Get Adobe Flash player

اسلام جن معاشرتي ۽ سماجي حقن جي تاڪيد ڪئي اهي ۽ مسلمانن کي انهن تي پابند رهڻ جو حڪم ڏنو اٿس انهن منجهان هڪ هيءُ اهي ته اهي پنهنجن عزيزن ۽ قريبن سان سدائين سٺا رابطا برقرار رکن ۽ ساڻن هميشه سهڻي نموني پيش اچن؛ اسلام جي زبان ۾ اهڙي شيءِ کي mصله رحميn چئبو اهي.

 

تنهن ڪري هڪ مسلمان کي کپي ته هو پنهنجي مائٽن ۽ عزيزن سان ملاقات ڪندو رهي ،سندن  احوال پرسي ڪندو رهي۽  ساڻن سهڻو سلوڪ رکي، جيڪڏهن اهي غريب ۽ محتاج هجن ته سندن جي مدد ڪري، جيڪڏهن ڪنهن موڙ تي انهن کي ڪا پريشاني پيش ته انهن جي مدد لاءِ وٽن  ترت پهچي ، انهن سان کير ۽ کنڊ ٿي رهي، هر قسم جي ناراضگيءَ کي ختم ڪري ڇڏي، جيڪڏهن ڪومصيبت ۾ مبتلاء ٿي ويو هجي ته ان جي ڀرپور مدد ڪري سندس مشڪل کي حل ڪرڻ جي لاءِ جِيءَ ۽ جان سان جاکوڙ ڪري، جيڪڏهن انهن کان ڪو غلط ڪم ٿيندو ڏسي ته   کين سهڻي نموني سان نصيحت ڪري ۽ انهن کي بهترين انداز ۽ نرميءَ سان سمجھائي.

ڇاڪاڻ ته هر انسان جا مائٽ ۽ عزيز ئي سندس ٻانهن ٻيلي هوندا اهن، يعني: حالات جي بدلجڻ سان مٿس ڪا تڪليف يا مصيبت ايندي اهي ته  مائٽن ۽ عزيزن ۾ ئي اميد ۽ اس هوندي اٿس تنهنڪري  سندن ايترو وڏو حق اهي.

حضرت امام عليA جن فرمائن ٿا: ايُّهَا النَّاسُ انَّهُ لَا يَسْتَغْنِي الرَّجُلُ وَ انْ ڪَانَ ذَا مَالٍ عَنْ عَشِيرَتِهِ وَ دِفَاعِهِمْ عَنْهُ بِايْدِيهِمْ وَ الْسِنَتِهِمْ وَ هُمْ اعْظَمُ النَّاسِ حَيْطَةً مِنْ وَرَائِهِ وَ الَمُّهُمْ لِشَعَثِهِ وَ اعْطَفُهُمْ عَلَيْهِ عِنْدَ نَازِلَةٍ انْ نَزَلَتْ بِهn[1] اي انسانو! ڪو شخص چاهي ڪيترو به مالدار هجي اهو پنهنجي  عزيزن کان بي نياز ناهي  جو اهي پنهنجي زبان ۽ عمل سان سندس دفاع ڪن،جنهن وقت انسان جو خاندان سڀني کان وڏو گروهه اهي جيڪو سندس حمايت ڪري ٿو۽ سندس پريشانيءَ ۽ تڪليف کي دور ڪري ٿو ۽  مصيبت جي وقت سڀني کان وڌيڪ مٿس مهرباني ڪري ٿو

 

