Get Adobe Flash player

ڪالهه يمن مٿان سعودي عرب پاران ٿيل حملن کانپوءِ  وچ اوڀر ۾ سندس اصل چهري تا نقاب هٽي چڪو آهي ڇاڪاڻ ته 60 سيڪڙو شيعا آباديءَ تي مشتمل هن ملڪ ۾ 50 سال اڳ تائين جڏهن اتي زيدي شيعن جي حڪومت کي ڪيرائي نام نهاد حڪومت کي مسلط ڪيو ويو ته عملي طور اتي سعودي حڪومت ئي هئي جنهن جو اتي قبضو هئو .

چاليهه سال ملڪ تي مسلط ڊڪٽيٽر علي عبدالله صالح به سعودي وارن جو رکيل نوڪر ئي هئو جنهن بغير ڪنهن ٻئي جي حڪومت تي قابض رهيو.

يارنهن سيپٽمبر واري واقعي کانپوءِ دنيا مٿان حڪومت جو خواب کڻي اسلامي ملڪن تي ڪاهه ڪندڙ امريڪا جڏهن نئين وچ اوڀر ٺاهڻ جو اعلان ڪيو ته ان جو مقصد به اهو هئو ته وچ اوڀر جي سڀني ملڪن جو استقلال ڪري ان کي پنهنجي ئي ڪنهن نوڪر جهڙوڪ سعودي کي اتان جو ٺيڪيدار بڻائي جيڪو علائقي ۾ امريڪي مفادن جو تحفظ ڪرڻ سان گڏ اسرائيل جو غلام ٿي گذاري ۽ ائين پوري وچ اوڀر ۾ امريڪا بنا ڪنهن شريڪ جي حاڪم ۽ اتان جي هر سياه ۽ سفيد مالڪ بڻجي وڃي ۽ اتي موجود ڪاري سون ذريعي پوري دنيا کي پنهنجو غلام بڻائي سگهي ۽ دنيا جون ٻيون طاقتون جهڙوڪ چين ۽ روس به سندس اڳيان ڪنڌ کڻي سگهن.

اهڙي قسم جو هدف حاصل ڪرڻ لاءِ پهريان افغانستان ۽ پوءِ عراق تي ٿيل سڌي حملي ۾ شڪست کائي پسپا ٿيندڙن امريڪي جنرل ۽ ڳجهين ايجنسين اهو سبق حاصل ڪيو ته جيڪڏهن اسلامي دنيا کي شڪست ڏيڻ ممڪن آهي ته اهو نا امني ،گهرو ويڙهه ۽ فرقه واريت جي باهه ذريعي ممڪن آهي .

اتي عرب بهار يا عرب اسپرنگ نالي نئون نقشو سامهون آندو ويو جنهن ذريعي پهريان مصر ۽ پوءِ ليبيا،تيونس، شام،عراق،يمن ۽ لبنان ۾مختلف روپن ۾ سامهون آندو ويو ليڪن اهي ملڪ جيڪي اڳ ئي آمريڪي غلاميءَ جو ڳٺ پايون ويٺا هئا جهڙوڪ سعودي،قطر،امارات،اردن وغيره کي اهڙي قسم جي نقشن کان آجو ڪيو ويو هئو

ڪجهه ئي سالن ۾ اهو سڀ ڪجهه گهڻي حد تائين حاصل ڪري ورتو جيڪو هن چاهيو پئي، لبنان جي اسرائيل هٿان تباهي، ليبيا جي گهرو ويڙهه ۽ شام ۽ عراق ۾ فرقه واريت جي باهه ذريعي بربادي ،تيونس ۽ مصر ۾ عوامي انقلابن جي نالي تي ناامني پيدا ڪرڻ ۽ يمن ۾ هڪ پاسي اڳواٽ موجود  گهرو ويڙهه هوا ڏني وئي ته ٻئي پاسي القاعده تي حملن بهاني امريڪي پير يمن جي سرزمين تي پوڻ سان فرقيوايت کي به هوا ڏني وئي .

