Get Adobe Flash player

سعودي پاران يمن مٿان ٿيل جارحيت کي ڪيترائي ڏينهن گذري چڪا آهن. هوائي بمباريءَ جي نتيجي ۾ ڪيترن ئي بيگناهه ماڻهن جي شهادت کان علاوه سوين ماڻهون زخمي ٿي چڪا آهن.

يمن جي گاديءَ وارو هنڌ صنعاء ۾ چوطرف ويراني۽ تباهيءَ جا منظر آهن. جڏهن ته سعودي عرب ۽ سندس اتحادي فوج جي نام نهاد جنرلن ۽ اڳواڻن جي چهرن تي ان موت جي منظرن تي خوشيءَ جا تاثر آهن. ڄڻ ته بي گناهه ماڻهن ۽ ٻارن کي موت جي ننڊ سمهاري بهادريءَ جا اعلى مثال قائم ڪيا اٿن ۽ پنهنجي ئي مسلمانن ڀائرن مٿان بم وسائي وڏو ڪارنامو انجام ڏنو اٿن.

ليڪن سوال اهو آهي ته ڇا سعودي حڪمرانن جي هن بيهوده جنگ جا دنيا۽ خاص ڪري وچ اوڀر جي ملڪن تي ڪهڙا اثر پوندا؟ ڇا ايران جي ان اثر ۽ رسوخ ۾ ڪمي ايندي جنهن جي دعوى ڪندي هن يمن مٿان حملو ڪيو؟ يا ان نفرت جو ڪو ازالو ممڪن آهي،جيڪا هنن حملي سبب يمني عوام جي دلين ۾ پيدا ٿي چڪي آهي؟ يا سعودي عرب کي لاحق داخلي خطرن جو خاتمو ايندو ،جن کان ڊڄي ڪري هن يمن تي حملو ڪيو؟ ۽ اهڙي طرح ڇا سعودي حڪمران خاندان ۾ اندروني طور هلندڙ اقتدار جي لڙائي پنهنجي انجام تي پهچندي؟

عالمي ۽ سعودي عرب جان اندروني حالات ۽ واقعات انهن سڀني سوالن جو جواب نفيءَ ۾ ڏين ٿا.

تاريخ شاهد رهي آهي ته جتي به طاقت جي زور تي قبضي جي ڪوشش ڪئي وئي يا ڪٺ پتلي حڪومتن کي مسلط ڪري عوامي تحريڪن کي دٻايو ويو سي انتهائي تيزيءَ سان مٿي اڀريون ۽ انهن ظالمن طاقتن کي ٽوٽا چٻرايا ۽ پنهنجي ملڪ مان انهن جون پاڙون پٽي ڦٽي ڪيون،ويٽنام هجي يا افريڪا،لبنان هجي يا افغانستان هر جاءِ تي استعماري طاقتن کي پوئتي هٽڻو ئي پيو. ڇاڪاڻ ته عوامي جدوجهد اڳيان سندن بيهڻ ممڪن نه رهيو هئو ۽ اهو سڀ ان نفرت ڪري ٿيو  جيڪا عوامي سطح تي ظالمن خلاف وڌي ٿي

سعودي حڪومت به يقين رکي ته هوءَ يمن مٿان گهڻي عرصي تائين تسلط ڄمائي نه سگهندي ۽ هيءُ حملو يمني عوام جي نفرت کي ان جي انتها درجي تي پهچائي ڇڏيندو ، ڇاڪاڻ ته جيڪا قوم هرروز پنهنجي عزيزن جا لاش کڻندي اها کين گلدستا ته هرگز پيش نه ڪندي؟

