Get Adobe Flash player

حضرت امام محمد باقر عليه السلام جي سياسي جدوجهد تي هڪ نظر :حضرت آيت الله العظمى سيد علي خامنه اي دام ظله جي تقرير مان اقتباس

امام باقر عليه السلام 57 سالن جي ڄمار ۾ اموي حڪومت جي طاقتور ترين بادشاهه هشام بن عبدالملڪ جي دور ۾ شهادت پاتي. اسلامي سلطنت جي طول عرض ۾ سوين مسئلا ۽ بغاوتون به هشام کي شيعه تحريڪ جي روح روان يعني امام باقر عليه السلام  خلاف سازشون ڪرڻ کان روڪي نه سگهيون، سندس حڪم تي سندس ئي ڪارندن امام کي زهر ڏنو ۽ ائين بنو اميه جي هن ظالم ۽ جابر حڪمران ملڪ جي مغربي ۽ مشرقي سرحدن تي فتحن کي پنهنجي تمام وڏي ۽ خطرناڪ ترين دشمن جي قتل سان مڪمل ڪيو.

 

   اموي حڪومت امام باقر عليه السلام  جي زندگيءَ جي آخري ڏهاڙن ۽ امام صادق عليه السلام جي امامت جي شروعاتي ڏينهن ۾ انتهائي حساس دور مان گذري رهي هئي. هڪ پاسي ملڪ جي اتر اوڀر (ترڪستان ۽ خراسان واري پاسي) ۽ اتر (ننڍي کنڊ ۽ آذربائيجان واري پاسي) اولهه  (آفريڪا ،اندلس ۽ يورپ واري پاسي) جنگيون پئي هليون ته ٻئي پاسي کان عراق جي ڪجهه حصن،خراسان ۽ اتر آفريڪا ۾ بغاوتن ڪرّ کنيو هئو. انهن علائقن جا مقامي ماڻهو حڪومت جي ظلم ۽ ستم کان تنگ اچي ،يا مغل سردارن جي مدد جي ڪري  اموي حڪومت خلاف اٿي کڙا ٿيا هئا. [1]

ان کان علاوهه پوري ملڪ خاص ڪري عراق ـــ جتي بنو اميه جي وڏن سرمائيدارن جو مرڪز هئو ۽ خليفي ۽ حڪومت جي خاص ماڻهن جون زرخيرز زمينون هيون ــــ ۾ناامني ۽ خراب صورت حال هئي۽ عراق جي گورنر خالد بن عبدالله اقسري [2] پنهنجي افسانوي عيش ۽ نوش جي محفلن ۾ مشغول هئو ان کان علاوهه ڪجهه علائقن ۾ جهڙوڪ خراسان،عراق، شام ۾ ڏڪار ۽ طاعون جي وبا اچي وئي هئي، جنهن سبب ان ملڪ جي حالت انتهائي ابتر ٿي چڪي هئي، جنهن جا اڪثر رهاڪو مسلمان هئا ۽ حڪومت اموين جي هٿ ۾ هئي جڏهن ته حڪمران بنواميه جو مشهور بادشاهه هئو.

اهڙي افسوس ناڪ ۽ ڏک ڀري فضا ۾ ـــــ جتي اموي حڪمرانن جي جاهه طلبي ۽ ظلم سبب پيدا ٿيل جنگ،غربت،بيماري بيڪس ماڻهن مٿان کنوڻ وانگر ڪري کين ساڙي خاڪ پئي ڪيو ـــ فضيلت، اخلاق،پرهيزگاري ۽ روحانيت سان ماڻهن ماڻهن جي پرورش ڪرڻ هڪ ناممڪن شيءِ نظر اچي پئي.

عالم،قاضي، محدثَ ۽ مفسرَ جن کي مظلوم ۽ بيوس ماڻهن جو ساٿي ڏيڻ گهرجي ها تن نه فقط پنهنجو فرض ادا نه ڪيو بلڪه ان جي ابتڙ عام ماڻهن لاءِ مختلف طريقن سان حڪمرانن کان وڌيڪ مشڪلاتون پيدا ڪيون.

