Get Adobe Flash player

   عربي زبان ۾ لفظ بداء جي معني واضح ۽ ظاهر ٿيڻ آهي. اهڙي ريت شيعه عالمن جي اصطلاح ۾ هڪ انسان جي نيڪ ۽ وڻندڙ عملن جي سبب ان جي تقدير ۽ قسمت ۾ تبديلي کي بداء چيو ويندو آهي.

 

بداء جو عقيدو شيعت جي آسماني تعليمات ۽ عظيم عقيدن منجهان هڪ آهي جنهن جو بنياد الله جي وحي ۽ عقلي دليلن تي قائم آهي. قرآن مجيد جي نگاهه ۾ ائين نه آهي جو انسان جا هٿ سندس تقدير جي معاملي ۾ هميشه لاءِ ٻڌا ويا هجن. بلڪه ان لاءِ سعادت جي واٽ کليل آهي ۽ اهو حق جي رستي ڏانهن موٽي ڪري پنهنجي سٺن عملن سبب پنهنجي زندگي جي انجام کي تبديل ڪري سگهي ٿو. ان حقيقت کي خدا جي ڪتاب هڪ عام ۽ مضبوط قاعدي جي عنوان سان هن ريت بيان فرمايو آهي:

 ان الله لا يغير ما بقوم حتى يغيروا ما بانفسهم (بيشڪ الله ڪنهن قوم جي حالت نه ٿو بدلائي جيستائين پنهنجي حالت پاڻ نه بدلائين.) ”[1]

۽ هڪ ٻئي جڳهه تي فرمائي ٿو:

 و لو ان اهل القرى آمنوا واتقوا،لفتحنا عليهم برڪات من السماءِ والارض (جيڪڏهن انهن ڳوٺن وارا ايمان آڻن ها ۽ پرهيزگار بڻجن ها ته اسين مٿن آسمان ۽ زمين جي برڪتن (جا دروازا ) کولي ڇڏيون ها.) ”[2]

اهڙي طرح حضرت يونس عليه السلام جي قسمت جي تبديليءَ بابت آيو آهي:

فلو لا انه کان من المسبحين للبث في بطنه الي يوم يبعثون (پوءِ جيڪڏهن (خدا جي) تسبيح ۽ (ذڪر) ڪندڙن مان نه هجي ها. ته ڏينهن قيامت تائين مڇيءَ جي پيٽ ۾ رهي ها.) ”[3]

هن آخري آيت ما اها ڳالهه سمجهه ۾ اچي ٿي ته ظاهر ي اعتبار کان نبي حضرت يونس عليه السلام جو قيامت تائين ان خاص قيد خاني ۾ رهڻ يقيني هئو. ليڪن ان جي نيڪ عمل (پالڻهار جي تسبيح) سندس تقدير بدلائي ڇڏي ۽ کيس قيد خاني کان آزادي ڏياري.

اها  روشن حقيقت اسلامي روايتن ۾ به بيان ٿي آهي جهڙوڪ پاڻ ڪريم صلي الله عليه و آله وسلم ان باري ۾ فرمائن ٿا:

 ان الرجل ليحرم الرزق بالذنب يصيبه ولا يرد القدر الا الدعاء و لا يزيد في العمرالا البر،”[4]“ بيشڪ انسان پنهنجي گناهه سبب روزي کان محروم بڻجي ويندو آهي. اهڙي موقعي تي دعا کان علاوهه ڪا ٻئي شي سندس تقدير کي تبديل نه ٿي ڪري سگهي ۽ نيڪي کان علاوهه ڪا ٻئي شي سندس زندگي کي وڌائي نه ٿي سگهي.

هن روايت ۽ اهڙين ٻين روايتن مان اها ڳالهه چٽي نموني سمجهه ۾ اچي ٿي ته انسان گناهه سبب روزي کان محروم بڻجي ويندو آهي. ليڪن پنهنجي نيڪ عملن (جهڙوڪ دعا گهرڻ) وسيلي پنهنجي تقدير بدلائي سگهي ٿو ۽ نيڪيون ڪري پنهنجي عمر وڌائي سگهي ٿو.

نتيجو: قراني آيتن ۽ پاڻ سڳورن صلي الله عليه و آله وسلم جي سنت مان خبر پوي ٿي ته اڪثر ائين ٿيندو آهي جو هن مادي دنيا جي سببن ، وسيلن ۽ ڪمن جي رد عمل سان به تقدير بدلجي ويندي آهي. يا خدا جو ولي (جيئن نبي يا امام) انسان کي ٻڌائي ته اگر ان جو ڪردار اهو ئي رهيو ته سندس مقدر هيءُ هوندو. ليڪن اگر اهو هڪ دفعو به ڪنهن  به سبب جي ڪري پنهنجو ڪردار سنواري وجهي ته پنهنجي تقدير ۽ قسمت کي تبديل ڪري سگهي ٿو.