۽ اهڙي نموني پاڻ هڪ ٻئي مقام تي فرمائن ٿا ته

 mوَ مِنْهَا الَا لَا يَعْدِلَنَّ احَدُڪمْ عَنِ الْقَرَابَةِ يَرَى بِهَا الْخَصَاصَةَ انْ يَسُدَّهَا بِالَّذِي لَا يَزِيدُهُ انْ امْسَڪهُ وَ لَا يَنْقُصُهُ انْ اهْلَڪهُ وَ مَنْ يَقْبِضْ يَدَهُ عَنْ عَشِيرَتِهِ فَانَّمَا تُقْبَضُ مِنْهُ عَنْهُمْ يَدٌ وَاحِدَةٌ وَ تُقْبَضُ مِنْهُمْ عَنْهُ ايْدٍ ڪثِيرَةٌ وَ مَنْ تَلِنْ حَاشِيَتُهُ يَسْتَدِمْ مِنْ قَوْمِهِ الْمَوَدَّةَn خبردار! اوهان منجھان ڪو به پنهنجي عزيزن ۽ قريبن کي محتاج ڏسي ڪري ان مال منجهان انهن جي حاجت روائي ڪري جيڪو باقي رهجي وڃي ته سندس مال ۽ ملڪيت وڌي ڪانه ويندي ۽ جيڪڏهن خرچ ڪيو ويندو ته گھٽ نه ٿي ويندو، انهي ڪري جو جيڪو به پنهنجي قوم يا قبيلي کان پنهنجو هٿ روڪي ٿو ته ان قبيلي کان فقط هڪ هٿ رڪجي وڃي ٿو ۽ خود ان شخص کان بيشمار هٿ رڪجي وڃن ٿا ۽ جنهن جو مزاج نرم هوندو اهي اهو سندس قوم جي محبت کي هميشه جي لاءِ حاصل ڪري وٺندو اهي.[2]

            امام عليA ان جڳهه تي پنهنجي عزيزن ۽ قريبن سان قطع تعلق ڪرڻ جا نقصان بيان ڪيا اهن ته ان انسان جي تعلق ختم ڪرڻ سان ان جي رشتيدارن کي صرف هڪ انسان جو نقصان ٿئي ٿو مگر اهو پاڻ بيشمار همدردن کي وڃائي ويهندو اهي. اهڙي طرح امامA ان ڳالھ ڏانهن به اشارو ڪيو اهي ته: سُٺي سلوڪ جي ذريعي عزيزن ۽ قريبن جون محبتون حاصل ٿينديون اهن جنهن ۾ بيشمار ڀلايون پاتيون وڃن ٿيون.

بيشڪ هر وڏي خاندان، قبيلي ۽ سماج ۾ ڪيترائي اهڙا ماڻهو پاتا ويندا اهن جن جون صلاحيتون ۽ قابليتون به مختلف هونديون اهن توهان کي انهن ۾ عالم، جاهل، مالدار، غريب، تندرست، ڪمزور، حريص ۽ لالچي ۽ اهڙا ٻيا هر قسم جا ماڻهو ڏسڻ ۾ ايندا.

پوءِ اخر اها اهڙي ڪهڙي شيءِ اهي جيڪا ان سماج ۽ معاشري کي هڪ طاقتور، ترقي يافته ۽ بهترين سماج بڻائي سگھي ٿي؟ بيشڪ پاڻ ۾ واسطن ۽ رابطن جو مضبوط هجڻ يا ان ذميواريءَ جو احساس  جيڪا هڪٻئي جي مدد سان پيدا ٿيندي اهي، هي ئي اهي شيون اهن جن جي ذريعي اسان ان نيڪ مقصد تائين پهچي سگھون ٿا. ۽ ان جو طريقو اهو اهي ته هر دولتمند انسان پنهنجي قوم جي غريبن جو خيال رکي ۽ هر طاقتور انسان پنهنجي قوم جي ڪمزور ماڻهن جي پشتپناهي ڪري ۽ دشمنن جي مقابلي ۾  سندن حقن  جي حصول لاءِ سندن  ساٿ ڏي، بيشڪ هر قوم ۽ سماج ۾ صله رحمي جي ڪري هڪ مضبوط، طاقتور ۽ باعزت معاشرو وجود ۾ اچي ٿو.

اهو ئي سبب اهي جو اسلام مسلمانن کي پاڻ ۾ ڀائيچاري ۽ برادري کي مضبوط کان مضبوط تر بڻائڻ جي تاڪيد ڪئي اهي ۽ ڪنهن به حالت ۾ انهن رابطن کي ٽوڙڻ يا ڪمزور ڪرڻ جي خطرن کان انهن کي چڱي طرح اگاھ ڪيو اهي.

۽ معصومين عليهم السلام  جي حديثن ۾ ته صله رحمي کي ايتري قدر اهميت ڏني ويئي اهي جو ان کي دين ۽ ايمان قرار ڏنو ويو اهي.