    فقه حديث،عقائد۽ تصوف جي نامور عالمن جهڙوڪ حسن بصري، قتاده بن دعامه، محمدبن شهاب زهري، ابن بشر، محمد بن المنڪدر، ابن ابي ليلى ۽ اهڙي قسم جا ٻيا ڪيترائي ماڻهو، حقيقت ۾ حڪومت جا مهرا هئا يا حڪمرانن ۽ سردارن جي هٿن ۾ کيڏندڙ گُڏا هئا.

 باعث افسوس آهي جيڪڏهن اهو چيو وڃي ته اهڙن معتبر ۽ عزتدار ماڻهن جي زندگيءَ بابت تحقيق،کين اهڙن ماڻهن جو روپ ڏئي پئي، جيڪي پليت خواهشن جهڙوڪ جاهه طلبي، شهرت پسندي،خود غرضي جا مالڪ هئا يا بيوس ڊڄڻا، آرام طلب، يا رياڪار زاهد ۽ احمق هئا.  يا وري اهڙا  عالم نما ماڻهون هئا، جيڪي پنهنجي فتنه انگيزعقائدي بحثن ۾مشغول هئا. [3]

     قرآن ۽ حديث جنهن کي معرفت ۽ نيڪ صفتون پيدا ڪرڻ لاءِ استعمال ٿيڻ گهرجي ها، قبضه خورحڪمرانن يا بيهوده زندگي گذاريندڙ بدنام ۽ بدماش ماڻهن جو هٿيار بڻجي ويا هئا.

اهڙي زماني ۾ امامت جي مسند سنڀالندڙ امام محمد باقر عليه السلام، اسلام خاص ڪري شيعه قوم جي ترقي ۽ حفاظت لاءِ انتهائي اهم قدم کنيا اسان هتي سندن سياسي زندگيءَ تي هڪ مختصر ليڪن تحليلي نظر وجهون ٿا.

امام باقر عليه السلام جي سياسي زندگيءَ تي هڪ نظر

حقيقت ۾ پنجين امام حضرت باقر عليه السلام جو زمانو،مڪمل طور امام سجاد عليه السلام جي دؤر جو منطقي تسلسل هئو.ڪجهه ماڻهون گڏ ٿي چڪا هئا، شيعت ٻيهر عزّت ۽ عظمت جو احساس ڪرڻ لڳي هئي. ڪربلا ۽ ان کانپوءِ ٿيندڙ ڪجهه ٻين خوني حادثن ــــ جهڙوڪ واقعه حرّه ۽ توابين جي تحريڪ سبب ــــ ۽ وقت جي حڪمرنن جي بي پناهه سختين سبب  ڪجهه سالن کان شيعت جي رڪجي ويل تبليغ، هاڻي مختلف اسلامي علائقن جهڙوڪ عراق، حجاز ۽ خراسان تائين ڦهلجي وئي ۽ جنهن جو اثر، ماڻهن جي هڪ تمام وڏي تعداد  تي ٿيو. ايستائين جو فڪري ۽ عملي رابطي تي مشتمل هڪ اهڙو مجموعو ۽ گروهه وجود ۾ آيو جنهن کي هڪ ”پوري تنظيم“ چئي سگهجي ٿو.

 اهو زمانو گذري چڪو جڏهن امام سجاد عليه السلام اهو چوندا هئا ته:”پوري حجاز ۾ اسان جي دوستن ۽ حبدارن جو انگ ويهه به ناهي“ [4]

 اڄ اهو دور آهي جنهن ۾ امام باقر عليه السلام جڏهن مسجد نبوي ۾ اچن ٿا ته خراسان ۽ ٻين علائقن جا ڪيترائي ماڻهون سندن چوڌاري گڏ ٿي وڃن هئا ۽ کائن فقهي سوال پڇن ٿا.  طائوس يماني،قتاده بن دعامه، ابوحنيفه ۽ انهن جهڙا ٻيا ڪيترائي مشهور غير شيعه عالم به جڏهن امام عليه السلام جي وسيع علم جي شهرت ٻڌن ٿا ته سکڻ لاءِ يا بحث ۽ گفتگو لاءِ سندن خدمت حاضرٿين ٿا . ”ڪميت اسدي“ جهڙو هنرمند ۽ مشهور شاعر پنهنجا بهترين قصيدا ”هاشميات“جيڪي تمام گهڻا مشهور ٿين ٿا، ان لاءِ ٺاهي ٿو ته جيئن محمد وآل محمد عليهم السلام جي علم، فضيلت ۽ روحاني منزلت کان ماڻهن آگاهه ڪري سگهي.

