Get Adobe Flash player

توهين آميز ڪارٽون:فرانسي اخبار جي ڪڌي قدم جي مذمت 
ان کان اڳ به ڪجهه سال پهريان يورپ ۾ وڌندڙ اسلامي اثر رسوخ کان خوفزده يورپي ملڪن پهريان امن ۽ سلامتيءَ جو پيغام کڻي ايندڙ رحمة اللعالمين رسول صلى الله عليه وآله وسلم جي شان ۾ گستاخي ڪندي سندن توهين آميز ڪارٽون يورپ جي ڪيترن ئي اخبارن ۾ شايع ڪرايا ويا هئا جنهن جي پوري دنيا جي مسلمانن مذمت ڪئي هئي
فرانس جي اخبار چارلي ايبدو پاران هڪ دفعو ٻيهر اڄ اهڙا توهين آميز ڪارٽون شايع ڪرايا ويا آهن جنهن سان دنيا جي اربين مسلمانن جي دل آزاري ٿي آهي
اسان شيعه دوست ڊاٽ ڪام طرفان ان ڪڌي ڪم جي سخت مذمت ڪندي يورپي ملڪن جي سربراهن سميت مسلمان سياستدان کان پرزور گهر ڪريون ٿا ته يورپي ملڪن ۾ اسلام جي مقدسات جي احترام کي يقيني بڻايو وڃي ۽ اهڙي قسم جا قدم کڻندڙن کي سخت سزا ڏني وڃي


والسلام 
شيعه دوست ڊاٽ ڪام انتظاميه