     جهڙي نموني امام محمد باقرA جن پنهنجي  وڏڙن ذريعي نبي اڪرم صلى الله عليه واله  جن کان روايت نقل ڪئي اهي ته پاڻ سڳورن صلى الله عليه واله  جن فرمايو:  اوصِي الشَّاهِدَ مِنْ امَّتِي وَ الْغَائِبَ مِنْهُمْ وَ مَنْ فِي اصْلَابِ الرِّجَالِ وَ ارْحَامِ النِّسَاءِ الَى يَوْمِ الْقِيَامَةِ انْ يَصِلَ الرَّحِمَ وَ انْ ڪانَتْ مِنْهُ عَلَى مَسِيرَةِ سَنَةٍ فَانَّ ذَلِڪ مِنَ الدِّينِ[3] منهنجي امت جو هر  حاضر ۽ غائب  انسان چاهي اهي ماڻهن جي نسلن ۾ هجن يا عورتن جي بطن (پيٽ) ۾ هجن ۽ قيامت تائين اچڻ واري هر شخص کي منهنجي اها وصيت اهي ته پنهنجي عزيزن ۽ قريبن سان صله رحمي ڪري، چاهي اهي هڪ سال جي مسافت جي فاصلي (مفاصلي) تي ئي ڇو نه رهندا هجن  ڇاڪاڻ ته اهو دين جو حصو اهي.

حضرت امام زين العابدينA به هيءَ روايت پاڻ سڳورن صلى الله عليه واله  کان نقل ڪئي اهي  ته پاڻ  فرمايائون : مَنْ سَرَّهُ انْ يَمُدَّ اللَّهُ فِي عُمُرِهِ وَ انْ يَبْسُطَ لَهُ فِي رِزْقِهِ فَلْيَصِلْ رَحِمَهُ فَانَّ الرَّحِمَ لَهَا لِسَانٌ يَوْمَ الْقِيَامَةِ ذَلْقٌ تَقُولُ يَا رَبِّ صِلْ مَنْ وَصَلَنِي وَ اقْطَعْ مَنْ قَطَعَنِي. [4] جيڪو  شخص  چاهي ٿو ته خدا سندس عمر کي وڌائي ۽ سندس رزق ۾ برڪت وجھي ته کيس گھرجي ته پنهنجن عزيزن ۽ قريبن سان صله رحمي ڪري،  ڇاڪاڻ ته قيامت جي ڏينهن الله تعالى mرحمn ( هتي رحم مان مراد خانداني رشتيداري اهي) کي زبان عطا ڪندو ۽ اهو خدا جي بارگاهه ۾ عرض ڪندو ته: خدايا! جنهن  مون کي ڳنڊيو تون به ان سان رابطو قائم ڪر ۽ جنهن مون  کي ٽوڙيو تون به ان سان رابطو ٽوڙي ڇڏ.

امام رضاA جن پنهنجي  وڏڙن ذريعي پيغمبراسلام صلى الله عليه واله  جن کان حديث نقل ڪئي اهي  ته پاڻ فرمايائون : جيڪو انسان مون سان هڪ ڳالھ جو واعدو ڪري ته مان ان جي لاءِ چئن شين جي ضمانت کڻندس: يصل رحمه فيحبّه الله تعالى و يوسّع عليه رزقه و يزيده في عمره و يدخله الجنّة الّتي وعده، جيڪڏهن ڪو پنهنجي عزيزن ۽ قريبن سان صله رحمي ڪندو ته الله تعالى ان سان محبت ڪندو، ان جي رزق ۾ برڪت وجهندو، سندس عمر کي وڌائيندو ۽ کيس جنت ۾ داخل ڪندو جنهن جو ساڻس واعدو ڪيو اهي.[5]

امام محمد باقرA فرمائن ته: )صِلَةُ الْارْحَامِ تُزَڪي الْاعْمَالَ وَ تَدْفَعُ الْبَلْوَى وَ تُنْمِي الْامْوَالَ وَ تُنْسِئُ لَهُ فِي عُمُرِه) صله رحمي اعمالن کي پاڪ ڪري ٿي ۽ مال ۽ رزق کي وڌائي ٿي  بلائن ۽ مصيبتن کي دور ڪريٿي ۽ موت کي ٽاريٿي.[6]

