Get Adobe Flash player

تقريبا سئو سال اڳ،عربستان جي سرزمين تي رسول الله صلى الله عليه وآله وسلم سان تعلق رکندڙ مڙني هستين۽ پاڪ امامن جي پاڪ مزارن ۽ روضن کي مسمار ڪيو ويو،ته ان وقت دنيا جا مسلمان خاموش تماشائي بڻيل رهيا ۽ ان تباهيءَ کي ائين ڏسندا رهيا ڄڻ ته اهو سڀ ظلم ڪنهن ٻئي دنيا ۾ ٿي رهيو هئو.

 ٻه سئو سال اڳ سامراجي طاقتن جي سازش سان وجود ۾ ايندڙ هڪ فرقي پنهنجي خالص فرقه وارانه عقيدي جي بنياد تي اسلام جي جڙن کي باهه لڳائي ۽ مسلمانن جي ناحق خون سان اها عمارت جوڙائي جنهن جي بند درين مان اڄ به مسلمانن مٿان خوني حملا پيا ٿين . انهن ماڻهن پنهنجي هٿن سان ليڪو پائي ٻين سڀني مسلمانن کي ٻاهر ڪڍي اهونعرو بلند ڪيو ته ”اسان کانسواءِ سڀ ڪافر“ ۽ پوءِ ان بنياد تي مسلمانن جي قتل عام جو اهو سلسلو شروع ڪيو ويو جنهن جي خاتمو اڄ ٻه سئو سال گذري وڃڻ کانپوءِ به ممڪن بڻجي نه سگهيو آهي.

   اهڙي سوچ جي پيدا ٿيڻ سان جتي عالم اسلام ۾ وڏي پيماني تي ڏک ۽ افسوس جي لهر پيدا ٿي اتي ان کان سوين برابر وڌيڪ خوشي جي لهر اسلام دشمن سامراجي قوتن جي صفن ۾ پيدا ٿي ته هاڻي اسلام ۽ مسلمانن جي تباهيءَ لاءِ اسان کي ڪجهه ڪرڻ جي ضرورت ناهي رهي، ڇاڪاڻ ته اسان کي مسلمانن جي اندران اهڙا حمايتي ملي چڪا آهن جيڪي مسلمانن جي ويس ۾ کين اهڙو ڪاپاري ڌڪ هڻن پيا جنهن جو تاريخ ۾ مثال ملڻ مشڪل آهي.

هن فرقي پنهنجي وجود ۾ اچڻ کان سئو سال پوءِ  ويهن صديءَ جي شروعاتي سالن ۾ عربستان جي سرزمين تي پنهنجو زهر ڦهلائڻ شروع ڪيو ۽ اسلام جي مڙني نشانين ۽ رسول الله صلى الله عليه وآله وسلم ۽ سندن خاندان سان وابسته سڀني آثارن کي ملياميٽ ڪرڻ شروع ڪيو ته جيئن دنيا ۾ انهن جو ڪو نالو نشان باقي نه رهي جن ڪنهن به نموني اسلام جو نالو روشن ڪيو آهي. جنهن جو عروج تڏهن ڏسڻ ۾ آيو جڏهن جنت البقيع ۽  جنت المعلى ۾  حضرت سيدة نساءِ العالمين سائڻ زهرا سلام الله عليها ۽ اسان جي چئن امام پاڪن سميت سوين صحابين ۽ امهات المومنين رضوان الله تعالى عليهم اجمعين جي مزارن مٿان بلڊوزر گهمائي کين مسمار ڪيو ويو ۽ سندن روضن کي  ڊاهي پٽ  ڪيو ويو. جيڪڏهن دنيا جا مسلمان ان مرحلي تي احتجاج نه ڪنها ته اهو ساڳيو ڪم  پاڪ رسول الله صلى الله عليه وآله  جي روضي سان به انجام ڏنو وڃي ها.

افسوس فقط ان ڳالهه جو ناهي ته انهن پاڪ هستين جي مزارن کي مسمار ڪيو ويو ۽ سندن روضن کي  ڊاهي پٽ  ڪيو ويو. بلڪه حيرت  ان وقت موجود مسلمانن ۽ اسلام جي همدردن جي خاموش تماشائي بڻجي نظاري ڪرڻ واري ڪردار مٿان به آهي. جيڪڏهن ان وقت جا مسمان خاص ڪري حڪمران ۽ واڳ ڌڻي پاڻ کي زحمت ڏين ها ۽ ان ڪڌي قدم اڳيان ديوار بڻجن ها ته جيڪو ڪجهه اڄ اسان ايڪهين صديءَ جي شروعاتي سالن ۾ ڏسي رهيا آهيون هرگز نه ڏسون ها.

