الله ،رسول ۽ امام جي مڃڻ وارن سان محبت ڪرڻ.

 

141.سوال:  تبرا ڇا آهي؟

 

جواب :  الله ،رسول ۽ امام جي دشمن سان نفرت ڪرڻ

 

( حصو ڇهون: ائمه معصومين G)

 

142.سوال : نبي سائينءَ  جي 1 والد جو نالو ڇا هو ؟

 

جواب : حضرت عبد اللهC  

 

143.سوال: نبي سائينءَ 1جي والده جو نالو ڇا هو ؟

 

جواب: بيبي آمنه بنت وهب (س)

 

144.سوال: نبي سائينءَ 1جي ڏاڏي جو نالو ڇا هو ؟

 

جواب: حضرت عبد المطلب C

 

145.سوال: نبي سائينءَ 1جي ناني جو نالو ڇا هو ؟

 

جواب:  حضرت وهب  C

 

146.سوال: نبي سائينءَ 1جو ڏند مبارڪ ڪهڙي جنگ ۾ شهيد ٿيو ؟

 

جواب : جنگ احد ۾

 

147.سوال: نبي سائينءَ 1 جي ظاهري عمر ڪيتري هئي ؟

 

 جواب: 63 سال

 

 148.سوال: نبي سائينءَ 1جي ڪهڙي تاريخ تي آمد ٿي؟

 

جواب:  17 ربيع الاول

 

149.سوال : نبي سائين جي ولادت ڪهڙي عيسوي سال ۾ٿي؟

 

جواب:  سن 570 ع

 

150.سوال: نبي سائين1  سڄي زندگيءَ ۾ ڪل ڪيترا حج ادا ڪيا ؟

 

جواب: هڪ دفعو

 

151.سوال: نبي سائينءَ  1جي شهادت ڪهڙي تاريخ تي ٿي ؟

 

جواب:  28 صفر المظفر ٿي 

 

152.سوال: نبي سائينءَ 1جو روضو مبار ڪ ڪٿي آهي ؟

 

جواب :مديني منوره  ۾ .

 

153.سوال : حضر ت محمد مصطفيٰ  جن جا ڪي به ٻه لقب ٻڌايو ؟

 

جواب رحمة العالمين ، سيد المرسلين ، امام الانبياءَ ، خاتم النبيين .

 

154.سوال: اسان جو پهريون امام ڪهڙو آهي؟

 

جواب : حضرت علي C.

 

155. سوال: حضرت عليC جي ولادت  ڪهڙي عيسوي سال ۾ٿي ؟

 

جواب : سن 600ع

 

156.سوال: حضرت علي Cجي آمد ڪهڙي سن ۾ ٿي ؟

 

جواب: عام الفيل ۾

 

157.سوال: عام الفيل جي معنيٰ ڇا آهي ؟

 

جواب:  هاٿين وارو سال

 

158.سوال : هاٿين وارو سال ڇاجي ڪري مشهور ٿيو؟

 

جواب : ان سال هاٿين وارن تي عذاب نازل ٿيو.

 

159.سوال : عام الفيل ۾ هاٿين وارن کي  ڇو  سزا ملي؟

 

جواب ؛ڪعبة الله کي مسمار ڪرڻ جو ارادو ڪيو  هئائون.

 

160.سوال: هاٿين وارن تي ڪهڙو عذاب نازل ٿيو؟

 

جواب : مٿن پکين ذريعي پٿر وسايا ويا

 

161.سوال : هاٿين واري قوم جي بادشاه جو نالو ڇا هو؟

 

جواب : ابرهه

 

162. سوال حضرت عليC جي شهادت ڪهڙي تاريخ تي ٿئي؟

 

جواب: 21 رمضان سن 40 هجري تي.

 

163.سوال : حضرت علي C جي شهادت ڪٿي ٿي؟

 

جواب : مسجد ڪوفه ۾ٿي.