                   صلي رحمي جي ايتري اهميت ۽ عظمت کي سڃاڻڻ کان پوءِ ڇا اڃا به اهو بهانو اڻڻ صحيح اهي ته اسان پنهنجي عزيزن ۽ قريبن کان تمام گھڻي فاصلي تي اهيون (هو اسان کان تمام گهڻا پري اهن) يا گھڻي ڪم ڪار جي ڪري اسان تمام گھڻا مشغول رهندا اهيون ۽ اسان کي پنهنجي ڪم مان واندڪائي ئي ڪانه ٿي ملي جو اسان انهن سان رابطي ۾ رهي سگھون؟ ۽ خاص ڪري جيڪڏهن ڪنهن انسان جي رشتيدار تي ڪو ظلم ٿي رهيو هجي ته ڇا ان جي لاءِ اهو طريقو  اختيار ڪرڻ صحيح  اهي؟

نبي اڪرم صلى الله عليه واله  ۽ ائمه معصومين^  هر مؤمن جي لاءِ هڪ اهڙو روشن ۽ واضح رستو ٻڌائي ڇڏيو اهي جنهن تي هلڻ واري هر شخص کان خدا پاڪ راضي رهندو.

روايت ۾ اهي ته پاڻ سڳورن صلى الله عليه واله   سان ڪنهن شڪايت ڪئي ته مون کي منهنجي قوم ۽ قبيلي وارا تڪليف ڏين ٿا تنهنڪري مون اهو ئي مناسب سمجھيو اهي ته انهن سان سڀئي رابطا ۽ واسطا ٽوڙي ڇڏيان! ان تي حضور پاڪ صلى الله عليه واله  فرمايو: جيڪڏهن تو ائين ڪيو ته خدا پاڪ توکان ناراض ٿي ويندو؛ ان شخص عرض ڪيو ته: يا رسول اللهصلى الله عليه واله! پوءِ ائون ڇا ڪريان؟ پاڻ فرمايائون ته: mقَالَ تَصِلُ مَنْ قَطَعَڪَ وَ تُعْطِي مَنْ حَرَمَڪَ وَ تَعْفُو عَمَّنْ ظَلَمَڪَ فَانَّڪَ اذا فَعَلْتَ ذَلِڪَ ڪَانَ لَڪَ مِنَ اللَّهِ عَلَيْهِمْ ظَهِيرٌn جيڪو توکي محروم رکي ان کي عطا ڪر، جيڪو توکان رابطو ٽوڙي ان سان رابطو قائم ڪر، جيڪو توتي ظلم ڪري ان کي معاف ڪري ڇڏ، جيڪڏهن تون ائين ڪندين ته انهن جي مقابلي ۾ خداوند متعال تنهنجو حامي ۽ مددگار ٿيندو.[7]

حضرت امام علي  عليه السلام  جن فرمائن ٿا: mصلُوا ارحَامَکُم وَ ان قَطَعُوکُمn. پنهنجي عزيزن ۽ رشتيدارن سان صله رحمي ڪريو جيتوڻيڪ اهي توهان سان قطع رحمي ئي ڇو نه ڪن.[8]

امام جعفر صادق  عليه السلام  جن فرمائن ٿا: mانَّ صلةَ الرّحمِ البرّ لَيُهوّنَانِ الحِسَابَ و يعصمانِ مِنَ الذُّنُوبِ، فَصلُوا ارحَامَڪُم وَ بَرُّوا بِاخوَانِڪُم وَ لَو بِحُسنِ السَّلَامِ وَ رَدِّ الجَوَابِn صله رحمي ۽ نيڪ  ورتاءُ، حساب ۽ ڪتاب کي اسان ڪن ٿا ۽ گناهن کان محفوظ رکن ٿا؛ تنهن ڪري پنهنجي عزيزن ۽ قريبن سان صله رحمي ڪريو ۽ پنهنجي ڀائرن سان نيڪ  ورتاءُ ڪريو چاهي اها صله رحمي ، سهڻي انداز ۾ سلام ڪرڻ هجي يا ان جو جواب  ڏيڻ زريعي ڇو نه هجي.[9]

اهڙي طرح حضور پاڪ’ جن فرمائن ٿا: mصِلُوا ارحَامَڪُم وَ لَو بِالسَّلَامِn پنهنجي عزيزن ۽ قريبن سان صله رحمي ڪريو چاهي سلام جي ذريعي ئي ڇو نه هجي.[10]