شايد سئو سالن کان پوءِ تاريخ پاڻ ورجائي رهي آهي ...  ۽ تاريخ جا پراڻا ورق دنيا جي هوائن تي هڪ دفعو وري اٿلي پيا آهن يا وري سامراجي طاقتن پنهنجي طاقت جي زور سان کين ٻيهر اٿلايو آهي .

اڄ افغانستان جي تباهي ۽ اتان جي مسلمانن جي برباديءَ کانپوءِ ، عراق کان شام ۽ شام کان فلسطين جي سرزمين تائين،سعودي ۽ يهودي ڳٺ جوڙ واضح نموني سامهون اچي چڪو آهي . جنهن سبب جتي لکين مسلمان شهيد ٿي چڪا آهن، اتي انهن ملڪن ۾ موجود  اسلام ۽ مسلمانن جي مقدس مقامن، نبين ۽ صحابين جي مقدس مزارن کي بم ڌماڪن ذريعي مسمار ڪيو پيو وڃي ۽  سندن پاڪ جنازن کي قبرن کان ٻاهر ڪڍيو پيو وڃي. عراق ۾ حضرت يونس ۽ شعيب سميت ٻين ڪيترن ئي نبين جي روضن کي  ڊاٿو ويو اتي شام ۾ نبي سائينءَ جا پيارن صحابين عمار ياسر، اويس قرني ۽ حجر بن عديءَ جي مزارن ۾ بم رکي ڊاٿو ويو، ايستائين جو حجر بن عديءَ جي قبر کوٽي سندن جنازو ڪڍي نامعلوم هنڌ منتقل ڪيو ويو. سامرا ۾ ۾ موجود پاڪ امامن حضرت امام علي نقي ۽ حسن عسڪري عليهما السلام جي روضن تي بم حملا ڪري کين شهيد ڪيو ويو.

ليڪن بس ان تي به ناهي ڇاڪاڻ ته اهي اسلام دشمن سرعام اعلان ڪري رهيا آهن ته سندن اڳيون هدف فقط ڪربلا ۾ امام حسين ۽ عباس علمدار عليهما السلام ۽ نجف ۾  اميرالمومنين علي عليه السلام جي مزار ناهي بلڪه ان هدف ۾ الله پاڪ جو مقدس گهر يعني ڪعبة الله الشريف آهي. ۽ فخر سان اعلان ڪن ٿا ته اسان مڪي تي حملو ڪري ڪعبي کي مسمار ڪنداسين.

الله ۽ اسلام جي نالي تي وڙهي ويندڙ ان ويڙهه ۾ نه بيگناهه ماڻهن کي بخشيو پيو وڃي نه ئي وري عورتن ۽ معصوم ٻارن تي ڪا رحم جي نظر ڪئي  پئي وڃي. حد ته اها آهي جو عورت جي مقدس ذات کي اسلام جي نالي تي پنهنجي عياشين جو شڪار بڻائي فخر سان ان تي جهاد جو نالو به ڏنو پيو وڃي .

جڏهن ته ٻئي پاسي طاقت جي نشي۾ چور يهودي فلسطين جي سرزمين تي بي گناهن مٿان بم وسائي رهيا آهن جن جو شڪار ٿيندي سوين مسلمان شهيد،هزارين مسلمان زخمي جڏهن لکين انسان بي گهر ٿي چڪا آهن ليڪن انساني حقن جي نام نهاد عملدارن پنهنجي اکين تي پٽيون ٻڌي ڇڏيون آهن

  اڄ وري به انسانيت خاموش آهي،مسلمانيت غفلت جي اگهور ننڊ ۾ستل آهي ۽ اسان جا نام نهاد حڪمران پنهنجي اقتدار جي نشي ۾ چڪنا چور ٿي موج مستين ۾ انڌا ٿي چڪا آهن ڄڻ ته ڪجهه ٿيو ئي ناهي.

