Get Adobe Flash player

ويب اسٽيٽس

stats online

آنلائن صارفن جو تعداد

اسان سان گڏ 52 مہمان ۽ 0 رڪن آنلائن آهن

شيعه دوست فونٽس

ويب سائيٽ کي بهتر نموني ڏسڻ لاءِ سنڌي فونٽ ڊائون لوڊ ڪريو

6. امامن پاڪن جا سندن بابت رايا

هتي اسان حضرت علي اڪبر(ع) جي شخصيت بابت امام پاڪن جا اهي قول ذڪر ڪيون ٿا جيڪي سندن بيمثال شخصيت ۽لازوال فضيلت جا عڪاس آهن

 

   الف:امام حسين عليه السلام

هوئن ته هر انسان کي پنهنجي فرزند سان محبت هوندي آهي خاص ڪري تڏهن به جڏهن اهو سهڻو ۽ صالح هجي .ليڪن امام حسين (ع)  جي علي اڪبر (ع)  سان بي پناه محبت هئي جيڪا عام محبت کان مٿاهين درجي جي هئي جنهن جو اظهار سندن ڪردار سان گڏ سندن گفتار ۾ به نظر اچي ٿو.

 اسان انهن مان چند مکيه ڳالهين ڏانهن اشارو ڪيون ٿا:

(1) :جڏهن علي اڪبر (ع)  پنهنجي والد کان ميدان جنگ ۾ وڃڻ جو اذن ورتو ته امام حسين (ع)   پنهنجي زبان تي هيءُ  جملا آندا:

  ”اللهم اشهد على هؤلاء القوم فقد برز اليهم غلام اشبه الناس برسولڪ محمد خلقا و خلقا و منطقا و ڪنا اذا اشتقنا الى روية نبيڪ نظرنا اليه...“ [1]

اي پروردگار! هن قوم (اشقياء) مٿان گواهه رهجان! انهن ڏانهن اهو نوجوان وڃي رهيو آهي جيڪو صورت، ڪردار ۽ گفتار ۾ ماڻهن ۾ سڀني کان وڌيڪ تنهنجي رسول سان شبيهه هئو ۽ جڏهن اسان تنهنجي نبيءَ جي زيارت جا مشتاق ٿيندا هئاسين ته کيس ڏسندا هئاسين“

يعني امام حسين (ع) جي نظر ۾ علي اڪبر (ع)  جي اهميت جو مکيه سبب، صورت سان گڏ  سندن رفتار ،گفتار ۽ رسول الله سان شباهت هئي ۽ هيءُ علي اڪبر (ع) جي ڪردار مٿان  امام حسين (ع) جي گواهي آهي.

(2) : جڏهن امام حسين عليه السلام کي جنگ جي موڪل ڏني ۽ کين سندن واپسيءَ جي کان اميد نظر نه آئي ته عمر سعد کي بددعا ڏيندي فرمايائون:

  ”يابن سعد، قطع الله رحمڪ ڪما قطعت رحمي و لم تحفظني في رسول الله(ص)“ [2]

اي عمر سعد الله تنهنجي نسل کي ختم ڪري جيئن تو منهنجي نسل کي ختم ڪيو ۽ رسول الله ص جي نسل کي هلڻ نه ڏنو“

جيتوڻيڪ امام حسين (ع) کي ٻيا به فرزند هئا خاص ڪري امام سجاد (ع) جنهن مان سندن نسل هلڻو هئو ليڪن پوءِ به مٿين لفظن جو امام جي زبان تان جاري ٿيڻ ٻڌائي ٿو ته امام (ع) جي دلي خواهش اها هئي ته سندن نسل شبيهه رسول حضرت علي اڪبر(ع) ذريعي هلي. جيڪو پڻ سندن نظر ۾ حضرت علي اڪبر (ع) سان ساڻن بي انتها محبت کي اجاگر ڪري ٿو

(3)  ڪربلا جي ميدان ۾ امام حسين (ع) جو اهم ترين جملو جيڪو پاڻ فقط علي اڪبر (ع) جي شهادت کان بعد سندس ڳل تي ڳل رکي فرمايو : ”علي الدّنيا بعدڪ العفا“ توکان بعد دنيا مٿان خاڪ هجي [3]