   جڏهن ته ٻئي پاسي بنواميه جي حڪمرانن ،عبدالملڪ (متوفي 86 هه) بن مروان جي ويهه ساله حڪومت جي خاتمي ۽ سڀني بغاوتن کي ڪچلڻ ۽ مخالفت جي شعلن کي وسائڻ کانپوءِ امن ۽ سڪون جو احساس پئي ڪيو. ياکين آسانيءَ سان ملندڙ حڪومت جو اڳين حڪمرانن وانگر قدر نه هئو سو تنهنڪري  هو پنهنجي عيش ۽ نوش جي محفلن ــــ جيڪي اهڙن حڪمران جو لازمو هيون ـــ گم هئا ۽ هنن شيعن ڏانهن خاص ڌيان نه ڏنو، جنهن سبب امام ۽ سندن ساٿي ڪجهه حد تائين سندن ظلمن کان امان ۾ رهيا.

ظاهر آهي ته امامن ۽ شيعت لاءِ حالات جو ڪيترن ئي پهلوئن کان سازگار ٿيڻ مان نتيجو وٺي سگهجي ٿو ته امام باقر عليه السلام پنهنجي امامت جي دور ۾ وڏا قدم کنيا ۽ شيعت جي جدوجهد کي آخري درجي تائين اڳتي وڌايو، ان سبب جي ڪري ئي امام محمد باقر عليه السلام جي دور کي  هڪ خاص مقام حاصل آهي.

هڪ منظم تبليغي سلسلي جي شروعات

امام باقر عليه السلام  جي 19 ساله (95 هه کان 114 هه تائين) دور امامت جو، مختصر مطالعي سان هيٺينءَ ريت تَتُ ڪڍي سگهجي ٿو:

سندن والد امام سجاد عليه السلام زندگيءَ جي آخري ڏهاڙن ۾ کيس شيعت جي راهنمائي ۽ پنهنجي جانشيني لاءِ چونڊين ٿا ۽ پنهنجي سڀني فرزندن ۽ عزيزن جي سامهون کين اهو منصب ڏين ٿا. اها صندوق جنهن ۾ روايتن  مطابق، علم جو خزانو يا رسول الله جي تلوارهئي[5] کين ڏيکاري ڪري فرمائن ٿا: ”اي محمّد! هيءَ صندوق پنهنجي گهر کڻي وڃ“ پوءِ ٻين حاضرين ڏانهن نهاري فرمائن ٿا: هن صندوق ۾ درهم ۽ دينار ناهن بلڪه علم جو خزانو آهي“ [6] ٻين لفظن ۾ امام انهي طريقي سان علم ۽ دانش جي اڳواڻيءَ جو وارث ۽ (رسول الله  عليه السلام جي تلوار ذريعي) کين انقلاب جو سپه سالار هجڻ جو اعلان ڪيو.

   امامت جي آغاز کان ئي امام عليه السلام ۽ سندن سچن ساٿين نهايت وسيع ،هدفمند ۽ شيعت ۾انقلابي تبديلي آڻيندڙ تبليغ جي شروعات ڪئي. ان تبليغ جي وسعت ايتري ته وڏي هئي جو اها شيعه نشين علائقن ـــ جهڙوڪ مديني ۽ ڪوفي ـــ کان علاوهه ٻين نون علائقن خاص ڪري اسلامي مملڪت جي انهن حصن تائين پهتي،جيڪي اموي  حڪومتي مرڪزکان پري هئا. ائين شيعت جي فڪري حدن ۾ ڪافي حد تائين واڌارو آيو. خاص ڪري خراسان،جتي شيعت جي تبلغي اثر رسوخ  وڌڻ بابت  تمام گهڻيون روايتون آيون آهن. [7]