 

164.سوال: حضرت علي C جي والد جو نالو ٻڌايو ؟

 

جواب : حضرت ابو طالب C

 

165.سوال : حضرت علي Cجي والده جو نالو ٻڌايو ؟

 

جواب:  سائڻ فاطمه بنت اسد  سلام الله عليها .

 

166.سوال : حضرت علي C جي  ڏاڏي جو نالو ٻڌايو ؟

 

جواب: حضرت عبدالمطلب C

 

167.سوال: حضرت علي Cجي ناني جو نالو ٻڌايو؟

 

جواب :  جناب اسد

 

168.سوال : حضرت علي Cڪهڙي جنگ دروازو پٽي اڇلايو؟

 

جواب:  جنگ خيبر ۾

 

169.سوال: خم غدير ۾ رسول الله 1  ڪهڙو اعلان ڪيو؟

 

جواب : جنهن جو مان مولا آهيان ،ان جو علي  C مولا آهي

 

170.سوال : حضرت علي C جو روضو مبارڪ ڪٿي آهي ؟

 

جواب:  نجف اشرف ۾.

 

171.سوال: حضرت علي C جا ڪي به ٻه لقب ٻڌايو ؟

 

جواب: ابو تراب ،يد الله ،عين الله ۽ اميرالمومنين .

 

172.سوال: اعلان نبوت وقت  امام عليC جي عمر ڇا هئي؟

 

جواب:  9  سال

 

173.سوال: حضرت امام حسين C زندگيءَ ۾ ڪل ڪيترا حج ادا ڪيا ؟

 

جواب:  28 حج

 

174.سوال:  امام حسين Cجي ولادت ڪهڙي سن ۾ ٿي ؟

 

جواب : سن 4 هجري

 

175.سوال:  حضرت امام حسين C جي ولادت ڪٿي ٿي؟

 

جواب:  مديني منوره  ۾

 

176.سوال: حضرت امام حسين Cجي شهادت ڪڏهن ٿي؟

 

جواب:  10 محرم الحرام سن 61 هجري ۾

 

177.سوال : امام حسين Cڪٿي شهيد ڪيا ويا ؟

 

جواب  : ڪربلا معلى  ۾

 

178.سوال: حضرت بيبي فاطمه  جي ولادت ڪڏهن ٿي ؟

 

جواب: اعلان  نبوت جي پنجي سال ۾

 

179.سوال: بيبي زينب جي ولادت ڪڏهن ٿي؟

 

جواب: 1شبعان تي

 

180.سوال : امام حسين C جي ولادت ڪڏهن آهي؟

 

جواب:  3  (شعبان)

 

181.سوال: حضرت غازي عباس جي ولادت ڪڏهن ٿي؟

 

جواب:  4 شعبان تي

 

182.سوال: حضرت غازي عباس  Cجي ماءُ جو نالو ٻڌايو ؟

 

جواب: بيبي ام البنين

 

183.سوال: حضرت غازي عباس  Cجي ماءُ جو تعلق ڪهڙي خاندان سان هئو ؟

 

جواب: بني ڪليب خاندان سان

 

184.سوال: حضرت غازي عباس  Cکي علمدار ڇو چيو ويندو آهي ؟

 

جواب : ڇاڪاڻ ته پاڻ ڪربلا ۾ امام حسين ع جي لشڪر جا عملدار ۽ سپه سالار هئا

 

184.سوال: حضرت غازي عباس  C جا مشهور لقب ٻڌايو ؟

 

جواب : علمدار، سقا، باب الحوائج

 

185.سوال: امام سجادC جي ولادت ڪڏهن ٿي ؟

 

جواب: 5 شعبان تي

 

186.سوال : امام سجاد Cجي والده جو نالو ٻڌايو؟

 

جواب : بيبي شهر بانو

 

187.سوال : امام سجادC جا مشهور  لقب ٻڌايو؟

 

جواب: زين العابدين، سجاد، اسير ڪربلا،

 

188.سوال : امام سجاد C جي دعائن تي مشتمل ڪتاب جو نالو ڇا آهي؟

 

جواب : صحيفه ڪامله

 

