Get Adobe Flash player

معارف اسلامي ڪوئز جي نالي سان اسلامي معلومات تي مشتمل سوال جوابن تي  هي ڪوئز مختلف  اسلامي موضوعن ۽ مرحلن تي شامل آهي جنهن کي اسان مرحلي وار پيش ڪندا رهندا سين .اميد ته اوهان کي شيعه دوست ڊاٽ ڪام جي هيءَ ڪاوش پسند ايندي

ان سلسلي جي پهرئين ڪڙي معرفت ائمه معصومين عليه السلام آهي 

 

قسط نمبر هڪ

(حصو پهريون: امام مهدي عجل الله تعالى فرجه)

1 .سوال : اسان جي ٻارهين امام  جو نالو ڇا آهي ؟

جواب: سندس نالو محمد لقب مهدي آهي

2 .سوال امام مهدي عج والد جو نالو ڇا آهي ؟

جواب : حضرت امام حسن عسڪري.

3 .سوال : امام مهدي عج جي والده جو نالو ڇا آهي؟

 جواب : بيبي نرجس خاتون .

4 .سوال : حضرت امام مهدي عج  جي ولادت جو سال ٻڌايو ؟

جواب : مشهور قول مطابق 255 هجري ۾

5 .سوال: حضرت امام مهدي عج  جي ولادت جي تاريخ  ٻڌايو؟

جواب:شعبان مهيني جي 15 تاريخ تي .

6. سوال: حضرت امام مهدي عج  جي ولادت جو ڏينهن ٻڌايو ؟

جواب : جمعة المبارڪ  .

7 .سوال : حضرت امام مهدي عج جي ولادت  ڪهڙي شهر  ۾ ٿي؟

جواب: عراق جي سامراء  شهر ۾ .

8 .سوال: سامرا ء جو پراڻو نالو ڇا آهي ؟

جواب : سرمن راء

9 .سوال:لفظ مهدي جي معنيٰ ڇا آهي ؟

جواب : هدايت ٿيل

10. سوال: حضرت امام مهدي(عج )  جا ڪي به ٻه مشهور لقب ٻڌايو ؟

جواب : مهدي ، قائم ، حجة الله، امام العصر .

11.سوال: حجة  الله جي معنيٰ ڇا آهي ؟

جواب: الله جي حجت يا دليل .

12.سوال :امام الانس والجان جي معنيٰ ڇا آهي ؟

جواب: يعني انسان ۽ جنن  جو امام .

13 . سوال: قائم جي معنيٰ ڇا آهي ؟

جواب :يعني خدا جي حڪم سان قيام ڪرڻ وارو

14 سوال: نبي سائين (ص) امام مهدي (عج) جي باري ۾ ڇا فرمايو  آهي؟

جواب : پاڻ فرمايائون: مهدي عج   دنيا کي انصاف سان  ائين ڀريندو جيئن ظلم ۽ ڏاڍ سان ڀريل هوندي.

15. سوال: حضرت امام مهدي عج   جو ذڪر ڪهڙين سورتن ۾آهي؟

جواب: سوره نور آيت 55 ، سوره انبياء آيت 55 .

بسم الله الرحمن الرحيم

 

16. سوال: امام مهدي عج  ڪهڙي معصوم سان مشابهت رکن ٿا ؟

جواب :حضور اڪرم1 سان

17. سوال: ڪهڙو نبي امام مهدي (عج ) جي پويان نماز پڙهندو؟

جواب : حضرت عيسيٰ عليه السلام

18 .سوال حضرت امام مهدي(عج ) هن وقت ڪٿي آهن؟

جواب: خدا جي حڪم سان پرده غيب ۾ آهن.

19 .سوال پرده غيب ڇا آهي ؟

جواب : پرده غيب جي معنى آهي اکين کان اوجھل

20 .سوال: امام مهدي(عج ) ڪهڙي عمر ۾ غيبت اختيار ڪئي؟ .

جواب:  5  سالن جي عمر ۾ .

21.سوال حضرت امام مهدي (عج ) ڪٿي غيبت اختيار ڪئي ؟

جواب: سامرا شهر ۾ .