امام عليه السلام جي دور ۾ ماڻهن جي ذهني ۽ معاشرتي ابتري

      جيڪا شيء امام ۽ سندس باوفا ساٿين جي اڻ ٿڪ ڪوششن کي نقصان پهچائي پئي ۽ کين ان الاهي فريضي کي انجام ڏيڻ ۾ سست ڪري پئي اها ماڻهن جي ذهني ۽ معاشرتي ابتري هئي. هو پنهنجي اڳيان اهڙا ماڻهون ڏسن پيا، جيڪي هڪ پاسي کان تباهي ۽ بربادي ڏانهن ڇڪڻ واري ماحول سبب هر روز معاشرتي پستيءَ ۾ ڪرندا ۽ غرق ٿيندا پيا وڃن ايستائين جو ڳالهه اتي وڃي پهتي هئي جو عام ماڻهو به افسرشاهي طبقي وانگر،امامت جي نجات بخش سڏ تي لبيڪ نه پيا چون  ـــ ان دعونا هم لم يستجيبوا لنا[8] ـــ (جيڪڏهن کين سڏيون پيا ته نه پيا اچن).

   جڏهن ته حق کان منحرف ٿيل ڌڙي ــــ جنهن سڀ ڪم ايستائين جو ديني درس،بحث،فقه،عقيدو،حديث۽تفسير به ظالم اموي حڪمرانن جي مرضيءَ خواهش مطابق ٿين پيا ــــ۾ به عام ماڻهن لاءِ ڪا اميد جي دري کليل نه رهي هئي. ان موقعي تي جيڪڏهن  مذهب اهليبت عليهم السلام به سندن هدايت لاءِ ڪجهه نه ڪري ته هدايت جو رستو هميشه لاءِ انهن تي بند ٿي پيو وڃي.(وان ترڪناهم لم يهتدوا بغيرنا)[9] جيڪڏهن کين ڇڏي ڏيون ته ڪنهن ٻئي طريقي سان به هدايت نه پائيندا.

ظالم حڪمرانن  خلاف امام عليه السلام جو   اعتراضي موقف

      معاشري جي اهڙي ابتريءَ کي ڏسندي امام فڪري ۽ ثقافتي قوتن خلاف ـــ جيڪي معاشري جي اهڙي ابتريءَ جا ذميوار هيون  ـــ اعتراضي موقف اختيار ڪيو، ته جيئن (دولت جي حرص ۾) وڪامجي ويل شاعرن ۽ عالمن کي وائکو ڪن ۽کين لعنت ملامت ذريعي سندن ستل ضمير کي بيدار ڪري سگهن.

       امام ڪثير نالي شاعر کي سخت لهجي ۾ دٻ پٽيندي چيو:  تو عبدالملڪ جي تعريف ڪئي اٿئي؟! ته هو سادگي يا چالاڪيءَ سان پنهنجي گناهه جي صفائي پيش ڪندي چوي ٿو:

” کيس حق جو امام نه چيو اٿم بلڪه کيس ”شينهن“، ”سج“، ”بحر“، ”اجگر“ ۽ ”پهاڙ“ چيو اٿم. جڏهن ته منهنجي مراد شينهن مان ”ڪتو“،سج مان ”مادي جسم“، بحر مان ”بي جان“، اجگر مان ”بدبودار جانور“ ۽ پهاڙ مان ”پٿر دل“ ماڻهو هئي..... “

    امام سندس ناقابل قبول عذر تي معنا دار انداز ۾ مسڪراهٽ جو اظهار ڪيو ته اتي ڪميت ـــ شيعن جوانقلابي شاعرــــ اٿي ڪري  ”هاشميات“ قصيدي جا ڪجهه بيت پڙهي ٿو[10].