پاڻ ڪريم’ کان هيءَ روايت پڻ نقل ٿي اهي ته: mصل رحمک و لو بشربة من ماء  و افضل ما يوصل به الرّحم ڪف الاذى عنهاn پنهنجي رشتيدارن سان صلي رحمي ڪريو چاهي اها پاڻيءَ جي هڪ ڍڪ جي ذريعي ئي ڇو نه هجي ۽ صله رحمي جو سڀ کان بهترين طريقو هيءُ اهي ته پنهنجي قريبن ۽ رشتيدارن کي ڪائي اذيت ۽ تڪليف نه ڏني وڃي.[11]

        مٿين روايتن مان بهترين طريقي سان سمجھ ۾ اچي ٿو ته رابطي ۽ واسطي کي مستحڪم ۽ مضبوط ڪرڻ ۾ صله رحمي جو ڪهڙو ڪردار اهي؟ هيءَ شيءِ بالڪل اسان ۽ ممڪن اهي ته اسان ڪنهن کان پري هجڻ جي اڌار تي ساڻس ملاقات نه ڪري سگھون ليڪن ان جي نالي هڪ خط ئي اسان جي پاران اظهار محبت ۽ صله رحمي جي لاءِ ڪافي اهي. يعني جهڙي نموني اسان پنهنجي اسپاس ۽ پنهنجي ويجھن عزيزن ۽ رشتيدارن کي  دل سان سلام ڪندا اهيون ۽ انهن سان صبح توڙي شام ملندا رهندا اهيون اهڙي نموني پنهنجي پري جي وسندڙ ڪنهن سڄڻ ڏانهن لکيل هيءُ سنيهو هڪ قسم جي صله رحمي اهي، ايستائين جو ڪنهن کي ڪنهن ٿانو ۾ پاڻي کڻي ان جي اڳيان رکڻ؛ ايستائين جو جيڪڏهن ڪو انهن کي ڪا  اذيت نه ٿو رسائي ته اهو به هڪ قسم جي صله رحمي اهي، بلڪه پاڻ سڳورن’ انهيءَ کي صله رحمي جو سڀ کان  وڏو رتبو   قرار ڏنو اهي.

قطع رحمي (پنهنجي مائٽن، دوستن ۽ رشتيدارن سان رابطو ختم ڪرڻ، رابطو ٽوڙڻ)

اسان کي سهڻي نموني سان ان شيءِ جي پرک پئجي چڪي اهي ته اسلام ۾ صله رحمي ۽ پنهنجن مٽن مائٽن ۽ دوستن سان تعلق ۽ رابطي رکڻ جي ڇا اهميت اهي؟ تنهن ڪري هاڻي هڪ ٻي شيءِ کي ڄاڻڻ پڻ ضروري اهي ته انهن ماڻهن سان رابطا ختم ڪرڻ کان پوءِ هڪ مسلمان جي زندگيءَ ۾ ڪهڙا خطرناڪ نتيجا سامهون اچن ٿا. (درپيش اهن)

قران مجيد ۾ خداوند متعال جو ارشاد اهي ته: فَهَلْ عَسَيْتُمْ ان تَوَلَّيْتُمْ ان تُفْسِدُوا فِي الْارْضِ وَتُقَطِّعُوا ارْحَامَڪُمْ. ته ڇا توهان کان بعيد اهي ته توهان صاحب اقتدار بڻجي وڃو ته زمين ۾ فساد ڪريو ۽ پنهنجن قرابتدارن کان رابطا ختم ڪري ڇڏيو.[12]

يا هڪ ٻي ايت ۾ خدا پاڪ جو ارشاد اهي ته:الَّذِينَ يَنقُضُونَ عَهْدَ اللَّهِ مِن بَعْدِ مِيثَاقِهِ وَيَقْطَعُونَ مَا امَرَ اللَّهُ بِهِ ان يُوصَلَ وَيُفْسِدُونَ فِي الارْضِ اولَـئِڪَ هُمُ الْخَاسِرُونَ. جيڪي ماڻهو خدا سان پڪو عهد (واعدو) ڪرڻ کان پوءِ به ان کي ٽوڙي ڇڏين ٿا ۽ جنهن کي خدا پاڪ جوڙڻ جو حڪم ڏنو اهي انهيءَ کي ٽوڙي ڇڏين ٿا ۽ زمين تي فساد برپا ڪن ٿا اهي ئي اهي ماڻهو اهن جيڪي سراسر گھاٽي ۾ اهن.[13]