22.سوال : امام مهدي(عج ) ڪهڙي هجري سال ۾ غيبت اختيار ڪئي ؟

جواب:  سن260 هجري ۾ .

23.سوال:امام مهدي (عج )  جن ڪهڙي تاريخ غيبت اختيار ڪئي؟

جواب: 23 (رمضان المبارڪ) تي .

24.سوال:  امام مهدي (عج ) هن دنيا  ۾وري ڪڏهن ظهور فرما ٿيندا ؟

جواب: جڏهن خدا وند عالم جو حڪم ٿيندو .

25.سوال :امام مهدي (عج )  ولادت وقت ڪهڙو ظالم حڪمران هو؟

جواب :  معتمد عباسي

26.سوال: لفظ منتظر جي معنيٰ ڇا آهي؟

جواب  : جنهن جو انتظار ڪيو وڃي .

27.سوال : غيبت جا گھڻا قسم آهن ؟

جواب : ٻه قسم

28. سوال: غيبت جا ڪهڙا قسم آهن؟

جواب : غيبت صغرى ، غيبت ڪبرى

29.سوال: غيبت صغرى  جي مدت ڇا هئي؟

جواب:  تقريبا 70 سال

30.سوال : ظهور وقت امام مهدي (عج )  جي عمر ڪيتري هوندي؟

جواب: 40 سال .

31.سوال : امام مهدي (عج )  جي جھنڊي تي ڇا لکيل هوندو؟

جواب :  ( البيعة للّه) بيعت الله لاءِ

32.سوال : ڇا امام مهدي (عج ) کان پوء ڪو ٻيو امام ايندو؟

جواب: هرگز نه،  امام مهدي(عج ) آخري امام آهن .

33. سوال: امام مهدي جو امامت جو دور ڪڏهن کان شروع ٿيو ؟

جواب: 9 ربيع الاول سن 260 هجري کان

(حصو ٻيون: انبيا ء  عليهم السلام )

34.سوال: نبي ڇا کي ٿو چئجي؟

جواب: جنهن  مٿان الله جي وحي ٿئي

35.سوال : نبي ڪل ڪيترا آهن؟

جواب:  124000  (هڪ لک چويھه هزار)

36.سوال: رسول ڇا کي ٿو چئجي؟

جواب : جنهن جي مٿان وحي ٿئي ۽ کيس تبليغ جو حڪم هجي

37.سوال: ڇا سڀ رسول هڪجهڙا آهن؟

جواب: نه، رتبي جي لحاظ کان انهن ۾ ننڍا وڏا به آهن.

38.سوال : رسول ڪيترا آهن؟

جواب: 313 ( ٽي سو تيرهن)

39.سوال:  وڏا رسول گهڻا آهن؟

جواب:  5  (پنج )

40.سوال:  وڏا رسول ڪهڙا آهن؟

جواب: حضرت ابراهيم ، حضرت نوح، حضرت عيسيٰ ،  حضرت موسيٰ (عليهم السلام) ۽ حضرت محمد مصطفيٰ (1)

41.سوال: پهرين نبي Cجو نالو ٻڌايو؟

جواب: حضرت آدم C

42.سوال :آخري نبيء جو نالو ٻڌايو؟

جواب : حضرت محمد مصطفيٰ 1))

42.سوال : ابو البشر ڪهڙي نبيءَ کي سڏيو ويندو آهي؟

جواب : حضرت آدم C

43.سوال : ڪهڙي نبيءَ کي  خليل الله  جو لقب مليو؟

جواب: حضرت ابراهيمC

44.سوال: ڪهڙي نبيءَ کي ڪليم الله جو لقب مليو؟

جواب : حضرت موسى

45.سوال: ڪهڙا ٻه نبي پاڻ ۾ ڀائر هئا؟

جواب: حضرت موسىC ۽ هارون C

46.سوال ڪهڙي نبي ءَ کي روح الله جو لقب مليو؟

جواب : حضرت عيسى C

47.سوال: ڪهڙو نبي درزڪو ڪم ڪندو هئو؟

جواب: حضرت ادريسC

48. سوال: ڪهڙي نبيءَ ٻيڙي ٺاهي؟

جواب: حضرت نوح C

 (حصو ٽيون : قرآن مجيد ۽ آسماني ڪتاب)

