Get Adobe Flash player

السلام عليڪ يا اباعبدالله الحسين! عربستان جي سرزمين تي اڄ ڪلهه حج جي موسم آهي ۽ پوري دنيا جي هر ڪنڊ ڪڙڇ، ملڪ ملڪ ۽ شهر شهر جا ماڻهون هن وقت مڪي جي سرزمين تي گڏ ٿي چڪا آهن،  جيڪي هن وقت امن واري سرزمين تي الله رب العزة جي عبادت ۾ مشغول آهن ۽ ان عظيم فريضي کي انجام ڏينهن جو انتظار ڪري رهيا آهن، جنهن کي خداوند متعال مسلمانن لاءِ حج بڻايو آهي .

هتي ايندڙ هر شخص تي فرض آهي ته الله جي خاص نشانين جي احترام لاءِ، حرم ۾ داخل ٿيڻ وقت  احرام پائي ،سندس گهر جو طواف ڪري ،مقام ابراهيم جي پويان ٻه رکعتون نماز ادا ڪري ،صفا ۽ مروه  جي وچ ۾ سعي ڪري ۽ پنهنجي نفس کي خدا اڳيان تسليم ڪندي پنهنجي مٿي جا وار ڪوڙائي پنهنجي بندگيءَ جو اعلان ڪري. جيڪڏهن حج جي مهينن ۾ آيو آهي ته انتظار ڪري ۽ حج کي انجام ڏيڻ کانپوءِ هن سرزمين کي ڇڏي . عرفات جي سرزمين تي ڌڻيءَ در ٻاڏائي، مشعرالحرام ۾ رات جو عبادت ڪري ۽ صبح جو منى ۾ شيطان کي پٿريون هڻي کائنس بيزاريءَ جو اظهار ڪري .

مڪي جي سزمين کي الله پاڪ انسان لاءِ امن جي سرزمين مقرر ڪيو  ۽ حرم جي حدن کي سڀني مسلمانن لاءِ محترم بڻايو ۽ اتي ڪنهن انسان جو قتل ته پري جي ڳالهه آهي، ڪنهن ننڍڙي جيت کي مارڻ  به جائز ناهي ايستائين جو اتي ڪنهن ٻوٽي جي پنن کي پٽڻ ،ڪنهن وڻ کي وڍڻ يا ڪنهن جانور جو( جائز مقصد لاءِ به) شڪار ڪرڻ جائز ناهي.

هن سرزمين جي هڪ ٻئي اهم ڳالهه هن جو هر مسلمان جو وطن هجڻ آهي يعني انسان جڏهن پنهنجو وطن ڇڏي ڪنهن ٻئي شهر ۾ سفر ڪري  ٿو ته اهو مسافر ۽ پرديسي هوندو آهي ۽ سندس مٿان مسافر جا سڀئي حڪم لاڳو ٿيندا آهن،۽ هو اتي اجنبي شمار ٿيندو آهي ليڪن هن سرزمين کي الله پاڪ ”ام القرى“ ۽ سڀني مسلمانن جو وطن مقرر ڪيو آهي  يعني هتي ايندڙ انسان مسافر ناهي ۽ مڪو سندس پنهنجو وطن آهي، هو نه مسافر آهي نه اجنبي !!! هو هتي نماز قصر نه پر پوري ادا ڪري ٿو ۽ روزا به رکي سگهي ٿو.

ٽئين اهم ڳالهه جيڪا اسلامي قانون مطابق هن سرزمين تي لاڳو ٿئي ٿي سا اها آهي ته جيڪڏهن ڪو شخص هتي پناهه اچي وٺي ته ڪنهن کي حق حاصل ناهي ته کيس اتان تڙي ڪڍي ڀلي کڻي ڪيڏو به وڏو جرم ٿيل هجيس .

اسلامي دنيا جو سڀني کان وڌيڪ مقدس شمار ٿيندڙ هيءُ اجتماع جنهن ۾ پوري عالم اسلام ۽ هر رنگ ۽ نسل، فرقي ۽ مذهب جا ماڻهو شامل آهن هن وقت مڪي جي سرزمين تي جاري آهي ۽ لکين ماڻهن جو هيءُ عظيم ميلو متل آهي جن سڀني ماڻهن کي دنيا جون سڀئي جديدترين سهولتون مهيا آهن، بهترين بندوبست ۽ ڀلا انتظام ٿيل آهن ته جيئن کين هيءَ مقدس عبادت انجام ڏيڻ ۾ ڪا تڪليف نه ٿئي ۽ کين حج کانسواءِ ڪنهن ٻئي شيءَ جو فڪر ۽ پريشاني نه هجي.

