Get Adobe Flash player

عام طور تي اهو سوال اٿاريو ويندو آهي ته امام حسين عليه السلام جي غم ۾ ڪارو لباس ڇو پهريو ويندو آهي ؟ ۽ ڇا اسلام جي نگاهه ۾ اهو لباس پائڻ جائز آهي ؟ امام پاڪن ۽ شيعا عالم جي ان بابت ڪهڙي راءِ آهي؟ انهن سڀني سوالن جو جواب اسان هن مختصر مقالي ۾ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.

 

جيتوڻيڪ اڄڪلهه محرم الحرام ۾ ڪارو ڪپڙو امام حسين جي عزادارن ۾ گهڻو نظر اچي ٿو ليڪن ان جو سابقو ۽ رواج سندن شهادت کان گهڻو اڳ بلڪه سوين سال اڳ سان آهي بلڪه هن مهل تائين به دنيا جي مختلف معاشرن ۾ ڪاري رنگ کي غم جي علامت سمجهيو وڃي ٿو ۽ پهريو وڃي  ٿو. بلڪه اسلام ۽ امام پاڪن ان سنت تي عمل ڪري ان پراڻي رسم تي مهر تائيد هنئين آهي ته غم جي اظهار لاءِ ڪارا ڪپڙا پهري سگهجن ٿا

اتي اسان اهو واضح ڪندا هلون ته غم جي حالت ۾ يا غم جو اظهار ڪرڻ لاءِ ڪارا ڪپڙا پائڻ واجب نه آهن بلڪه غم کانسواءِ ان رنگ جو استعمال شيعه فقيهن مڪروهه آهي. ليڪن حضرت امام حسين عليه السلام ۽ سندن باوفا ساٿين جو غم ملهائڻ لاءِ ان رنگ جو لباس پهرڻ نه تمام شيعه فقيهن ۽ عالمن وٽ نه فقط مڪروهه ناهي بلڪه نهايت پسنديده عمل آهي.

1- اسلام کان اڳ غم ۾ ڪارو ويس پهرڻ جي رسم

مشهور لغت شناس ۽ اديب زمخشري لکي ٿو ته هڪ اديب چوي ٿو هڪ عيسائي راهب کي ڏٺم ته ڪارو لباس پهريل اٿس . کائنس سوال ڪيو ته ڪارو لباس ڇو پاتو اٿئي؟ ته چيائين عرب جڏهن ڪو عزيز مري ويندو اٿن ته ڪارو لباس پائيندا آهن مون پڇيم ته تو ڇو پاتو آهي؟ ته چيائين مون پنهنجي گناهن مٿان غم ڪرڻ لاءِ پهريو اٿم. ([i])

تاريخ جي مشهور ڪتاب اخبار الدولة العباسيه ۾ آيو آهي ته : عرب غم ۽ مصيبت جي موقعي تي ڪارو لباس پهريندا هئا.[ii]

اهڙي طرح رسول الله صلى الله عليه وآله وسلم جي زماني ۾ جڏهن جنگ بدر ۾ 70 کان وڌيڪ مشرڪ واصل جهنم ٿيا ته مڪي جي عورتن پنهنجي عزيزن جي غم ۾ ڪارو ويس پاتو ([iii])

نه فقط عرب معاشري ۾ بلڪه اسلام کان اڳ ٻين ڪيترن ئي قومن جهڙوڪ قديم يونان ۽ ايران ۾ به غم ۾ ڪارو ويس پهرڻ جي رسم موجود هئي ([iv])

2- اسلام کانپوءِ غم ۾ ڪارو لباس پهرڻ جي رسم

جيڪڏهن اسلامي تاريخ ۽تاريخي ڪتابن تي هڪ نظر وجهون ته خبر پوي ٿي ته اسلام جي شروعاتي دور ۾ به ان رسم تي عمل ڪيو ويو هئو ليڪن رسول الله ماڻهن کي ڪارو ويس پائڻ کان نه روڪيو هئو

مثلا اهل سنت جو هڪ عالم دين پنهنجي ڪتاب تهذيب اللغة ۾ جنگ احد ۾نبي سائين جي چاچي حضرت سيد الشهداءِ حمزه بن عبدالمطلب ۽ ٻين شهيدن جي شهادت تي  عورتن ڪارو ويس پاتو ۽ ماتم ڪيو ([v]) ليڪن رسول الله کين ان نه روڪيو اهڙي طرح سن 8 هجريءَ ۾ حضرت جعفر طيار جي جنگ  موته ۾ شهادت تي به بني هاشم جي عورتن ڪارو ويس پاتو ۽ ماتم ڪيو ليڪن رسول الله کين نه روڪيو ([vi])