49.سوال: آسماني ڪتاب گھڻا آهن؟

جواب:  4 (چار)

50. سوال : آسماني ڪتاب ڪهڙا آهن؟

جواب : توريت ،زبور ، انجيل ،قرآن مجيد

51.سوال : توريت ڪهڙي نبيءَ تي نازل ٿيو؟

جواب: حضرت موسيٰ C تي

52.سوال: زبور ڪهڙي نبيءَ تي نازل ٿيو؟

جواب: حضرت دائودC تي

53.سوال: انجيل ڪهڙي نبيءَ تي نازل ٿيو؟

جواب: حضرت عيسيٰ Cتي

54.سوال : لفظ قرآن جي معنيٰ ڇا آهي؟

جواب: بار بار پڙهيل.

55.سوال: قرآن مجيد ڇو نازل ٿيو ؟

جواب :قرآن مجيد نبي سائينءَ جومعجزو آهي ،

جيڪو  انسان جي هدايت لاءِ نازل ٿيو.

56.سوال: قرآن مجيد ڪهڙي نبيءَ تي نازل ٿيو؟

جواب: حضرت محمد مصطفيٰ 1 تي

57.سوال: قرآن مجيد ڪهڙي مهيني ۾ نازل ٿيو؟

جواب: رمضان شريف ۾

58.سوال : قرآن مجيد ڪهڙي رات نازل ٿيو؟

جواب: شب قدر (قدر جي رات )

59.سوال : قرآن مجيد جاڪل ڪيترا سيپارا آهن؟

جواب: (30 ) ٽيھه

60.سوال:قرآن مجيد ۾ گھڻيون سورتون آهن؟

جواب:  114 سورتون آهن

61.سوال: قرآن مجيد جي ڪهڙي سورت پهرئين نازل ٿي؟

جواب : سورت  اقرا باسم ربک الذي

62. سوال: قرآن جي دل ڪهڙي سورت کي سڏيو ويندو آهي؟

جواب : سورت يٰــس کي.

63.سوال: قرآن مجيد جو تاج ڪهڙي سورت کي چيو ويندو آهي؟

جواب: سوره رحمن

64.سوال: قرآن مجيد جي سڀ کان وڏي سورت ڪهڙي آهي ؟

جواب: سوره  بقره

65.سوال : قرآن مجيد جي ننڍي ۾ننڍي ڪهڙي سورت آهي ؟

جواب:  سورت ڪوثر

66.سوال : قرآن مجيد جي ڪهڙي  سورت ۾ بسم الله نه آهي ؟

جواب:  سوره  توبه

67.سوال: قرآن جي ڪهڙي سورت  ۾ ٻه دفعا بسم الله  آهي ؟

جواب :سوره نمل

 (حصو چوٿون : اصول دين)

68.سوال : اسان جو مذهب ڪهڙو آهي ؟

جواب:  اسلام

69.سوال: اسان ڪير آهيون؟

جواب: شيعه اثنا عشري

70.سوال:  اثنا عشري جي معنيٰ ڇاآهي؟

جواب:  ٻارهن امامن کي مڃڻ وارو

71.سوال : اصول دين جي معنى ٻڌايو؟

جواب: دين جا بنياد يا پاڙون.

72.سوال :اصول دين ڪهڙا آهن؟

جواب  توحيد ، عدل ،نبوت ، امامت ، قيامت.

73.سوال: ڇا خدا کي ڏسي سگھجي ٿو؟

جواب: بلڪل نه ،ڇاڪاڻ ته خدا کي جسم نه آهي

74.سوال : خدا جسم ڇونه ٿو رکي؟

جواب: ڇاڪاڻ ته جسم محتاج آهي ۽ خدا هرشيءِ کان بي نياز آهي

75.سوال: مدرڪ جي معنيٰ ڇا آهي؟

جواب: اکين ۽ ڪنن کانسواء ڏسڻ ۽ ٻڌڻ وارو

76.سوال: متڪلم  ڇا کي چوندا آهن ؟

جواب: بنا زبان جي ڳالهائڻ وارو .