 يعني توکان بعد هن دنيا ۾ ڪا شيءِ اهڙي ناهي رهي جنهن کي حسين (ع) پسند ڪندو هجي. هيءُ تاريخي لفظَ امام (ع) هرگز ڪنهن ٻئي شهيد يا شخصيت لاءِ نه چيا آهن نه ئي اهي لفظ ڪنهن جذباتي حالات جو نتيجو آهن. اهي لفظ ٻڌائين ٿا ته امام (ع) جي علي اڪبر(ع) سان ڪيتري محبت هئي  ۽ سندن نظر ۾ علي اڪبر (ع)  جو ڪهڙو مقاموهئو جو ان کان بعد امام  جي دنيا ۾ رهڻ جي آس ئي ختم ٿي وئي هئي.

      هتي ڪجهه ٻيا جملا به آهن ليڪن اختصار سبب اسان انهن کي ذڪر ڪرڻ کان معذرت چاهيون ٿا.

ب: امام جعفر صادق عليه السلام

امام جعفر صادق عليه السلام کان حضرت علي اڪبر (ع)  لاءِ هڪ خاص زيارت نقل ٿي آهي. جنهن کي مشهور محدث ابن قولويه پنهنجي ڪتاب ڪامل الزيارت ۾ ذڪر ڪيو آهي ۽ اسان به اڳتي هلي ان زيارت کي ذڪر ڪنداسين.

ان زيارت ۾  امام صادق (ع)  حضرت علي اڪبر (ع)  سان مخاطب ٿيندي فرمائن ٿا:

السَّلام عَليڪَ يا ابنَ رَسُولِ اللهِ ... وَ ابنُ خَليفَةِ رَسُولِ اللهِ و ابن بِنتَ رَسُولِ اللهِ ... مُضاعَفَةً ڪُلَّما طَلَعَتِ الشَّمسُ اَو غَرَبَت... بِاَبي اَنتَ وَ اُمّي مِن مَذبُوح وَ مَقتُولٍ مِن غَيرِ جُرمٍ ... دَمُڪَ المُرتَقي بِهِ الي حَبيبِ اللهِ [4]

توهان تي سلام هجي اي رسول الله (ص) جا ٻچڙا ... اي رسول الله (ص) جي جانشين ۽ نياڻيءَ جا ٻچڙا ! تو متان سلام هجي هر سج جي اڀرڻ ۽ لهڻ وقت، منهنجا ماءُ پيءُ تو مٿان قربان وڃن، ان بي جرم ذبح ٿيل مقتول مٿان.. تنهنجو خون (آسمان ۾)الله جي حبيب ڏانهن موڪليو ويو.

هن زيارت ۾ امام جعفر صادق (ع) پاران علي اڪبر (ع) مٿان سلام ڪرڻ جو خاص طريقو خاص ڪري سندن اهو جملو ” منهنجا ماءُ پيءُ تو مٿان قربان وڃن “ جيڪو پاڻ ٽي دفعا ورجايو اٿن، چڱيءَ طرح سندن نظر ۾ حضرت علي اڪبر (ع) جي اهميت روشن ڪن ٿا.

ج : حضرت امام زمانه (عج)

امام زمانه (عج) زيارت ناحيه ۾ حضرت علي اڪبر(ع) متعلق فرمائن ٿا:

السلام عليڪ يا اول قتيل من نسل خير سليل من سلالة إبراهيم الخليل صلى الله عليڪ و على ابيڪ ... اشهد انڪ اولى بالله و برسوله و انڪ ابن رسوله و ابن حجته و امينه،...واسال الله مرافقتڪ في دار الخلود ..[5]

سلام هجي توهان تي ابراهيم خليل جي نسل مان ايندڙ بهترين شخصيت جي خاندان جا پهريان شهيدَ، الله جي رحمت هجي توهان مٿان ۽ توهان جي والد مٿان... آءُ گواهي ٿو ڏيان ته الله ۽ سندس رسول (ص) لاءِ تون سڀني کان وڌيڪ بهتر آهين، تون سندس رسول، حجت ۽ امين جو فرزند آهين.... آءُ الله پاڪ کان سوال ٿو ڪريان ته مون کي جنت ۾ تنهنجو همنشين بڻائي.