اهڙي طرح حضرت امام حسن عليه السلام پڻ حضرت علي عليه السلام جي شهادت کانپوءِ ڪارو ويس پهريو ۽ خطبو ڏنائون ([vii])

جڏهن ته امام حسن عليه السلام جي شهادت کانپوءِ سندن عورتن هڪ سال تائين ڪارو لباس پهريو ([viii])

 

3- امام حسين عليه السلام جي غم ۾ ڪارو ويس پهرڻ

سليمان بن راشد پنهنجي والد کان روايت ڪري ٿو ته امام حسين عليه السلام جي فرزند حضرت امام سجاد عليه السلام کي ڏٺم ته کين ڪارو جبو ۽ عبا پهريل هئي ([ix])

اهل سنت جو معروف عالم دين ابن ادريس قرشي پنهنجي ڪتاب عيون الاخبار ۾ لکي ٿو ته جڏهن حضرت امام حسين عليه السلام شهادت پاتي ۽ اها خبر ام المومنين حضرت ام سلمه  رضه تائين پهتي ته پاڻ مسجد ۾ ڪارو خيمو هنيائون ۽ ڪارو لباس پهريائون ([x])

نه فقط حضرت بيبي ام سلمه رضه بلڪه بني هاشم خاندان جي سڀني عورتن امام جي غم ۾ڪارو لباس پاتو جيئن حضرت امام باقر عليه السلام کان روايت آهي ته پاڻ فرمايائون ته جڏهن امام حسين عليه السلام شهادت پاتي ته بنوهاشم جي عورتن ڪارو لباس پاتو ([xi])

اهڙي طرح حسن بن ظريف بن ناصح  کان راويت ڪري ٿو ته جڏهن امام حسين عليه السلام شهادت پاتي ته بنوهاشم جي عورتن ڪارا ڪپڙا ۽  چادرون پهريون ۽ سندن غم ملهائڻ لڳيون جڏهن ته حضرت امام زين العابدين عليه السلام انهن کان مانيءَ جو انتظام ڪندو هئو. ([xii])

دائود رقيّ کان روايت آهي اسان امام صادق عليه السلام کي ڏٺم ته کين ڪارو لباس، جبو ايستائين جو سندن جوراب به ڪارا هئا پاڻ فرمايائون ان ۾ استعمال ٿيل ڪپهه به ڪاري آهي پوءِ اها ڪڍي اسان کي ڏيکاريائون. ([xiii])

4- ڪارو ڪپڙو امام حسين عليه السلام جي حمايت جو اعلان

مٿين سڀني ڳالهين کان هٽي ڪري جيڪڏهن اڄ جي هن دور ۾ اسان پنهنجن معاشرن ۾ جڏهن ڏسون ٿا ته محرم جو چنڊ ڏسڻ سان ماڻهن مان هڪ گروهه ڪارو ويس پائي ٿو سو حقيقت ۾ سندن غم ملهائڻ سان گڏ اهو اعلان ڪري ٿو ته اسان امام حسين عليه السلام سان گڏ آهيون سندن شهادت جو اسان کي ڏک آهي جنهن جو غم ملهايون ٿا  ۽ جيڪڏهن اسان ڪربلا ۾ به هجون ها ته سندن  ئي ساٿ ڏيون ٿا.

5- ڪارو لباس پهرڻ بابت شيعه عالمن۽ مجتهدن جون فتوائون ([xiv])

جڏهن شيعه مجتهدين ڪرام کان سوال ڪيو ويو ته امام حسين عليه السلام جي عزاداريءَ ۾ ڪارو لباس  مڪروهه آهي يا نه ؟ ته سندن فتوى هيءَ هئي.