 

ڇا انسانيت اڃان ڪنهن ٻئي وڏي سانحي جي انتظار ۾ آهي ؟؟؟  ڇا انسانيت جي حقن جا دعويدار ۽ اسلام جا نام نهاد ٺيڪيدار اڃان ڪنهن ٻئي گهڙيءَ جا منتظر آهن؟؟؟ مستقبل بابت ٻئي ته ڪا خبر ڪانهي ليڪن ايتري پڪ اٿم ته جيڪڏهن تاريخ هڪ دفعو ٻيهر پاڻ ورجايو يا جيڪڏهن سندس ورق  ٻيهر اٿليا ته پوءِ  ان جي خوني چنبن جو شڪار فقط اسلام ۽ مسلمان نه هوندا بلڪه پوري دنيا ۽ پوري انسانيت هوندي...

2009-12-04-06-42-29مولا علي عليه السلام ھي وصيتون 19کان21 رمضان واري راتين جي درميان زخمي حالت ۾ پنھنجي اولاد ۽ تمام شيعن لاءِ ڪيون . جيڪي ھن ريت آھن :1_ پرھيزگار بڻجو: اتقوا الله ، خدا کان ڊڄو. علي عليه السلام جي پھرين وصيت اسان شيعن لاءِ ھي آھي ته تقوا اختيار ڪيو ۽...
133500
yaaliسندنشخصيتجومختصرتعارف نالو عليعليهالسلام ڪنيتابوالحسن،ابوالسبطين،ابوالائمه ،ابو تراب مشهور لقبمرتضيٰ،اميرالمومنين،يعسوب الدين،ولي الله وغيره والد جو نالوعمران يعنيابوطالب بن عبدالمطلب والده جو نالوحضرت بيبيفاطمه بنت اسد بن هاشم بن عبد مناف. ولادت...
223720
imam-e-insanyat”رهبر معظم حضرت آيت الله العظمى سيد علي حسيني خامنه اي جي تقرير مان اقتباس“ 21 رمضان المبارڪ سن 40 ه ق ڪوفه جي مسجد ۾ پنهنجي حڪومت ۾سختئَ سان عدل ۽ انصاف کي قائم ڪرڻ جي ڪري شهيد ڪيل اسان جي مظلوم آقا اميرالمؤمنين(عليه السلام) جيشخصيت کي حقيقي معنيٰ ۾...
143350
mazloomit-ali الله جي ولي،پيغمبر اڪرم ص جي وصي۽ ڪائنات جي امير مولا،حضرت علي عليه السلام جي عظمت تي دنيااڄ به حيران آهي جو چوڏنهن سئو سال گذرڻ باوجود سندن فضليتن جي عميق سمنڊ جو ڪنارو نظر نه ٿو اچي ۽ ان ۾ موجود فضيلتن۽ڪرامتن جا املهه موتي ختم ٿيڻ بجاءِ جيئن پوءِ...
80780
mazloomit-ali33_فدڪ۽ سندن شهادت جو رد ٿيڻ حضرت زهرا سلام الله عليها کان فدڪ کسڻ واري واقعي ۾ ائين ته اهلبيت ع جي مظلوميت جا ڪيترائي پهلوءَ موجود آهن،ليڪن حضرت علي عليه السلام جي لاءِ سڀ کان اهم پهلو سندن شهادت جو قبول نه ٿيڻ آهي. ان ڳالهه کي سمجهڻ لاءِ اوهان کي...
65290
مولا-علي-ع-جون-ڪميل-سان-دل-جون-ڳالهيونقَالَ ڪمَيْلُ بْنُ زِيَادٍ اخَذَ بِيَدِي امِيرُ الْمُؤْمِنِينَ عَلِيُّ بْنُ ابِي طَالِبٍ [عليه السلام] فَاخْرَجَنِي اِلَى الْجَبَّانِ فَلَمَّا اصْحَرَ تَنَفَّسَ الصُّعَدَاءَ ثُمَّ قَالَ : ڪميل بن زياد چوي ٿو هڪ دفعو اميرالمومنين علي عليه السلام منهنجو...
56170
انسانيت-لاءِ-مولا-علي-ع-جي-نصيحتهي اها نصيحت آهي جنهن بابت نهج البلاغه جي مصنف علامه سيد رضي  قدس سره جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن هن پوري ڪتاب ۾ هن نصيحت کانسواءِ ٻيو ڪجهه نه هجي ها تڏهن به هيءَ نصيحت انسانيت جي هدايت لاءِ ڪافي هجي ها.   وَ قَالَ [عليه السلام] لِرَجُلٍ سَالَهُ انْ...
58800