Get Adobe Flash player

هوئن به يمن جي جاگرافيائي حدون ڪجهه ائين آهن جو هڪ پاسي سعودي عرب ۽ عرب رياستون اٿس ته ٻئي پاسي پاڻي ئي پاڻي جنهن کي خليج عدن سڏين ٿا ۽ هن وقت سعودي بمباري ۾ ساڻن سامهون باهه ۽ پاڻي آهي

ليڪن منهنجو ان جملي کي استعمال ڪرڻ جو مقصد هڪ ٻئي نگاهه يمنن جي حالات تي نظر وجهڻ جي سبب آهي

يمن مٿان شروع ٿيل غيرتمند! سعودي فوج ۽ اتحادين جي يلغار جاري آهي جنهن جي نتيجي ۾ گاديءَ واري هنڌ صنعا،عدن،تعزّسميت يمن جا ڪيترائي شهر بمباريءَ سبب ويراني ۽ برباديءَ جو ڏيک پيش ڪري رهيا آهن ۽ سوين بيگناهه اجل جو شڪار ۽ هزارين معصوم انسان پنهنجي ئي خون ۾ غلطان ٿي انساني حقن جي عالمي تنظيمن ۽ بين الاقوامي سٺن ۽ دنيا ۾ انساني حقن جي نام نهاد علمبردارملڪن ڏانهن ڏسي رهيا آهن،جن جي مرده ضمير چهرن تي رحم جي هڪ جلهڪ ۽ شرم جي هڪ بوند به نظر نه ٿي اچي.

مڪاريءَ ۽ چالاڪيءَ جي نئين تصوير بڻجي سعودي حڪومت ”جومجرم وهي منصف“ بڻجي هڪ طرف يمن جي مظلوم عوام تي بم وسائي ظلم جي انتها ڪري رهيو آهي ته ٻئي پاسي وري ، حرمين شريف جي دفاع جو نام نهاد ڪوڙو نعرو هڻي مان مظلوم آهيان ، ٻين کي لکين ماڻهن جي جانين کي خطري ۾ وجهي مان خطري ۾ آهيان ۽ کليو کلايو دهشتگري ڪندي مان دهشتگرديءَ خلاف پيو لڙان جو رٽو رٽايل سبق عرب ۽ دنيا جي ميڊيا کي پڙهائي سندن اکين ۾ ڌوڙ وجهي رهيو آهي.

ٻئي پاسي يمني قوم وڃي ته وڃي ڪنهن طرف؟ ڇاڪاڻ ته ان وٽ  ٻه رستا آهن يا ته سعودي وانگر سعودي عرب تي حملو ڪري ۽ جيڪو ٿورو گهڻو اسلحو، راڪيٽ ۽ ميزائل وٽس موجود آهن اهي سعودي سرحدن جي اندر اڇلائي ۽ اهو ڪم اهي آسانيءَ سان ڪري به سگهن ٿا ليڪن جيڪڏهن هڪ گولي به سعودي عرب ۾ اندر آئي ــــ خاص ڪري هن حساس حالات ۾ـــ ته پوري دنيا جا نهاد مسلمان خاص ڪري سعودي ڊالرن تي پلجندڙ مذهبي ٺيڪيدار اسلام جي نالي تي سعودي حڪمرانن جي حمايت ۾ اٿي بيهندا ۽ پوءِ اهو ڪم سعودي ۽ ان جي اتحادين جي لاءِ سرٽيفڪيٽ هوندو ته کين پوري يمني قوم کي مٽيءَ ۾ ملائڻ جي کلي ڇوٽ آهي!

ليڪن جيڪڏهن ڪجهه نه ڪن ۽ ائين پنهنجي پيارن کي لاشن جي ڍيرن ۾ تبديل ٿيندو ڏيندا رهن،معصوم ٻارن جا پارا پارا جگر ۽ عزيزن جي لاوارث بڻجي ويل لاش ڏسي به هٿ هٿ ته رکي ويهي رهن ته به کين ٻه نقصان آهي. هڪ ته سعودي جارحيت وڌندي ئي رهندي ۽ سندن هن مهل تائين ٿيل جاني ۽ مالي نقصان به تيزيءَ سان رهندو جڏهن اڃان مستقبل ۾ کين اقتصادي بحران کي به شايد منهن ڏيڻو پوندو. جڏهن ته ان کان علاوه هڪ ٻيو اهم نقصان سندن قوم ۾ اختلاف جا ڏار پوڻ ۽ مزاحمت نه ڪرڻ جي صورت ۾ هن وقت موجود قومي اتحاد ۽ اتفاق جو ٽٽڻ هوندو. جنهن جو نتيجو ملڪ ۾ خانه جنگيءَ جي ان پراڻي زخم جي صورت ۾ ٻيهر اٿڻ آهي جيڪو ڪيترائي سال يمني عوام لاءِ ڀيانڪ خواب بڻيل هئو ۽ تازو ئي يمنين ان مان جان ڇڏائي آهي.

تنهن ڪري حڪومتي واڳون سنڀاليندڙن لاءِ فيصلو ڪرڻ آسان نه آهي البته حوثين جي اڳواڻ ڪالهه پنهنجي هڪ بيان ۾ جيڪو عرب سوشل ميڊيا تي زور شور سان هلي رهيو آهي، اظهار ڪيو آهي ته اسان جي هن وقت تائين خاموشي فقط عالمي دنيا ۽ اسلام جو دم ڀريندڙن نام نهاد ٺيڪيدارن مٿان حجت تمام ڪرڻ لاءِ آهي جيڪي يمني عوام جو قتل عام ڏسي رهيا آهن سي جيڪڏهن ڪجهه ڪرڻ چاهين ٿا سي ڪري وٺن ورنه  پوءِ جڏهن اسان جواب ڏيڻ شروع ڪيو ته ميار نه ڏين .

بهرحال آخر ۾ ان ڪردار ۾ پاڪستاني حڪمرانن جو ذڪر به ضروري ٿا سمجهون جن جي اکين تان سعودي ريالن جو رنگ ۽ دماغن تان آمريڪي ڊالرن جو نشو ٽڙي ئي نه ٿو۽ کين سعودي ــ يمن جنگ ۾ بيگناهن جي خون بدران پيسا ۽ اخلاقي قدرن بدران مالي مفاد نظر اچي رهيا آهن.

جيتوڻيڪ مون کي ايم ڪيو ايم جي قائد الطاف حسين جي نه پارٽي وڻندي آهي نه شخصيت نه وري تقرير ليڪن ڪجهه ڏينهن اڳ ڏنل سندس ان بيان سان مڪمل متفق آهيان ته پاڪستان هن جنگ ۾،پرائي شاديءَ ۾عبدالله ديواني وانگر آهي.

khadimhussainy @ yahoo.com