1. حضرت آيت الله سيستاني (دامت برڪاته)

  ان جاءِ تي ڪراهت ثابت ناهي

2. حضرت آيت الله  علي خامنه اي (دامت برڪاته)

اهل بيت عليهم السلام خاص ڪري حضرت سيدالشهداء عليه السلام جي غم ۾ ڪارو ويس پائڻ الله جي نشانين جي تعظيم  ۽ ساڻن غم جي اظهار لاءِ ڀلو ڪم آهي ۽ مڪروهه ناهي

3. حضرت آيت الله ناصر مڪارم شيرازي (دامت برڪاته)

اهل بيت عليهم السلام جي غم ۾ ڪارو ويس پائڻ الله جي نشانين جي تعظيم شمار ٿئي ٿو تنهن ڪري جائز آهي ۽ مڪروهه ناهي

4. حضرت آيت الله  تقي بهجت (طاب سراه)

ان سوال ۾ مڪروهه ناهي

5. حضرت آيت الله گلپيگاني  (طاب سراه)

امام حسين عليه السلام جي غم ۾ ڪارو ويس پائڻ شيعت ۾ قديم زماني کان وٺي جاري رهندڙ سنت آهي جيڪو هڪ ڀلو ۽ جائز عمل آهي.

6. حضرت آيت الله صافي گلپيگاني (دامت برڪاته)

امام حسين عليه السلام  جي غم ۾ ڪارو ويس پائڻ پسنديده عمل آهي ۽ جئين ته اهو ڪم امام ع لاءِ هڪ قسم جو احترام آهي تنهن ڪري مذهبي نشانين ۾ حساب ٿئي ٿو.

7. حضرت آيت الله  جواد تبريزي  (قدس سره)

اهل بيت عليهم السلام جي غم ۾ ڪارو ويس پائڻ الله جي مذهب اهل بيت جي نشانين مان آهي ۽ مستحب آهي جنهن تي ثواب ملي ٿو.

8. حضرت آيت الله فاضل لنڪراني (طاب سراه)

الله جي نشانين جي تعظيم جي مصداقن مان آهي تنهن ڪري شرعا پسنديده عمل آهي

9. حضرت آيت الله مرعشي نجفي (قدس سره )

توهان کي وصيت ڪريان ٿو ته جڏهن مري وڃان ته جيڪو ڪارو لباس آءُ اهل بيت عليهم السلام جي غم ۾ محرم ۽ صفر دوران پهريندو هئس، اهو مون سان گڏ دفن ڪيو وڃي.

10. حضرت آيت الله محمد ڪاظم يزدي (دامت برڪاته)

امام حسين عليه السلام جي غم ۾ ڪارو لباس پهرڻ الله ، رسول الله ۽ ائمه معصومين عليهم السلام جي رضايت جو سبب آهي تنهنڪري ان مقصد سان لباس پاڻ مڪروه ناهي

خلاصو:

ڪارو لباس پائڻ جيئن واجب ناهي تيئن ان جو پائڻ حرام به ناهي . البته امام حسين عليه السلام جو غم ملهائڻ جي غرض سان ان جو پائڻ نه فقط شيعا عالمن ۽ فقيهن وٽ پسنديده عمل آهي بلڪه اهو امام پاڪن جي سيرت تي عمل به آهي.

آخر ۾ شاهه سائين جي هن بيت سان پڄاڻي ڪيون ٿا جو پاڻ فرمايو اٿائون

مــــــــــــــــــــــير مدينا نڪري آيا نه مــــوٽي

ڪـارا رڱـــــج  ڪـــــــــپڙا، ادا نيــــــــــروٽي

آن تنين لاءِ لوٺي جي مير مسافر رانئيا

 



[i] - ربيع الابرار و نصوص الاخبار جلد 3ص 747

[ii] - اخبار الدولة العباسيه جي ص 247

[iii] -السيرة النبويه ج 3 ص 10/11

[iv] - تمدن اسلامي در قرن چهارم هجري،ج2،ص22

[v] - تهذيب اللغة آبي جلد 12 ص 171

[vi] - مسنداحمد بن حنبل جلد 6 ص 438

[vii] - شرح نهج البلاغه ابن ابي الحديد معتزلي جلد 16 ص 22

[viii] - المستدرڪ حاڪم نيشاپوري جلد 3 ص 189

[ix] - وسائل الشيعه،ج 3،ص 361

[x] - عيون الاخبار ص 109

[xi] - بحارالانوار، جلد 45، ص 188

[xii] - وسائل الشيعه ج 2 ص 357

[xiii] - علل الشرايع جلد 2 ص 347

[xiv] -  نوٽ : تمام مجتهدن جون  فتواى انٽرنيٽ تان ورتل آهن