 ٻن شاعرن پاران پنهنجي هنر جو ٻن مختلف غرضن لاءِ ان استعمال جو داستان اتي موجود حاضرين ۽ جن ماڻهن کي ان جي خبر پئي هميشه ذهن ۾ رهجي ويو.[11]

مناسب موقعن مان فائدو وٺڻ

     ابن عباس جو مشهور شاگرد عڪرمه جنهن جو ماڻهن وٽ تمام وڏو مقام هئو،امام سان ملاقات لاءِ وڃي ٿو ته امام جي روحاني ۽ علمي شخصيت کان اهڙو ته متاثر ٿيو، جو بي اختيار پاڻ کي امام جي جهوليءَ ۾ ڪيرائي، حيرت مان چوڻ  لڳو: آءُ ابن عباس جهڙن بزگن جي خدمت ۾ ويٺو آهيان ليڪن ڪڏهن منهنجي اهڙي حالت نه ٿي آهي. امام کيس جواب ۾ چيو:

 ”ويلڪ يا عبيد اهل الشّام انّڪ بين يدي بيوت اذن الله ان ترفع و يذڪر فيها اسمه“

حيف هجي توتي اي شامين جا حقير غلام! تون هن وقت انهن گهرن جي سامهون ويٺو آهين جن کي خدا بلند ڪيو آهي ۽ اهي الله جي ياد مرڪز ٿي ويا آهن.“ [12]

      امام هر مناسب فرصت مان فائدو ورتو ته جيئن ان ذريعي شيعن جي ڏکن ۽ تڪليفن سان ڀريل زندگيءَ جا مختلف پهلوءَ عيان ڪرڻ سان گڏ ظالم حڪمرانن پاران امام ۽ سندن باوفا ساٿين مٿان سختين کي بيان ڪن ۽ ان ذريعي ماڻهن جي ستل جذبات کي بيدار ڪن، سندن خون کي جوش ۾ آڻين ۽ سندن دلين جي گرمي واپس موٽائن، يعني کين انقلابي قدم کڻڻ لاءِ تيار ڪن.

فرعوني معاشري ۾ بني اسرائيل جو  قصو

جڏهن امام کان ڪنهن ماڻهوءَ پڇيو: اي رسول جا ٻچڙا! ته توهان رات گذاري ڪيئنصبح ڪيو؟ ته پاڻ فرمايائون :

    ”ڇا اڃان اهو وقت نه آيو آهي جو توهان سمجهي سگهو ته اسان ڪيئن آهيون؟ ۽ رات گذاري صبح ڪئين ڪيون ٿا؟! اسان جو قصو فرعوني معاشري ۾ بني اسرائيل جو قصو آهي،جن پٽن کي ڪهندا هئا ۽ عورتن کي زندهه قيد ڪندا هئا! آگاهه رهو هيءُ (بنو اميه وارا) اسان جي پٽن کي قتل ڪن ٿا ۽ عورتن کي قيد ڪن ٿا...“ 

ان کانپوءِ امام اصل مسئلي ـــ يعني حڪومت  تي اهل بيت عليهم السلام جو حق آهي ـــ  کي بيان ڪندي فرمايائون:

”عرب سمجهندا هئا ته عجمن (غير عرب) کان ڀلا آهن. ڇاڪاڻ ته محمد1 عرب آهي ۽ سندن ان سوچ تي عجمن سر تسليم خم ڪيو، قريش سمجندا هئا ته عربن جي سڀني قبيلن کان ڀلا آهن ڇاڪاڻ ته محمد1 قريشي آهي. ان تي عربن ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو.... جيڪڏهن هو ان دعوى ۾ سچا آهن ته اسان سڀني قريشن کان افضل آهيون ، ڇاڪاڻ ته اسان محمد1 جو اولاد ۽ آل آهيون. ۽ ان رشتي ۾ ڪو اسان جو شريڪ ناهي“

   اتي اهو ماڻهوشدت جذبات ۾ايندي چوي ٿو: خدا جو قسم اسان توهان جي خاندان سان محبت ڪريون ٿا. امام جڏهن سندس فڪري، قلبي ۽ عملي يڪسوئيءَ کي ڏسن ٿا ته کيس بيدار ۽ آگاهه ڪندڙ ڳالهه ڪن ٿا:

”پاڻ کي مصيبت لاءِ تيار ڪر! خدا جو قسم مصيبت اسان جي شيعن کي، جبل جي دامن کي،ٻوڏ جي پاڻيءَ کان وڌيڪ ويجهو آهي. مصيبت پهريان اسان لاءِ ۽ پوءِ  توهان لاءِ ايندي بلڪل ائين جيئن سڪون ۽ امن اول اسان وٽ، پوءِ توهان وٽ پهچندو.“ [13]

 



[1]- جڏهن ته مورّخ انهن سڀني کي خارجي سڏي ٿو جيڪو حڪومت پاران انهن قيامن ۽ تحريڪ تي هڪ خاص ڌڪ هڻڻ کي ڏيکاري ٿو جڏهن ته انهن مان اڪثر يا گهٽ ۾ گهٽ ڪجهه تحريڪون حق تي هنيون.