ڪيترا نه عظيم جملا آهن هڪ عظيم امام جي زبان تان هڪ عظيم نوجوان يعني حضرت علي اڪبر (ع)  بابت جن ۾ سندن شاندار نسب ڏانهن اشارو ڪرڻ سان گڏ حضرت امام زمانه عج جي هڪ خواهش بيان ٿي آهي آهي. واقعا ڪيترو ته وڏو شان آهي علي اڪبر(ع)  جو اسان جو ٻارهون امام جنت ۾ سندن همنشينيءَ جي دعا گهري ٿو. ڪيتري ته وڏي عظمت آهي علي اڪبر (ع) جي  جو معصوم امام (عج) سندن مٿان سلام ڪري. لکين سلام هجن اهڙي جوان مٿان جنهن پنهنجي جوانيءَ کي الله جي راهه ۾ خرچ ڪري پاڻ کي هميشه لاءِ امر ڪري ڇڏيو.

 7. سندن زيارت

امام پاڪن کانسواءِ تمام گهٽ آهن اهي هستيون جن کي اهو شرف مليو هجي جو خود معصومين عليهم السلام سندن زيارتنامو بيان ڪيو هجي. آڱرين تي ڳڻڻ جهڙين انهن هستين ۾ هڪ حضرت علي اڪبر (ع) به آهي .

امام حسين (ع) کانسواءِ علي اڪبر (ع)  اهو واحد شهيد آهي جنهن جو نالو زيارت عاشورا ۾ خاص طور ورتو ويو آهي ۽ ان کي 100 دفعا ورجائڻ جو تاڪيد ٿيو آهي. زيارت عاشورا ۾ آيو آهي ته :

  اَلسَّلامُ عَلَى الْحُسَيْنِ ،     وَعَلٰى عَلِىِّ بْنِ الْحُسَيْنِ ،

وَ عَلىٰ اَوْلادِ  الْحُسَيْنِ ،     وَ عَلىٰ اَصْحٰابِ الْحُسَيْن

ترجمو: سلام هجي حسين ع تي، سلام هجي علي بن حسين ـــ علي اڪبرـــ (ع) تي، سلام هجي حسين (ع)  جي اولاد  تي ۽ سلام هجي  حسين (ع)  جي (باوفا) ساٿين مٿان.

     اهڙي طرح امام جعفر صادق عليه السلام کان به علي اڪبر (ع) بابت هڪ خاص زيارت روايت ٿي آهي جنهن ۾ امام(ع)  سندن زيارت جو خاص طريقو به بيان ڪيو آهي.

      هن زيارت کي ابن قولويه پنهنجي ڪتاب ڪامل الزيارات ۾ ابوحمزه ثمالي کان صحيح سند ذريعي  نقل ڪندي چوي ٿو: ته امام حسين (ع) جي زيارت کانپوءِ امام (ع) جي ضريح جي پيرانديءَ کان اچي بيهه ۽ هيءَ زيارت پڙهه:

السَّلام عَليڪ يا ابنَ رَسُولِ اللهِ وَ رَحمةُ اللهِ وَ بَرَڪاتُهُ وَ ابنُ خَليفَةِ رَسُولِ اللهِ و ابن بِنتَ رَسُولِ اللهِ وَ رَحمَةُاللهِ وَ بَرَڪاتُهُ مُضاعَفَةً ڪلَّما طَلَعَتِ الشَّمسُ او غَرَبَت السَّلامُ عَليڪ وَ رَحمةُ اللهِ وَ بَرَڪاتُهُ.

بِابي انتَ وَ امّي مِن مَذبُوح وَ مَقتُولٍ مِن غَيرِ جُرمٍ بِابي وَ امّي دَمُڪ المُرتَقي بِهِ الى حَبيبِ اللهِ بِابي انتَ وَ امّي مِن مُقَدَّمٍ بَينَ يدَي ابيڪ يحتَسِبُڪ وَ يبڪي عَلَيڪ مُحترقا عَليڪ قَلبُهُ يرفَعُ دَمَڪ الي عِنانِ السَّماءِ لا يرجَعُ مِنهُ قَطرَةٌ وَ لا تَسڪنُ عَليڪ مَن ابيڪ زَفرَةٌ حينَ وَ دَّعَڪ لِلفِراقِ فَمَڪانُڪما عِندَاللهِ مَعَ ابائِڪ الماضينَ وَ مَعَ امَّهاتِڪ في الجِنانِ مُنَعَّمينَ ابرَا الي اللهِ مِمَن قَتَلَڪ وَ ذَبَحَڪ.