اهو عقيدو خدا جي وحي، پاڻ سڳورن صلي الله عليه و آله وسلم جي سنت ۽ عقل سليم جي فيصلن کان سبق وٺندي ۽ ان جي ذريعي حاصل ڪيو ويو آهي. ان کي ئي شيعه عالم بداء جي نالي سان ياد ڪندا آهن.

هتي ان ڳالهه کي واضح ڪرڻ مناسب سمجهون ٿا ته بداء جي لفظ فقط شيعن سان مخصوص ناهي بلڪه اها تعبير پيغمبر اڪرم صلي الله عليه و آله وسلم جي حديثن ۽ اهل سنت جي تحريرن ۾ به نظر اچي ٿي. نموني خاطر هن حديث  کي ڏسو، جنهن ۾ پاڻ سڳورن صلي الله عليه و آله وسلم اهو لفظ استعمال فرمايو آهي: و بدالله عز و جل ان يبتليهم، ([5])

ان نڪتي کي ذڪر ڪرڻ به ضروري آهي ته بداء جي هي معني نه آهي ته الله سائين جي لا محدود علم ۾ ڪنهن قسم جي تبديلي واقع ٿئي ٿي. ان ڪري جو الله سائين شروع کان ئي انساني عملن جي فطري نتيجن ۽ بداء جو سبب بڻجندڙ عا ملن کان چڱيءَ ريت آگاهه آهي. ان ڳالهه جي قرآن مجيد به خبر ڏني آهي.

يمحو الله ما يشاءُ و يثبت و عنده ام الکتاب ( (پوءِ ان مان) جنهن کي خدا گهري ٿو سو مٽائي ٿو ۽ (جيڪي گهري ٿو سو) باقي رکي ٿو. ۽ وٽس اصل ڪتاب (لوح محفوظ موجود) آهي.) [6]

تنهن ڪري الله سائين بداء جي ظاهر ٿيڻ وقت ان حقيقت کي اسان لاءِ کولي ڇڏيندو آهي جيڪا ازل کان ئي سندس علم ۾ هئي. ان ڪري امام صادق عليه السلام فرمائن ٿا: ما بدا الله في شي الا کان في علمه قبل ان يبدو له، (الله سائين لاءِ ڪنهن به شي ۾ بداء (ظاهر) ناهي ٿيندو مگر ان جي، جو وٽس ازل کان ئي ان جو علم هوندو آهي.) ”[7]

بداء جو فلسفو

ان ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته جيڪڏهن انسان کي اها خبر پئجي وڃي ته قسمت کي تبديل ڪرڻ سندس اختيار ۾ آهي ته اهو هميشه پنهنجي مستقبل کي سنوارڻ جي ڪوشش ۾ هوندو ۽ وڌ کان وڌ همت ۽ ڪوشش ڪري پنهنجي زندگي سنوارڻ جي ڪوشش ڪندو.

ٻين لفظن ۾ اهو چيو وڃي ته جهڙي ريت توبه ۽ شفاعت انسان کي نا اميدي ۽ مايوسي کان نجات ڏياريندي آهي اهڙي ريت بداء جو عقيدو به انسان جي اندر خوشي ۽ شادابي پيدا ڪندو آهي ۽ انسان کي روشن مستقبل جو اميدوار بڻائيندو آهي. ان ڪري جو ان عقيدي جي روشني ۾ انسان کي اهو معلوم ٿي ويندو آهي ته پالڻهار جي حڪم سان هو پنهنجي تقدير تبديل ڪري سگهي ٿو ۽ هڪ بهتر مستقبل حاصل ڪري پنهنجي آخرت سنواري سگهي ٿو.

حوالا ...



[1] -  سورت رعد، آيت 11

[2] - سورت اعراف، آيت 96

[3] - سورت صافات، آيت 143، 144

[4] - مسند احمد، ج 5، ص 277 ۽ مستدرڪ حاڪم، ج 1، ص 493 ۽ ان مثل التاج الجامع للاصول، ج 5، ص 111 ۾ آهي

[5] - النهايه في غريب الحديث والاثر مؤلف مجد الدين مبارڪ بن محمد جزري، جلد 1، ص 109

[6] - سورت رعد، آيت 39

[7] - اصول ڪافي، ج 1، ڪتاب التوحيد باب البداء حديث نمبر 9