Get Adobe Flash player

اسلامي روايتن آڌار هر انسان لاءِ ٽي شخص پيءُ جو درجو رکن ٿا هڪ حقيقي والد ٻيو سهرو ۽ ٽيون اهو مهربان استاد جيڪو انسان کي علم ڏئي ڪري انسانيت سيکاري ٿو ۽ انسان جي دين سان گڏ دنيا سڌارڻ ۾ بهترين ڪردار ادا ڪري ٿو .

 اهڙي شخصيتن ۾ استاد مهربان مولانا جابر حسين اسلامي به هئا جيڪي نه فقط مون لاءِ بلڪه سنڌ جي سرزمين کان وٺي قم ۽ نجف

اشرف جي سرزمين تائين پهچندڙ سوين عالمن لاءِ انتهائي مهربان ۽ شفيق پيءُ وانگر شفقت ڪندا رهيا ۽ جن جي محنتن ۽ اڻ ٿڪ ڪوششن جي نتيجي ۾ اسان جهڙا سوين عالم دين اڄ حوزه علميه قم ۽ حوزه علميه نجف اشرف ۾ تعليم پرائي رهيا آهن يا پاڪستان جي سرزمين تي ڪنهن نه ڪنهن ديني سرگرميءَ ۾ مصروف عمل آهن. جيڪڏهن سائين جابر حسين جون ڪوششون نه هجن ها ته شايد اسان هتي نه پهچون ها.

ڪلاس اندر درس هجي يا ذاتي زندگيءَ جي ڪا رنجش ۽ تڪليف هر طالبعلم جيڪڏهن مولانا صاحب  ڏانهن رجوع ڪندو هئو ته ان سان ائين ورتاءَ ڪندا هئا ڄڻ ته اهو سندن ذاتي مسئلو هجي  پوءِ ڏينهن هجي يا رات پاڻ خاموش نه ويهندا هئا ۽ هر ممڪن ڪوشش ڪري ان مسئلي حل ڪندا هئا

هميشه منهن تي مرڪ سجائي هر ڪنهن سان اهڙي پنهنجائپ سان ڳالهائيندا هئا جو سامهون وارو ڪڏهن  اهو احساس  ڪري ته ڪو وڏي عمر وارو  اسان جو بزرگ استاد ساڻس مخاطب آهي  يا ڪو ويجهو ۽گهرو دوست آهي .

قم ۾ گذريل سندن هيءُ ويجها سال ائين ياد آهن جيئن ڦرهيءَ تان سبق ازبر ياد هوندو هئو ،گڏ گذاريل اهي خوشيءَ ۽غمي جا سڀ لمحا وسرن ئي نه ٿا جيڪي اتي گذارياسين. اعتبار ئي ڪونه ٿو اچيم ته اهڙي عظيم شخصيت هاڻي اسان جي وچ ۾ ناهي رهي. هينئر به اهي دعوتون ياد اٿم جيڪي پاڻ قم ۾ فون ڪري وڏي چاهه سان پنهنجي شاگردن کي گهرائي کارائيندا هئا ته جئين پرڏيهه ۾به غربت جو احساس نه هجي. سندن اها محبت هر پنهنجي پرائي کي پنهنجو ڪرڻ لاءِ ڪافي هئي

نماز جي ٽائيم تي حضرت بيبي معصومه سلام الله عليها جي زيارت ۽ مغرب جي نماز حرم ۾ پڙهڻ لاءِ سندن شوق ۽ ذوق ڏسي حسرت ٿيندي هئي ته مولا اسان ائين ڇونه آهيون؟ شايد ئي اها ڪا نڀاڳي شام هجي جنهن شام پاڻ حرم ۾ نماز مغرب ۽ عشاء نه پڙهن

جڏهن فجر ويل سندن انتقال جي خبر ٻڌم ته هڪ لمحي لاءِ دل ڄڻ بيهي رهي ته ڇا ايترو اچانڪ اهڙو مهربان شخص وڃي سگهي ٿو؟ ليڪن جڏهن واگهريجيءَ جي امام بارگاهه ۾ سوين عالمن جي وچ ۾ پيل سندن جنازي تي نظر پيم ته ڄڻ ساهه ئي سڪي ويو دل جي عجيب حالت هئم ته سندس وڇوڙي جي غم ۾ روئجي يا سوين عالمن کي سندن جنازي نماز ۾ شريڪ ٿي کين خراج عقيدت پيش ڪرڻ تي خوشي ڪجي سندن بچپن جا ساٿي،عزيز ۽ رشتيدار، سنڌ جا جيد عالم سڳورا ۽ سندن سوين شاگرد اڄ هن هر دل عزيز استاد جو ديدار ڪرڻ آيا هئا.

جنازي جي نماز کان اڳ پهرين ظهر جي نماز جماعت ۽ پوءِ سندن جنازي مٿان امام موسى ڪاظم عليه السلام جي شهادت جي مصائب،سندن زندگيءَ جو ڄڻ ته تت آڻي پيش ڪيو ته هميشه نمازي ٿي گذاريندڙ هن عالم ربانيءَ جي آخري نماز سندس سامهون ادا ڪئي وئي خبرناهي ته ڏسي ڪري ڇا سوچيو هوندائين؟

سندن ڳوٺ جي ذاڪر جي زباني مولا امام ڪاظم عليه السلام جي مظلومانه شهادت ۽ بغداد جي پل وارو مصائب ٻڌي ڪري پنهنجي مولا کان ڇا گهريو هوندائين؟

سوين آلين اکين سان مٽيءَ ماءُ حوالي ٿيڻ کان پوءِ سندس مزار تي تلقين پئي پڙهيم ته مون کي انتهائي عجيب پئي لڳو ته ان استاد کي آءُ ڇا ٻڌايان؟، ان جي مٿان ڪهڙو اسمع افهم جو خطبو پڙهان ۽ اهي عقيدا ٻڌايان جيڪي شايد مون خود ان وٽان ئي سکيا هجن ؟ ۽ هو انهن سڀني شين ۾ مون کان وڌيڪ ڄاڻو هئو؟ بس شريعت جو هڪ حڪم هئو جيڪو انجام ڏئي ڇڏيم!

واپس گهر موٽندي جڏهن سندن لاءِ نماز شب اول قبر جو مسيج آهيو ته  بي اختيار ذهن ۾ اهو خيال آيو ته ڪيتري ته ڀلي زندگي آهي هڪ عالم جي خاص ڪري مولانا جابر حسين اسلاميءَ جهڙن عالمن جي زندگي  جن پنهنجي حياتي دين جي نالي ڪئي ته اڄ سندس ياد ۾سوين دليون اٻاڻڪيون هونديون ، هزارين هٿ دعا لاءِ بلند هوندا جن ۾ سندن اهي شاگرد به آهن جيڪي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ کان وٺي ،مشهد ،قم، نجف۽ ڪربلا ۽ شايد ڪاظمين ۾ پاڪ امامن جي حرمن ۾ پنهنجي استاد جي مغفرت ۽ شفاعت ۽ بلنديءَ درجات لاءِ بي لوث دعائون گهري رهيا هوندا، ڇاانهن جو دعائون قبوليت کان خالي رهجي وينديون؟ ڇا آهي ڪو اهڙو توانگر انسان جيڪو پنهنجي سڄي دولت ڏئي به اهڙيون خلوص ڀريون دعائون اهڙين پاڪ سرزمينن ۽ پاڪ دلين سان حاصل ڪري سگهي؟

يادش بخير ، روحش شاد