پوءِ پاڻ کي سندن قبر مٿان ڦٽو ڪري ان مٿان هٿ رکي پڙهه

سَلامُ اللهِ وَ سَلامُ مَلائِڪتِهِ المُقَرَّبينَ وَ انبِيائِهِ المُرسَلينَ وَعِبادِهِ الصالِحينَ عَليڪ يا مَولاي وَ ابنَ مَولاي وَ رَحمَةُ اللهِ وَ بَرڪاتُهُ . صَلى اللهُ عَليڪ وَ عَلى  عِترَتَڪ وَ اهل بَيتِڪ وَ ابائِڪ وَ ابنائِڪ وَ امَّهاتِڪ الاخيارِ الابرارِ الَّذينَ اذهَبَ اللهُ عَنهُمُ الرِّجسَ وَ طَهَّرَهُم تَطهيرا. السَّلامُ عَليڪ يا ابنَ رَسُولِ اللهِ وَ ابنَ اميرِالمُؤمِنينَ وَ ابنَ الحُسينِ ابنِ عَلِي وَ رَحمَةُ اللهِ وَ بَرَڪاتُهُ.

لَعَنَ اللهُ قاتِلَڪ وَ لَعنَ الله ُمَنِ استَخَفَّ بِحَقِّڪم وَ قَتَلَڪم وَ لَعَنَ مَن بَقِي مِنهُم وَ مَن مَضي، نَفسي فِداؤُڪم وَ لِمَضجَعِڪم صَلَّى اللهُ عَليڪم وَ سَلَّمَ تَسليما ڪثيرا.

پوءِ پنهنجو ڳل قبر سان لڳائي ٽي دفعا چئو:صَلَّى اللهُ عَليڪ يا ابا الحَسَنِ.

پوءِ وري پڙهه :بِابي انتَ وَ امي اتيتُڪ زائِرا وافِدا عائِذا مِمّا جَنَيتُ عَلي نَفسي وَ احتَطَبتُ عَلي ظَهري اسال اللهَ وَ وَليي ان يجعَلَ حَظّي مِن زِيارَتِڪ عِتقَ رَقبَتي مِنَ النّارِ.[6]

 

حضرت علي اڪبر عليه السلام جي شهادت

جيڪڏهن ائين چئجي ته ڪو مبالغو نه هوندو ته علي اڪبر (ع)  جي شهادت سان نه فقط هڪ انسان جي شهادت ٿي بلڪه ان سان گڏ ٻيا ڪيترائي انسان به شهيد ٿيا ڪيتريون ئي انمول صفتون زمين هيٺان دفن ٿي ويون. دنيا الله جي رحمت کان محروم ٿي ته امت  رسول الله (ص) جي  چهري جي زيارت کان محروم ٿي. قرآن محمدي تلاوت کان محروم ٿيو ته مديني جا فقير علوي سخاوت کان محروم ٿي ويا.

ها علي اڪبر عليه السلام سان گڏ حيدري شجاعت، علوي سخاوت،حسيني حميت، نبوي سيرت ۽ محمدي صورت ۽ فاطمي عطوفت به سان شهادت پاتي

     بهرحال جڏهن عاشور جي ڏينهن سڀئي اصحاب شهيد ٿي ويا ۽ آل جو وارو آيو ته سڀني کان پهريان حضرت علي اڪبر (ع)  پيءُ جي خدمت ۾ آيا (فاستاذن اباه فاذن له) پيءُ کان اجازت گهريائون امام پنهنجي فرزند کي موڪل ڏني ۽ (فنظر اليه نظر آيس منه و اوخى عينيه) پوءِ سندن مٿان هڪ مايوسانه نظر وڌي ۽ اکيون ٻوٽي ڇڏيون.