ان حملي سان يمن مٿان ايران جي اثر ۾ وڌارو ايندو ان جا ٻه وڏا سبب آهن هڪ اهو ته سعودي ايران جو رقيب آهي لهذا ان جا دشمن سندس مخالف ڏانهن ئي ويندا هڪ ٻيو وڏو سبب ايران جي مثبت ۽ بهتر انداز ۾ يمني عوام جي مدد آهي، ايران ٻين ملڪن مٿان پنهنجي مرضي مڙهڻ بدران سندن مدد ڪئي آهي ۽ ڪندو رهندو،ليڪن ڪڏهن به سندن داخلي يا خارجي پاليسيءَ ۾ دخالت نه ڪئي آهي ۽ سندن دوست سمجهي مدد ڪئي آهي نه نوڪر سمجهي،احسان ڪري جتائڻ يا پيسو ڏئي نوڪر بڻائڻ بدران ايران انهن قومن جي ترقيءَ ۾ ڪردار ادا ڪيو آهي ،اهو ئي سبب آهي جو ڏسون ٿا ته ايران جو لبنان،شام، عراق ايستائين جو افغانستان ۾ به تمام گهڻو اثر وڌيو آهي  جنهن جو امريڪا به اعتراف ڪري ٿو. جيڪڏهن سعودي حڪمران ان سبق کي ياد ڪري يمن سان جنگ بدران کين ڀاءُ جو درجو ڏئي اتي اهڙا ڪم ڪري ها جيڪي يمني عوام ۽ ملڪ جي ترقيءَ ۾ ڪردار ادا ڪن ها ته اتي سندس اثر ۽ رسوخ ۾ اضافو اچي ها ۽ شايد ان بيهوده جنگ کان تمام گهٽ خرچ ۾ شايد کيس اهو سڀ ڪجهه ملي ها جنهن جي لاءِ جنگ شروع ڪيائين.

ان قدم سان نه فقط يمن ۾ سعودي اثر وڌي ها بلڪه کيس انهن خطرن کان به نجات ملي سگهي پئي جيڪي کيس داخلي ۽ خارجي سطح تي لاحق آهن ،ڇاڪاڻ ته هڪ دوست ۽ پرامن ملڪ جو پاڙيسري هجڻ هر ملڪ جي پنهنجي امن جي لاءِ به مفيد آهي،ليڪن هاڻي هن حملي کان بعد سعودي مٿان موجود خطرن ۾ اضافو ٿيو آهي؟ ڇاڪاڻ ته هاڻي نه فقط يمني حوثي فورسز طرفان سرحدي علائقن تي مستقل خطرو رهندو بلڪه خود سعودي عرب ۾ اندر موجود شيعن ۽ ٻين عليحدگي پسند گروپن کي هٿي ملندي ۽ اهي حڪومت لاءِ ڪنهن به وقت خطرو بڻجي سگهن ٿا.

اهو ئي سبب آهي جو عرب سوشل ميڊيا تي سعودي حڪمران خاندان ۾ يمن مٿان حملي بابت شديد اختلافن جون خبرون سامهون آيون آهن. جنهن جي شروعات سابق حڪمران عبدالله جي مرڻ کان پوءِ سندس پٽن کي ملڪ جي اهم عهدن تان لاهڻ ۽ نئين بادشاهه پاران پنهنجي پٽ کي وزير دفاع مقرر ڪرڻ جي صورت ۾ سامهون آيا هئو. انهن خبرن ان حقيقت کي به چٽو ڪيو آهي ته نئين بادشاهه جي تخت تي ويهڻ باوجود سديرن کيس دل سان قبول نه ڪيو آهي ۽ اقتدار جي رساڪشي اندروني طور جاري آهي جيڪا هڪ چڻگ وانگر آهستي آهستي دکي رهي آهي ۽ ڪنهن به مهل ڀڀڙ باهه جي صورت وٺي سگهي ٿي.

يمن ۾ جنگ ۾ سعودي عرب جي ممڪنه ناڪاميءَ جي صورت ۾ اهو خانداني اختلاف ۽ جهڳڙو وڏو روپ به اختيار ڪري سگهي ٿو ،جنهن جي نتيجي ۾ سعودي حڪمرانن جي اقتدار کي هڪ وڏو خطرو درپيش آهي .شايد اهو ئي سبب آهي ته سعودي حڪمران پوري دنيا ۾ پنهنجي اتحادين جهڙوڪ پاڪستان سان مسلسل رابطي ۾ آهن ۽ مٿن زور ڏئي رهيا آهن ته پنهنجون فوجون سعودي عرب موڪلين ته جئين ممڪنه شڪست جي صورت ۾ پنهنجو اقتدار ۽ حڪومت بچائي سگهن.