[2]- خالد بن عبدالله قسري تي الزام هيو ته سندس سالانه آمدني هڪ ڪڙوڙ ٽيهه لک آهي.هشام ان ڏانهن خط لکيو ته ڪنهن ماڻهوءَ کي اناج کپائڻ جو حق ناهي جيستائين خليفي جو اناج نه کپي. خالد جيڪو دل ۾ خليفي سان گڏ نه هئو خطبي ۾ ماڻهن کي چيو ته ماڻهون سمجهن ٿا ته مون اناج جي قيمت وڌائي آهي الله جي لعنت هجي ان تي جنهن قيمتون وڌايون آهيون (ان ڪم سان ٻڌائڻ پئي چاهيائين ته اهو خليفي جو ڪم آهي). هشام جي زال کي هڪ وڳو هئو جنهن جا ڌاڳا سون جا هئا ۽ ان تي قيمتي ڀٿر جڙيل هئا ايترو ته ڳرو هئو جو ڪو ان کي پائي هلي نه سگهندو هئو. قميت لڳائڻ وارا ان وڳي جي قيمت نه لڳائي سگهيا...... خود هشام کي هڪ غاليچو هئو جنهن جي ڊيگهه 100 ۽ ويڪر 50 هٿ هئي  جيڪو سڄو جو سڄو سون ۽ ابريشم جو جڙيل هئو. (ابن اثير ج5 ص 220 ۽ بين الخفاء والخلفاء ص 28 ۽ 56)

[3]- اهڙن عالم نما ماڻهن جي خيانت،حقارت ۽ حماقت ڀرين قدمن جي هزارين مثالن مان هڪ هي آهي : ته حسن بصري، حجاج بن يوسف ـــــ جهڙي ظالم، قاتل، غاصب ۽ بي نمازي شخص ـــــ خلاف اٿڻ کي جائز نٿي سمهجيو ۽ ان جي مخالفت ڪندي چوي ٿو: منهنجي راءِ اها آهي ته ساڻس نه وڙهو . ڇاڪاڻ ته ممڪن آهي ته اهو الله جي توهان کي سزا هجي ۽ توهان کي قدرت ناهي جو الله جي سزا کي پنهنجي تلوار سان پري ڪريو. جيڪڏهن نازل ٿيل ڪا مصيبت آهي ته ان تي صبر ڪيو جيستائين الله پاڻ فيصلو ڪري بيشڪ هو بهترين فيصلو ڪندڙ آهي (طبقات ابن سعد ج1 ص 119 ، نظريه الامامة محمود صبحي ص 32 تان ورتل)

[4]-  شرح نهج البلاغه  ج 4 ص104 ۽ بحار الانوار ج 46 ص 143

[5]- بحار الانوار ج 46 ص 229

[6]- ساڳيو

[7]- جن مان ابو حمزه ثمالي جي روايت آهي  (بحار الانوار ج 46 ص 357) ۽ خراسان جي هڪ عالم پاران  عمر بن عبدالعزيز سان تيز گفتگو واري روايت (ڏسو ڪتاب بحار الانوار ج 46 ص 336)

[8]- بحار الانوار ج 46 ص 288

[9]- ساڳيو

[10]- سندس قصيده جا ڪجهه بيت هي آهن

من لقلب  متيم  مستهام                عير  ما  صبوة   و لا احلام

ساسة  لا  ڪمن يرعى النا                من   سواءِ  و   رعية  الانعام

[11]- مناقب ابن شهر آشوب  ج4 ص 207

[12]-  بحار الانوار ج 46 ص 358

[13]- بحارالانوار ج 46 ص 360