ڪتاب اللهوف ۾ ابن طاؤوس لکي ٿو: امام(ع)  علي اڪبر(ع)  کي موڪلڻ مهل، آسمان ڏانهن منهن ڪري فرمايو : ”اللهم اشهد على هؤلاء القوم فقد برز اليهم غلام اشبه الناس برسولڪ محمد خلقا و خلقا و منطقا و ڪنا اذا اشتقنا الى روية نبيڪ نظرنا اليه...“

اي پروردگار! هن قوم (اشقياء) مٿان گواهه رهجان! انهن ڏانهن اهو نوجوان وڃي رهيو آهي جيڪو صورت، سيرت ۽ گفتار ۾ سڀني ماڻهن کان وڌيڪ تنهنجي رسول (ص) سان شبيهه هئو ۽ جڏهن اسان تنهنجي نبيءَ (ص) جي زيارت جا مشتاق ٿيندا هئاسين ته کيس ڏسندا هئاسين“.

         پوءِ عمر سعد کي هڪل ڪندي فرمايائون:  ”يابن سعد، قطع الله رحمڪ ڪما قطعت رحمي)“ اي عمر سعد! الله تنهنجي نسل کي ختم ڪري جيئن تو منهنجي نسل کي ختم ڪيو آهي“[7]

علي اڪبر (ع)  ميدان ۾ ايندي ئي هيءُ رجزيه شعر پڙهيو ۽ حمله ور ٿيا :

انا عَلِي بن حســين بنِ عَـــــــلي            نَحــــــــــــن وبيْت اللهِ اوْلى بِالنبي‏

اطْعنڪُم بِالرُّمْـــــــح حتى يَنْثَني           اضْربُڪمْ بِالسيْفِ احْمي عَنْ ابي‏

ضَـرْب غُلامٍ هاشــميٍّ علـــــويّ            وَاللهِ لا يَحْڪــــــم فينَا ابنُ الدَّعِيّ‏

ترجمو: آءُ حسين بن عليءَ جو پٽ علي آهيان، الله جي گهر جو قسم! اسان نبيءَ مٿان وڌيڪ حقدار آهيون. آءُ توهان مٿان ايستائين نيزي سان حملو ڪندس جو مڙي وڃي ۽  پنهنجي والد جي حمايت ڪندي توهان مٿان تلوار جا وارَ ڪندس جيڪي هڪ هاشمي ۽ علوي جوان جا ”وارُ“ هوندا. خدا جو قسم ! پليد جو پٽ هرگز اسان مٿان حڪومت نه ڪندو.

حضرت علي اڪبر (ع)  پهرين حملي ۾ 120 کان وڌيڪ دشمن في النار ڪيا. سندن حملا ايترا ته شديد هئا جو ڪو ماڻهو سندن سامهون بيهڻ لاءِ تيار نه هئو. پاڻ لشڪر جي جنهن پاسي حملو ٿي ڪيائون يزيدي فوج ڀڄي پنهنجي جان بچائڻ جي فڪر ۾ هئي.

   جڏهن شديد جنگ سبب سندن اڃ وڌي ته واپس خيمن طرف موٽي آيا ۽ پنهنجي والد کي مخاطب ٿيندي فرمايائون: (يا ابة العطش قد قتلني وثقل الحديد قد أجهدني فهل إلى شربة من الماء سبيل) بابا پياس جي شدت ۾ ماري ڇڏيو آ تلوار جي لوهه جي سنگينيءَ  مون کي ٿڪائي ڇڏيو آهي، ڇا هڪ ڍڪ پاڻي ملي سگهي ٿو؟ [8]

    واقعا افسوس جو مقام هئو ته ڪائنات جي دولت جي مالڪ حسين (ع) لاءِ پنهنجي جوان پٽ جي ننڍڙي خواهش به پوري ڪرڻ ممڪن نه هئو، ڪڏهن مديني ۾ علي اڪبر(ع) کي هڪ ننڍڙي سورت ياد ڪرائيندڙ استاد جي جهولي، هيرن ۽ جواهرن سان ڀري ڇڏيندڙ امير امام، اڄ ڪربل جي ميدان ۾ ايترو غريب ٿي ويو چڪو هئو جو نوجوان پٽ جي هڪ ڍڪ پاڻيءَ جي خواهش  پوري ڪري نه پيو سگهي. اهو ئي سبب آهي جو سندن اکين مان لڙڪ تري آيا ۽ پنهنجي غريبيءَ تي افسوس ۽  جوان پٽ کي دعا ۽ دلاسو ڏيندي فرمايائون:

واغوثاه! يا بني قاتل قليلا فما اسرع ما تلقى جدڪ محمد صلى الله عليه واله وسلم فيسقيڪ بڪاسه الاوفى شربة لا تظما بعدها ابدا

   ”هاءِ افسوس! ٻڇڙا ڪجهه دير (صبر ڪر ۽ ) جنگ ڪر، تنهنجو نانو محمد رسول الله (ص) عنقريب توکي اهو پاڻي پياريندو جنهن کان بعد ڪڏهن به اڃ نه لڳندي“ [9]

شاهه لطيف سرڪار جي هن شعر مطابق

گھـــــــوڙَنِ ۽ گھــــــوٽَنِ، جِـــئَڻَ ٿورا ڏِينھَــــڙا؛

ڪَڏَھِن مَنجِھ ڪـوٽَنِ، ڪَڏَھِن واھي رِڻَ جا.

حضرت علي اڪبر (ع)  ٻيهر ميدان ڏانهن راهي ٿيا ته جئين زندگيءَ جي آخري پساهن کي الله جي راهه ۾،نانا رسول جي زيارت جي شوق ۾ ۽ پنهنجي مظلوم ۽ غريب پيءُ جي حمايت ۾ پورو ڪن ۽ وري جنگ ڪيائون ايستائين جو منقذ بن مره مٿان لڪي حملو ڪيو ۽ کين سيني ۾تير هنيو جنهن سبب زين کان زمين تي آيا ۽ پنهنجي پوڙهي پيءُ کي سلام ڪندي فرمايائون:

 (يا ابتاه عليڪ مني السلام هذا جدي يقرئڪ السلام ويقول لڪ عجل القدوم علينا) [10] بابا توهان مٿان منهنجو (آخري) سلام هيءُ نانا رسول الله توهان تي سلام موڪلي ٿو ۽ چوي ٿو ته اسان ڏي اچڻ ۾ جلدي ڪر

    ابوالفرج اصفهاني روايت ڪري ٿو ته علي اڪبر (ع) هيءَ صدا بلند ڪئي چيو:

(السلام عليڪ يا ابة هذا جدي المصطفى قد سقاني بڪاسه الاوفى وهو ينتظرڪ الليل) توهان مٿان منهنجو (آخري) سلام هجي بابا،نانا رسول الله ص مونکي پاڻيءَ سان سيراب ڪيو آهي ۽ رات توهان جومنتظر آهي.[11]

جَنَّتَ سَـــندِيَنِ جُوءِ، فائِقَ ھَليا فِــــردَوسَ ڏي؛

فانِي ٿِيا  في اَللهَ' ۾، ھُوءِ سيـــــن ٿِيا  ھُوءِ ؛

رَبَّ! ڏيکارِئين رُوءِ، اُنِين جي اِحَسانَ سين!

پٽ جي فرياد ٻڌي امام حسين عليه السلام سگهو ئي سندس مٿان پهتا ۽ سندن قاتلن کي بد دعا ڏيندي فرمايو:

 (قتل الله قوماً قتلوڪ ، يا بني فما اجراهم على الله وعلى انتهاڪ حرمة الرسول)

 ٻچڙا ! الله تنهنجي قاتلن کي برباد ڪري، جو الله جي نافرماني ۽ سندس رسول جي حرمت ٽوڙي اٿن.

پوءِ پنهنجي جوان پٽ جي ڳل سان ڳل ملائي ويڻ ڪندي فرمايائون: ”علي الدّنيا بعدڪ العفا“ توکان بعد دنيا مٿان خاڪ هجي . [12]

تنهن کان بعد جوان پٽ جي خون جي لپ ڀري آسمان طرف اڇلايائون جنهن جو هڪ قطرو به زمين تي نه آيو[13] مٿي ذڪر ٿيل زيارت ۾ به امام صادق (ع) کان روايت ٿيو آهي ته:

بِابي انتَ وَ امّي مِن مَذبُوح وَ مَقتُولٍ مِن غَيرِ جُرمٍ بِابي وَ امّي دَمُڪ المُرتَقي بِهِ الى حَبيبِ اللهِ بِابي انتَ وَ امّي مِن مُقَدَّمٍ بَينَ يدَي ابيڪ يحتَسِبُڪ وَ يبڪي عَلَيڪ مُحترقا عَليڪ قَلبُهُ يرفَعُ دَمَڪ الي عِنانِ السَّماءِ لا يرجَعُ مِنهُ قَطرَةٌ وَ لا تَسڪنُ عَليڪ مَن ابيڪ