مون جڏهن انهن سڀني شئين تي نظر وڌي ۽ انٽرنيٽ ذريعي انهن سڀني شين جو مشاهدو پئي ڪيو ته بي اختيار سوچ جي سوئي تاريخ جي هڪ عظيم حادثي تي وڃي اٽڪي ۽ تاريخ جي سڀني کان وڌيڪ مظلوم انسان يعني نواسه رسول (ص)،جگر گوشه علي و بتول (ع) حضرت امام حسين عليه السلام جي مظلوميت ياد اچي وئي ۽ اکين ۾ لڙڪ تري آيا ۽ تصور ئي تصور ۾ ان واقعي جي منظر ڪشي ڪيم ته امام حسين عليه السلام  پنهنجي ٻچڙن ۽ باوفا ساٿين سان گڏ هن سرزمين کي ڪيئن الوداع ڪئي هوندي ۽ پوءِ اهو سوال ذهن ۾ آيو ته  آخر ائين ڇو ٿيو؟

جنهن سرزمين کي اسلام جي ڪري مانُ مليو، الله جي پاڪ رسول الله جي هٿان عزت ملي ۽ امام حسين عليه السلام جي وڏڙن جي ڪري شرف مليو، ان سرزمين کين جڳهه نه ڏني؟ اتان جي ماڻهن امام حسين عليه السلام جو ساٿ ڇڏي ڏنو؟

هيءُ ئي ڏهاڙا هئا جن ۾ امام حسين عليه السلام پنهنجا ٻچڙا ساڻ ڪري امن جي سرزمين کي ڇڏيو ۽ ڪربلا جي رڻ پٽ ڏانهن راهي ٿيا. هاءِ افسوس جو پوري انسانيت لاءِ امن بڻجندڙ شهر مڪو امام حسين عليه السلام کي امن نه ڏئي سگهيو، هر انسان جي پناهگاهه بڻجندڙ هيءُ حرمُ، امام حسين عليه السلام ۽ سندن ٻچڙن کي پناهه نه ڏئي سگهيو؟ جنهن سرزمين تي جيت جڙڻين کي ستائڻ به حرام هئو، اتي پاڪ نبيءَ جي اولاد کي ستايو ويو؟ جنهن حج کي انجام ڏيڻ  لاءِ پوري دنيا جا مسلمان موجود هئا پر اتي امام حسين عليه السلام ۽ سندن ٻچڙن لاءِ گنجائش نه هئي؟ عرفات تي هر مسلمان کي دعا گهرڻ جي اجازت هئي پر امام حسين عليه السلام کي مهلت نه ملي؟ مشعر الحرام ۾ لکين حاجين جي سمهڻ جي جاءِ هئي ليڪن علي عليه السلام جي اولاد لاءِ زمين تنگ هئي؟ مني جي سرزمين تي هر حاجيءَ کي خيمي هڻڻ لاءِ جڳهه ملي  پر  زهرا سلام الله عليها جي ٻچڙن کي جڳهه نه ملي؟

           ها هيءُ اهي ئي ڏهاڙا آهن جن ۾ امام حسين عليه السلام مڪي جي سرزمين کي ڇڏي ،ڪربلا ڏانهن راهي ٿيا،حج کي عمري ۾ تبديل ڪندي ٻچڙا وٺي نئين پناهگاهه جي ڳولا ۾ نڪري پيا، عرفات جو ميدان ڇڏي دعا لاءِ ڪربلا جو بيابان وسايائون، مشعر الحرام ڇڏي ،رات ڪربلا جي رڻ پٽ ۾ گذارڻ لاءِ ڪهي نڪتا. مني جي سرزمين تان خيما پٽي فرات جي ڪنارو آباد ڪرڻ جو ارادو ڪيائون ، مڪي جي امن کي ڇڏي ڪربلا جي سرزمين کي امن جي سرزمين بڻائڻ جو عزم ڪري نڪتا!

هاءِ افسوس صد افسوس! ان سرزمين تي جنهن نبيءَ جي ٻچڙي کي ائين وڃڻ ڏنو ۽ هاءِ افسوس صد افسوس ! انهن ماڻهن تي جن آل رسول  عليهم السلام جي ڪجاون کي تيار ٿيندي ڏٺو ليڪن کين نه روڪيو! هاءِ افسوس صد افسوس! انهن مسلمانن تي جن پنهنجي حج جو فڪر ڪيو ليڪن حج جو فريضو پهچائيندڙ پيغمبر جي اولاد کي بي آسرو ڇڏي ڏنو!