77.سوال:  مسلمان ڇا کي چئبو آهي؟

جواب : جيڪو توحيد، نبوت ۽قيامت  تي ايمان رکي.

78.سوال: مومن ڪنهن کي سڏبو آهي ؟

 جواب:جيڪو توحيد،عدل ،نبوت، امامت ۽ قيامت تي ايمان رکي.

79.سوال : ڪافر ڇا کي چئبو آهي ؟

جواب: الله ۽ توحيد جي منڪرکي.

80.سوال : منڪر ڇا کي چئبو آهي ؟

جواب:  امامت جو انڪار ڪرڻ واري کي.

81.سوال : منافق ڇا کي چئبو آهي ؟

جواب: جيڪو ظاهر ۾ الله ۽ رسول تي ايمان رکي ۽ دل ۾ انڪاري هجي .

82.سوال: مشرڪ ڇا کي چئبوآهي؟

جواب : جيڪو ڪنهن کي الله جو شريڪ ٺاهي .

83.سوال:  مرتد ڇاکي چوندا آهن؟

جواب: جيڪو ايمان آڻڻ کانپوءِ ڪافر ٿي وڃي .

84.سوال: مرتد جا گھڻا قسم آهن؟

جواب: مرتد جا 2 قسم آهن (1) مرتد ملي (2) مرتد فطري

85.سوال يهودي ڇا کي چوندا آهن ؟

جواب: جيڪو حضرت موسيٰ کان بعد ڪنهن ٻئي کي نبي نه مڃي.

86.سوال : عيسائي ڇا چوندا آهن ؟

جواب : جيڪو حضرت عيسيٰ کان بعد ڪنهن ٻئي کي نبي نه مڃي

87.سوال: نبي ۽ عام انسان ۾ ڪهڙو فرق آهي؟

جواب: نبي عالم پيدا ٿين ٿا ۽ عام انسان جاهل.

88.سوال: امام جي معنيٰ ڇا آهي ؟

جواب :  هادي ، رهبر يا رهنما.

89.سوال: انسانن جا عمل لکندڙ فرشتن جا نالا ٻڌايو؟

جواب: ڪرام الڪاتبين

90.سوال : قبر ۾ ايندڙ فرشتن جا نالا ٻڌايو ؟

 جواب : منڪر ۽ نڪير

91.سوال: قبر ۾ ڪنهن سان ملاقات ٿيندي؟

جواب: حضرت علي  عليه السلام سان

92. سوال: برزخ ڇا آهي ؟

جواب:  قبر کا ن قيامت وارو عرصو

 (حصو پنجون : فروع دين)

93.سوال: فروع دين جي معنى ڇا آهي ؟

جواب: دين جون ٽاريون

94.سوال: فروع دين گهڻا آهن؟

جواب : (10) ڏهه آهن.

95.سوال: فروع دين مان ڪي به ٽي ٻڌايو؟

جواب: نماز ،روزو ،حج ، زڪوات ، خمس ،جهاد ،نيڪي جي هدايت ڪرڻ ۽ برائي کان  روڪڻ، تولا، تبرا

96.سوال : نماز ڇا آهي ؟

جواب:  الله جي بندگي .

97.سوال :نماز جو ڪهڙو فائدو آهي؟

جواب : نماز برائي ۽ بڇڙائيءَ کان بچائي ٿي.

98.سوال: نماز روزانو ڪيترا  ڀيرا واجب آهي ؟

جواب : پنج ڀيرا

99.سوال: روزانو نماز گھڻيون رڪعتون  واجب آهن؟

جواب: 17 (سترهن) رڪعتون

100.سوال : نماز نه پڙهڻ سا ن ڇا ٿيندو؟

جواب:  الله سائين ناراض ٿيندو.