189.سوال حضرت امام حسن عسڪريC جي ولادت ڪڏهن ٿي؟

 

جواب:  10 ربيع الاول

 

190.سوال: حضرت امام حسن عسڪري Cجي والد جو نالو ڇا آهي؟

 

جواب: حضرت امام علي نقي C

 

191.سوال :حضرت امام حسن عسڪري Cجي والده جو نالو ڇا آهي؟

 

جواب: بيبي حديثه خاتون

 

192سوال: حضرت امام حسن عسڪري Cجي شهادت ڪڏهن ٿي؟

 

جواب 8: ربيع الاول

 

193.سوال حضرت امام حسن عسڪري C جي شهادت ڪهڙي سن  ٿي ؟

 

جواب: 260 هجري ۾

 

194.سوال: حضرت امام حسن عسڪري Cجي ظاهري عمر ڪيتري هئي؟

 

جواب: 28 سال 2 مهينا

 

194. سوال: حضرت امام حسن عسڪري Cجي پٽ جو نالو ٻڌايو جيڪو امام آهي ؟

 

جواب: حضرت امام مهدي (عج )

 

195.سوال: امام حسن عسڪري Cکي ڪيترو اولاد آهي ؟

 

 جواب : هڪ پٽ

 

(حصو  ستون: شرعي مسئلا)

 

196.سوال : پاڻي جا گھڻا قسم آهن؟

 

جواب : ٻه 1 مضاف 2 مطلق

 

 197.سوال: مطلق پاڻي ڪهڙو آهي ؟

 

جواب: عام پاڻي

 

198.سوال: مضاف پاڻي ڪهڙو آهي ؟

 

جواب : اهو پاڻي جنهن کي فقط پاڻي نه چئي سگھجي

 

جيئن گلاب جو پاڻي

 

199.سوال: ڪيترن ڪلو ميٽر تي نماز  قصر ٿيندي آهي ؟

 

جواب: اچڻ وڃڻ جو مفاصلو 44 ڪلو ميٽر  کان مٿي هجي

 

200.سوال : نماز جمعه ڪيتري مفاصلي تي ادا ڪئي ويندي آهي ؟

 

جواب: گھٽ گھٽ ۾ ساڍا پنج ڪلو ميٽر .

 

201.سوال: والدين جي وفات کان پوء سندن قضا نماز ڪنهن تي واجب آهي ؟

 

جواب وڏي پٽ تي .

 

202.سوال: وضو جو ذڪر قرآن شريف جي ڪهڙي آيت ۾آهي ؟

 

جواب: سوره مائده آيت نمبر 6 ۾

 

203.سوال: ڇا مسح کانسواء وضو صحيح آهي ؟

 

جواب : باطل آهي

 

204.سوال : تيمم ڪڏهن واجب آهي ؟

 

جواب : جڏهن پاڻي نه ملي.

 

205.سوال:  پاڻي ۾ٽٻي هڻڻ سان روزو صحيح آهي ؟

 

جواب:باطل آهي .

 

206.سوال: واجب روزو ٽوڙڻ جو ڪفارو ڇا آهي ؟

 

جواب : هڪ غلام آزاد ڪرڻ ،60 روزا رکڻ يا 60 فقيرن کي کاڌو کارائڻ

 

207.سوال:  هڪ شخص تي ڪيترو فطرو واجب آهي ؟

 

جواب:  3ڪلو ڪڻڪ يا ان جي رقم

 

208.سوال: قرباني جي گوشت جا گھڻا حصا ٿيندا آهن ؟

 

 جواب:  ٽي( 3)

 

209.سوال: قربانيءَ جو گوشت ڪهڙن ٽن حصن ۾ ورهايو ويندو آهي ؟

 

جواب: فقير، مسڪين ، پاڙيسري، ۽ پنهنجي لاء

 

210.سوال: هڪ قربانيءَ ۾ ڪيترا ڄڻا گڏجي سگھن ٿا؟

 

جواب:  واجب قربانيءَ ۾ هڪ ۽ مستحب ۾ تعداد معين نه آهي .