هنن ايتن ۾ خداوند متعال قطع رحمي کي زمين تي فساد برپا ڪرڻ جي برابر قرار ڏنو اهي ۽ اسان کي ان شيءِ ڏانهن متوجھ ڪيو اهي ته پاڻ  ۾ تعلق ۽ رابطا ٽوڙڻ کان پوءِ دشمني ۽ نفرت پيدا ڪري ۽ زمين تي فتنو ۽ فساد ڦهلائڻ کان پوءِ به ڇا توهان ڪنهن نجات ۽ ڇوٽڪاري جي اميد رکو ٿا؟ جڏهن ته خدا پاڪ توهان کي حڪم ڏنو اهي ته سدائين پاڻ  ۾ ڀائيچاري ۽ صله رحمي کي جيترو به ٿي سگھي مضبوط ۽ پائيدار رکو.

قطع رحمي ۽ عزيزن، قريبن، مٽن مائٽن، دوستن ۽ مؤمنن کان جدائي ۽ انهن  سان رابطا ۽ واسطا ٽوڙي ڇڏڻ جا ڪهڙا خطرناڪ نتيجا ۽ نقصانات ٿي سگھن ٿا؟ انهيءَ باري ۾ اچو ته هنن حديثن تي هڪ نگاھ  وجهون:

حضور پاڪصلى الله عليه واله  جن فرمائن ٿا: mانّ الرّحمة لا تنزل على قوم فيهم قاطع رحمn جنهن قوم ۾ قطع رحمي ڪندڙ انسان موجود هوندو ان قوم تي خدا پاڪ جي رحمت نازل نه ٿي ٿي سگھي.[14]

حضرت امام محمّد باقر(ع) جن فرمائن ٿا ته: mوجدنا في کتاب رسول الله صلى الله عليه واله اذا قطع الارحام جعلت الاموال في ايدي الاشرارn اسان رسول خداصلى الله عليه واله جي مبارڪ ڪتاب کي ڏٺو جنهن ۾ لکيل هو ته: جڏهن تعلق ۽ رابطا ختم ٿي وڃن ٿا (يعني مؤمنين پاڻ ۾ قطع رحمي ڪن ٿا) ته مال ۽ دولت شرير انسانن جي هٿن ۾ اچي وڃي ٿو.[15]

۽ حضرت امام محمّد باقر(ع)  حضرت امام علي(ع)  جو هيءُ قول نقل ڪندي فرمائن ٿا ته: ثلاثة خصال لا يموت صاحبهنّ ابدا حتّى يرى وبالهنّ: البغيّ و القطيعة الرّحم واليمين الکاذبة يبارز الله بها. ٽي شيون اهڙيون اهن جن کي انجام ڏيڻ وارو ان وقت تائين نه ٿو مري جيستائين انهن جو نتيجو نه ڀوڳي: (1) بغاوت يعني: ظلم ۽ ستم

(2) قطع رحمي (يعني: رشتيدارن سان رابطو ۽ واسطو ٽوڙڻ)؛

(3) ڪوڙو قَسم جنهن جي ذريعي خدا پاڪ سان وڙهڻ جو ارادو رکندو هجي.[16]

حديثن جي مطابق جيڪي ماڻهو هڪٻئي کان قطع رحمي ڪن ٿا انهن تي الله سائين جي رحمت نازل نه ٿي ٿئي ۽ خدا نه ڪري ڪڏهن ڪنهن قوم ۾ اهو خطرناڪ مرض مُنهن ڪڍي ته انهن جي مٿان برن ۽ شرير ماڻهن جو قبضو ۽ ڪنٽرول ٿي ويندو اهي، ۽ اها بالڪل واضح ڳالھ اهي ته جڏهن صله رحميءَ سان پاڻ ۾ ڀائيچاري ۽ دوستيءَ کي استحڪام ملي ٿو ته جيڪڏهن اهي رابطا ختم ٿي وڃن ۽ ڪنهن کي به ڪنهن ٻئي مؤمن ڀاءُ جو ڪوئي فڪر نه هجي ۽ ڪنهن  ۾ احساس ذميداري باقي نه رهي ته پوءِ اهڙي صورت ۾ برن ۽ بدمعاش ماڻهن جي لاءِ سڀئي رستا کلي وڃن ٿا ۽ اهي مؤمنن جي مال ۽ دولت تي قبضو ڪرڻ لڳندا اهن.