جڏهن اهو سڀ سوچيان ٿو ته بي اختيار زبان تي، سنڌ جي عظيم روحاني۽ عرفاني شاعر، شاهه لطيف جو هيءُ بيت زبان تي تري اچي ٿو:

اکــين ڪين ڪيو، جــــو رت نه رنـــــائون،
پــلاڻــيـندي   پــرين    کــــــي، بيٺي  ڏٺـــائـــون،
تن  اکين آئون، ڪهــڙو ڪجل  پائيان
.

 

التماس دعا

2009-12-04-06-42-29مولا علي عليه السلام ھي وصيتون 19کان21 رمضان واري راتين جي درميان زخمي حالت ۾ پنھنجي اولاد ۽ تمام شيعن لاءِ ڪيون . جيڪي ھن ريت آھن :1_ پرھيزگار بڻجو: اتقوا الله ، خدا کان ڊڄو. علي عليه السلام جي پھرين وصيت اسان شيعن لاءِ ھي آھي ته تقوا اختيار ڪيو ۽...
132890
yaaliسندنشخصيتجومختصرتعارف نالو عليعليهالسلام ڪنيتابوالحسن،ابوالسبطين،ابوالائمه ،ابو تراب مشهور لقبمرتضيٰ،اميرالمومنين،يعسوب الدين،ولي الله وغيره والد جو نالوعمران يعنيابوطالب بن عبدالمطلب والده جو نالوحضرت بيبيفاطمه بنت اسد بن هاشم بن عبد مناف. ولادت...
222910
imam-e-insanyat”رهبر معظم حضرت آيت الله العظمى سيد علي حسيني خامنه اي جي تقرير مان اقتباس“ 21 رمضان المبارڪ سن 40 ه ق ڪوفه جي مسجد ۾ پنهنجي حڪومت ۾سختئَ سان عدل ۽ انصاف کي قائم ڪرڻ جي ڪري شهيد ڪيل اسان جي مظلوم آقا اميرالمؤمنين(عليه السلام) جيشخصيت کي حقيقي معنيٰ ۾...
142710
mazloomit-ali الله جي ولي،پيغمبر اڪرم ص جي وصي۽ ڪائنات جي امير مولا،حضرت علي عليه السلام جي عظمت تي دنيااڄ به حيران آهي جو چوڏنهن سئو سال گذرڻ باوجود سندن فضليتن جي عميق سمنڊ جو ڪنارو نظر نه ٿو اچي ۽ ان ۾ موجود فضيلتن۽ڪرامتن جا املهه موتي ختم ٿيڻ بجاءِ جيئن پوءِ...
75980
mazloomit-ali33_فدڪ۽ سندن شهادت جو رد ٿيڻ حضرت زهرا سلام الله عليها کان فدڪ کسڻ واري واقعي ۾ ائين ته اهلبيت ع جي مظلوميت جا ڪيترائي پهلوءَ موجود آهن،ليڪن حضرت علي عليه السلام جي لاءِ سڀ کان اهم پهلو سندن شهادت جو قبول نه ٿيڻ آهي. ان ڳالهه کي سمجهڻ لاءِ اوهان کي...
60950
مولا-علي-ع-جون-ڪميل-سان-دل-جون-ڳالهيونقَالَ ڪمَيْلُ بْنُ زِيَادٍ اخَذَ بِيَدِي امِيرُ الْمُؤْمِنِينَ عَلِيُّ بْنُ ابِي طَالِبٍ [عليه السلام] فَاخْرَجَنِي اِلَى الْجَبَّانِ فَلَمَّا اصْحَرَ تَنَفَّسَ الصُّعَدَاءَ ثُمَّ قَالَ : ڪميل بن زياد چوي ٿو هڪ دفعو اميرالمومنين علي عليه السلام منهنجو...
55670
انسانيت-لاءِ-مولا-علي-ع-جي-نصيحتهي اها نصيحت آهي جنهن بابت نهج البلاغه جي مصنف علامه سيد رضي  قدس سره جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن هن پوري ڪتاب ۾ هن نصيحت کانسواءِ ٻيو ڪجهه نه هجي ها تڏهن به هيءَ نصيحت انسانيت جي هدايت لاءِ ڪافي هجي ها.   وَ قَالَ [عليه السلام] لِرَجُلٍ سَالَهُ انْ...
57920