 ٿيل مٿان قربان جنهن کي بيگناهه ماريو ويو، منهنجا ماءُ پيءُ توهان  قربان وڃن جنهن جو خون آسمان تي الله جي حبيب ڏانهن موڪليو، منهنجا ماءُ پيءُ توهان مٿان قربان، جنهن (شهادت جي درجي تي فائز ٿيڻ ۾) پيءُ کان اڳرو ٿيو، جڏهن ته تنهنجي پيءُ الله تي حساب ڪيو ۽ تون مٿان گريو ڪيائين جڏهن ته سندس دل تنهنجي لاءِ ٻري رهي هئي،تنهنجي خون کي آسمان طرف اڇلايائين جنهن جو هڪ قطرو واپس نه آيو ۽ تنهنجي پيءُ تنهنجي مصيبت تي هرگز سڪون نه پاتو.

حميد بن مسلم روايت ڪري ٿو ڏٺم ته خيمن کان هڪ بيبي ٻاهر آئي ۽ علي اڪبر(ع) مٿان آه زاري ۽ ماتم ڪرڻ لڳي جنهن کي امام حسين عليه السلام واپس خيمي طرف وٺي ويا مون  سوال ڪيو ته اها ڪير هئي ته ٻڌايو ويو ته  اها علي(ع) جي نياڻي زينب هئي.[14]

تنهن کانپوءِ امام (ع) بنوهاشم جي جوانن کي حڪم ڏنو ته (احملوا اخاڪم، فحملوه من مصرعه، حتى وضعوه عند الفسطاط.) پنهنجي ڀاءُ کي کڻي اچو جن کيس سندن شهادت واري جاءِ کان کڻي اچي ان خيمي ۾ رکيو  جتي ٻين شهيد جا جنازه رکيا ويا هئا.[15]

 ائين هيءُ شبيهه رسول يادگار مصطفى، سرمايه مرتضى، فرزند زهرا ۽ حبيب حسين يعني علي اڪبر عليه السلام پروردگار سان ڪيل وعدو نڀائيندي ، حق جي حمايت ۾ الله جي راهه ۾ قربان ٿي خدا سان ملاقات لاءِ راهي ٿي ويا. شاهه لطيف سرڪار وانگر خدائي ڪمن ۾ ڪنهن کي ڪهڙي خبر ته ڪڏهن ڪٿي ۽ ڪيئن عشق جي امتحان ۾ مبتلا ٿي سربلند نڪرندو.

دوسِتَ  ڪُهائي دادُلا،  مُحِـــــــــــــــــــبَ  مارائي؛
خاصَـــــــــــن خَلِيلَنِ کي، سَخِتـــــــــيُون  سَھائي؛
اَللهُ اَلصَّمَــــــــــــدُ بي نيازُ، سا ڪَــري، جا چاھي؛
اِنَھِين مَنجِھ آھي، ڪا اُونھي ڳالھِ اِسرارَ جي.



[1] - مثير الاحزان، ص 68

[2] - مقتل الحسين خوارزمي، ج 2، ص 30 .

[3] - مقاتل الطلبين؛ اللهوف، ص 49؛ الارشاد، ج 2، ص 106.

[4] - ڪامل الزيارات/239ب 79 زيارت 18.

[5] - زيارت ناحيه نقل ازبحارالانوار ج 98 ص 269/270

[6] - ڪامل الزيارات/239ب 79 زيارت 18.

[7] - مقتل الحسين خوارزمي، ج 2، ص 30 .

[8] - اللهوف علي قتلى الطفوف ج 1 ص67

[9] - مقتل الحسين خوارزمي، ج 2، ص 31

[10] - اللهوف علي قتلى الطفوف ج 1 ص67

[11] - مقاتل الطالبيين: 115

[12] - مقاتل الطلبين؛ اللهوف، ص 49؛ الارشاد، ج 2، ص 106.

- [13] قتل الحسين مقرم، ص 324.

[14] - مقتل الحسين (ع) 2: 31، تاريخ الطبري 3: 331

[15] -الارشاد، ج 2، ص 107؛ تاريخ الامم و الملوڪ، ج 5، ص 447