اهڙي طرح قطع رحمي انهن عملن ۾ شامل اهي جن جو خطرناڪ نتيجو انسان، دنيا ۾ئي  پنهنجي اکين سان ڏسي  دنيا ڇڏي ٿو؛ ڇو ته  رشتن ۽ رابطن ۾ دوري ۽ برادري رنجشون هڪ قومي ۽ سماجي مسئلو اهي جنهن جا خطرناڪ اثار (نتيجا) تمام جلد ئي کلي ڪري سامهون اچي وڃن ٿا ۽ قطع رحم ڪرڻ ائين ئي اهي جهڙي نموني انسان پنهنجي هٿن سان ئي ڪنڊا پوکي رهيو اهي جو سڀاڻي کيس ئي ڪنڊا ڪٽڻا (لُڻڻا) پوندا ۽ اهڙي نموني بُرائيءَ جي ٻج پوکڻ سان پشيماني ۽ گھاٽي کان سواءِ ڇا ٿو حاصل ٿي سگھي؟

درس جو خلاصو

اسلام جي سماجي ۽ معاشرتي حقن منجهان هڪ اهم حق پنهنجي عزيزن، قريبن ۽ دوستن ۽ مؤمنن سان رابطو برقرار رکڻ ۽ انهن سان صله رحمي ڪرڻ اهي.

صله رحميءَ جو مطلب هيءُ اهي ته هڪٻئي سان تعاون ڪيو وڃي، هڪٻئي جي مدد ڪئي وڃي ۽ جيڪي ضرورتمند ۽ محتاج اهن انهن جي ڪفالت ڪئي وڃي ۽ سڀئي هڪٻئي جو ساٿ ڏين انهيءَ سان اسان جو سماج ۽ معاشرو خوشحال ٿيندو ۽ ترقي پڻ ڪندو.

قطع رحمي (رابطا ۽ واسطا ختم) ڪرڻ سان دنيا ۾ نقصان ۽ اخرت ۾ پشيمانيءَ کان سواءِ ٻيو ڪجھ به حاصل نه ٿيندو.

سوالات:

1: صله رحمي ڇاکي چئبو اهي؟

2: روايتن جي روشنيءَ ۾ صله رحم جو طريقو بيان ڪريو؟

3: صله رحم جي باري ۾ امام رضا  عليه السلام  جي روايت بيان ڪريو؟

4: صله رحم جي باري ۾ نبي ڪريم’ جن جي حديث بيان ڪريو؟

5: قطع رحمي جي باري ۾ ڪائي به ايت ذڪر ڪريو؟

6: حضرت امام محمّد باقر  عليه السلام  جن حضرت امام علي  عليه السلام  کان ڪجھ برن عملن کان ڊيڄارڻ جي باري ۾ جيڪا روايت نقل ڪئي اهي ان کي بيان ڪريو؟

 



[1] نهج البلاغه، خطبو: 23

[2] نهج البلاغه، خطبو: 23

[3] الڪافي. 2، باب صلة الرحم ..... ص : 150 ۽1 15

[4] . بحار الانوار، جلد 74، باب صله رحم

[5] . بحار الانوار، جلد 74، باب صله رحم

[6] بحار الانوار، جلد 74 باب صله رحم

[7] احياء العلوم، ڪتاب: الصّحبة والمعاشرة

[8] بحار الانوار، جلد 74 ص 404، باب: صله رحم.

[9] بحار الانوار، جلد 74 ص 404، باب: صله رحم.

[10] بحار الانوار، جلد 74 ص 404، باب: صله رحم.

[11] بحار الاناور، جلد 71 ص 88، 103 کان 117 تائين

[12] سورت محمّد، آيت: 22.

[13] سورت بقره، آيت: 27

[14] ڪنز العمّال، حديث: 6978

[15] بحار الانوار، جلد 70 ص 369

[16] بحار الانوار، جلد 71 ص 134، ۽ جلد 72 ص 274