Get Adobe Flash player

شڪارپور جي مرڪزي امام بارگاه ڪربلا ۾ نماز جمعه دوران خودڪش يزيدي بمبار بم ڌماڪو ڪري بي گناهه ۽ معصوم نمازين کي رت ۾ ونهنجاري ڇڏيو جنهن جي نتيجي ۾ 20 کان وڌيڪ مومن شهيد ۽ 50 کان وڌيڪ مومن زخمي ٿي پيا آهن جن مان ڪيترن ئي زخمين جي حالت نازڪ ٻڌائي پئي وڃي ،
تفصيل مطابق اڄ نماز جمعه جي دوران هڪ تڪفيري دهشتگرد مسجد ۾ گهڙي پنهنجي پاڻ کي بم سان اڏئي ڇڏيو جنهن سبب ڪيترائي مومنن شهيد ۽ زخمي ٿي پيا آهن جن کي شڪار پور کان علاوه سکر ۽ لاڙڪاڻي اسپتالن ڏانهن روانو ڪيو ويو آهي۔
اسان ان افسوسناڪ واقعي جي شديد مذمت ڪريون ٿا ۽ حڪومت پاڪستان کان ان واقعي ۾ملوث مجرمن کي سخت سزا ڏيڻ ،سرعام ڦاسي ڏيڻ سميت مومنن جي وارث جي دل جوئي ڪرڻ جو مطالبو ڪريون ٿا