انهن سڀني ڪمن جو نتيجو اهو نڪتو جو 10 کان 15 سالن جي هن مختصر عرصي ۾ علائقي ۾ ڪوبه طاقتور ملڪ يا فوج اهڙي  باقي ناهي رهي جيڪا اسرائيل ۽ امريڪي مفادن لاءِ خطرو ثابت ٿئي ،ڇاڪاڻ ته اهي سبب پنهنجي پنهنجي مسئلن ۾ منجهيل آهن

ان پوري کي نقشي کي عملي ڄامو پهرائڻ ۾ سعودي عرب جو ڪردار انتهائي مهم رهيو آهي، تيونس جو علي زين العابدين هجي يا يمن جو عبدالله صالح کين سعودي ۾ ئي پناهه ملي. مصر ۾ ڊڪٽيٽرن جي حمايت هجي يا عراق ۽ شام ۾ وحشي دهشتگردن جي مدد ،اسرائيل جي حمايت هجي يا لبنان جي حزب الله خلاف جنگ هر ميدان ۾ سعودي عرب آمريڪي ۽ اسرائيلي مفادن جي حفاظت ۾ اڳڀرو ئي رهيو آهي.

هاڻي به يمن ۾ ٿيل تازو حملو سعودي عرب نه پر آمريڪا جو ئي آهي جنهن جو مقصد يمن کي تباهه ۽ برباد ڪري گهرو ويڙهه ۾ ڦاسائي کيس ايترو ڪمزو ڪرڻ آهي جو سالن جا سال ڪنڌ کڻڻ جهڙو نه هجي ۽ نه ئي وري ڪنهن ٻئي پاسي ڏسي سگهي.

ليڪن هن دفعي جيڪا فاش غلطي سعودي عرب ڪري ويٺو آهي اها آهي سڌو سئون جنگ جو آغاز،ڇاڪاڻ ته آمريڪا جي اها عادت رهي  آهي ته هو ٻين ملڪن کي جنگ ۾ ڦاسائي پاڻ پري ٿي بيهندو آهي. جنهن جو تجربو پاڪستان کي افغانستان ۽ ترڪيءَ کي شام،يوڪرين کي روس سان ويڙهائڻ کان پوءِ ڪري چڪو آهي.

جيتوڻيڪ هن جي آغاز ڪرڻ ۾سعودي عرب سان آمريڪا گڏ آهي ۽ ٻيا ملڪ به کيس دلاسو ڏئي رهيا آهن ته اسان تو سان گڏ وڙهڻ لاءِ تيار آهيون ليڪن وقت ان ڳالهه کي چڱيءَ طرح سامهون آڻيندو ته،سعودي به پاڪستان وانگر ان جنگ ۾ اڪيلو رهجي ويندو ۽ ٻيا ملڪ فقط ڳالهين جي حد تائين يا وڌ ۾ وڌ هوائي حملن تائين ئي محدود رهندا ،جڏهن ته ميداني جنگ ۾ يا هرگز پنهنجي فوج نه لاهيندا ۽ يا ان جو تعداد تمام گهٽ هوندو،تنهن ڪري سعودي عرب کي اها جنگ پنهنجي سر وڙهڻي پوندي ،جڏهن ته حوثين جي مقابلي ۾ اهڙي جنگ ۾ سعودي عرب جي فوج کي ڪو خاص تجربو ناهي.

ٻئي اهم ڳالهه اها به آهي ته جيڪڏهن حوثين ان جنگ  کي سعودي سرحدن جي اندر ڇڪيو ته ڇا سعودي عرب لاءِ پنهنجي سرحدن جو دفاع۽ شهرين جي حفاظت ممڪن رهندي ؟

هڪ مزي جي ڳالهه اها به آهي ته ان جنگ جا سڀ خرچ سعوديءَ کي ئي ڀرڻا پوندا ۽ شايد پيسن کان سواءِ امريڪي کين هڪ گولي ڏيڻ لاءِ به تيار نه ٿين ۽ ٻيا ملڪ به کيس سکڻي سنگت ۾ هڪ فوجي به نه ڏيندا. تنهن ڪري جيڪڏهن هيءَ جنگ هڪ مهيني کان مٿي چڙهي ته ان جنگ جا خرچ اربين کربين ڊالرن کان به مٿي هوندا ؟ ڇا سعودي اقتصادي قوت تيل جي هنن ڪريل قيمتن سان اهڙي قسم جو نقصان برداشت ڪري سگهندي؟ اهو به هڪ اهڙي جنگ لاءِ جنهن ۾ کيس ٽڪي جو به فائدو نه آهي؟  جڏهن ته اها امريڪي ۽ اسرائيلي مفادن جي جنگ آهي!

هن جنگ جا نتيجا ڇا نڪرندا ۽ ان جا وچ اوڀر ۽ دنيا مٿان ڪهڙا اثر ظاهر ٿيندا؟ ان جو جواب وقت ڏيندو ليڪن اهو يقين سان چئي سگهجي ٿو ته اهي اثر سعودي عرب جي فائدي ۾ هرگز نه هوندا!