This e-mail address is being protected from spambots. You need JavaScript enabled to view it.

sirat-geryaمعصومن عليهم السلامجي سيرت ۾ ڪيتريون ئي اهڙيون روايتون سيد الشهداءِ امام حسين عليهالسلام جي مٿان گريي ۽ عزاداريءَ جيان عظيم سنّت کي بيان ڪن ٿيون جيڪا سنت سالن جا سال ۽ هر دور ۽ زماني ۾ سندن وچ ۾ باقي رهي آهي ۽ اهلبيت عليهم السلام ائين هن سنت کي برپا ڪندا...
144660
imam-hussainامام حسين عليه السلام جي ولادت باسعادت ٽي شعبان المعظم تي مديني منوره ۾ مشهور قول مطابق سندن ولادت سن چار هجريءَ ۾ ولادت ٿي. امام حسين عليه السلام اٽڪل ست سال پنهنجي ناني، ڪائنات جي رسول ص سان گڏ زندگي گذاري. ۽ انهن ستن سالن ۾ جيتوڻيڪ حضرت محمد صلى...
142030
habib-ibn-mazaahir    ڪربلا   جون   تاريخي   شخصيتون    حبيب بن مظاهر عليه السلام   حبيب  جي ولادت      حبيب ابن مظاهرکي اهو افتخار حاصل رهيو آهي ته پاڻ اصحاب امام حسينC جي صحابين منجھان سڀني کان پهريان دين اسلام ۽ نبي ڪريم4 جي خدمت ۾  اڳيان اڳيان رهيا آهن. هي بزرگ...
36670
borer-ibn-khozeer ڪربلا   جون   تاريخي   شخصيتون   برير بن خضير همداني عليه السلام   مقدمو       ڪربلا معلى جي ميدان ۾ سيد الشهداء حضرت امام حسين A  جي مٿان پنهنجي جان نثار ڪرڻ وارن صحابين جو اهڙو درجو ۽ رتبو آهي جيڪو ڪنهن نبي ۽ وليءَ جي صحابين کي به حاصل نه ٿي...
38120
jon-bin-haviڪربلا جون تاريخي شخصيتون حضرت جون ابن حُوي       حضرت جون ابن حُوي جو شمار انهن انسانن مان ٿئي ٿو جن تمام سخت ۽ ڏکئي وقت ۾ اهڙو بهترين فيصلو ڪيو جنهن سندن دنيا سان گڏ آخرت به سنواري ڇڏي . ڏکئي وقت ۾ پنهنجي پياري جان،وقت جي امام (ع) مٿان ڪندي سندن مدد ۽...
36280
امام-حسين-عليه-السلام-جي-غم-۾ڪارا-ڪپڙا-پائڻعام طور تي اهو سوال اٿاريو ويندو آهي ته امام حسين عليه السلام جي غم ۾ ڪارو لباس ڇو پهريو ويندو آهي ؟ ۽ ڇا اسلام جي نگاهه ۾ اهو لباس پائڻ جائز آهي ؟ امام پاڪن ۽ شيعا عالم جي ان بابت ڪهڙي راءِ آهي؟ انهن سڀني سوالن جو جواب اسان هن مختصر مقالي ۾ ڏيڻ جي ڪوشش...
29020
شبيهه-رسول-ع-جي-آفاقي-شخصيت-تي-هڪ-نظر-1ھر انسان لاءِ اولاد سڀني کان وڌيڪ قيمتي شيءِ هوندو آهي جنهن لاءِ هو سڀ ڪجهه ڪرڻ لاءِ تيار هوندو آهي. انسان  پاڻ هر سردي گرمي سهي ،هر ڏک ۽ تڪليف برداشت ڪري به اهو چاهيندو آهي ته سندس اولاد سکيو هجي ، ان کي ڪابه تڪليف نه پهچي ۽ هو ڪو ڏک نه سهي،کين خوش ڏسي...
48070