Get Adobe Flash player

تقريبا سئو سال اڳ،عربستان جي سرزمين تي رسول الله صلى الله عليه وآله وسلم سان تعلق رکندڙ مڙني هستين۽ پاڪ امامن جي پاڪ مزارن ۽ روضن کي مسمار ڪيو ويو،ته ان وقت دنيا جا مسلمان خاموش تماشائي بڻيل رهيا ۽ ان تباهيءَ کي ائين ڏسندا رهيا ڄڻ ته اهو سڀ ظلم ڪنهن ٻئي دنيا ۾ ٿي رهيو هئو.

 ٻه سئو سال اڳ سامراجي طاقتن جي سازش سان وجود ۾ ايندڙ هڪ فرقي پنهنجي خالص فرقه وارانه عقيدي جي بنياد تي اسلام جي جڙن کي باهه لڳائي ۽ مسلمانن جي ناحق خون سان اها عمارت جوڙائي جنهن جي بند درين مان اڄ به مسلمانن مٿان خوني حملا پيا ٿين . انهن ماڻهن پنهنجي هٿن سان ليڪو پائي ٻين سڀني مسلمانن کي ٻاهر ڪڍي اهونعرو بلند ڪيو ته ”اسان کانسواءِ سڀ ڪافر“ ۽ پوءِ ان بنياد تي مسلمانن جي قتل عام جو اهو سلسلو شروع ڪيو ويو جنهن جي خاتمو اڄ ٻه سئو سال گذري وڃڻ کانپوءِ به ممڪن بڻجي نه سگهيو آهي.

   اهڙي سوچ جي پيدا ٿيڻ سان جتي عالم اسلام ۾ وڏي پيماني تي ڏک ۽ افسوس جي لهر پيدا ٿي اتي ان کان سوين برابر وڌيڪ خوشي جي لهر اسلام دشمن سامراجي قوتن جي صفن ۾ پيدا ٿي ته هاڻي اسلام ۽ مسلمانن جي تباهيءَ لاءِ اسان کي ڪجهه ڪرڻ جي ضرورت ناهي رهي، ڇاڪاڻ ته اسان کي مسلمانن جي اندران اهڙا حمايتي ملي چڪا آهن جيڪي مسلمانن جي ويس ۾ کين اهڙو ڪاپاري ڌڪ هڻن پيا جنهن جو تاريخ ۾ مثال ملڻ مشڪل آهي.

هن فرقي پنهنجي وجود ۾ اچڻ کان سئو سال پوءِ  ويهن صديءَ جي شروعاتي سالن ۾ عربستان جي سرزمين تي پنهنجو زهر ڦهلائڻ شروع ڪيو ۽ اسلام جي مڙني نشانين ۽ رسول الله صلى الله عليه وآله وسلم ۽ سندن خاندان سان وابسته سڀني آثارن کي ملياميٽ ڪرڻ شروع ڪيو ته جيئن دنيا ۾ انهن جو ڪو نالو نشان باقي نه رهي جن ڪنهن به نموني اسلام جو نالو روشن ڪيو آهي. جنهن جو عروج تڏهن ڏسڻ ۾ آيو جڏهن جنت البقيع ۽  جنت المعلى ۾  حضرت سيدة نساءِ العالمين سائڻ زهرا سلام الله عليها ۽ اسان جي چئن امام پاڪن سميت سوين صحابين ۽ امهات المومنين رضوان الله تعالى عليهم اجمعين جي مزارن مٿان بلڊوزر گهمائي کين مسمار ڪيو ويو ۽ سندن روضن کي  ڊاهي پٽ  ڪيو ويو. جيڪڏهن دنيا جا مسلمان ان مرحلي تي احتجاج نه ڪنها ته اهو ساڳيو ڪم  پاڪ رسول الله صلى الله عليه وآله  جي روضي سان به انجام ڏنو وڃي ها.

افسوس فقط ان ڳالهه جو ناهي ته انهن پاڪ هستين جي مزارن کي مسمار ڪيو ويو ۽ سندن روضن کي  ڊاهي پٽ  ڪيو ويو. بلڪه حيرت  ان وقت موجود مسلمانن ۽ اسلام جي همدردن جي خاموش تماشائي بڻجي نظاري ڪرڻ واري ڪردار مٿان به آهي. جيڪڏهن ان وقت جا مسمان خاص ڪري حڪمران ۽ واڳ ڌڻي پاڻ کي زحمت ڏين ها ۽ ان ڪڌي قدم اڳيان ديوار بڻجن ها ته جيڪو ڪجهه اڄ اسان ايڪهين صديءَ جي شروعاتي سالن ۾ ڏسي رهيا آهيون هرگز نه ڏسون ها.

شايد سئو سالن کان پوءِ تاريخ پاڻ ورجائي رهي آهي ...  ۽ تاريخ جا پراڻا ورق دنيا جي هوائن تي هڪ دفعو وري اٿلي پيا آهن يا وري سامراجي طاقتن پنهنجي طاقت جي زور سان کين ٻيهر اٿلايو آهي .

اڄ افغانستان جي تباهي ۽ اتان جي مسلمانن جي برباديءَ کانپوءِ ، عراق کان شام ۽ شام کان فلسطين جي سرزمين تائين،سعودي ۽ يهودي ڳٺ جوڙ واضح نموني سامهون اچي چڪو آهي . جنهن سبب جتي لکين مسلمان شهيد ٿي چڪا آهن، اتي انهن ملڪن ۾ موجود  اسلام ۽ مسلمانن جي مقدس مقامن، نبين ۽ صحابين جي مقدس مزارن کي بم ڌماڪن ذريعي مسمار ڪيو پيو وڃي ۽  سندن پاڪ جنازن کي قبرن کان ٻاهر ڪڍيو پيو وڃي. عراق ۾ حضرت يونس ۽ شعيب سميت ٻين ڪيترن ئي نبين جي روضن کي  ڊاٿو ويو اتي شام ۾ نبي سائينءَ جا پيارن صحابين عمار ياسر، اويس قرني ۽ حجر بن عديءَ جي مزارن ۾ بم رکي ڊاٿو ويو، ايستائين جو حجر بن عديءَ جي قبر کوٽي سندن جنازو ڪڍي نامعلوم هنڌ منتقل ڪيو ويو. سامرا ۾ ۾ موجود پاڪ امامن حضرت امام علي نقي ۽ حسن عسڪري عليهما السلام جي روضن تي بم حملا ڪري کين شهيد ڪيو ويو.

ليڪن بس ان تي به ناهي ڇاڪاڻ ته اهي اسلام دشمن سرعام اعلان ڪري رهيا آهن ته سندن اڳيون هدف فقط ڪربلا ۾ امام حسين ۽ عباس علمدار عليهما السلام ۽ نجف ۾  اميرالمومنين علي عليه السلام جي مزار ناهي بلڪه ان هدف ۾ الله پاڪ جو مقدس گهر يعني ڪعبة الله الشريف آهي. ۽ فخر سان اعلان ڪن ٿا ته اسان مڪي تي حملو ڪري ڪعبي کي مسمار ڪنداسين.

الله ۽ اسلام جي نالي تي وڙهي ويندڙ ان ويڙهه ۾ نه بيگناهه ماڻهن کي بخشيو پيو وڃي نه ئي وري عورتن ۽ معصوم ٻارن تي ڪا رحم جي نظر ڪئي  پئي وڃي. حد ته اها آهي جو عورت جي مقدس ذات کي اسلام جي نالي تي پنهنجي عياشين جو شڪار بڻائي فخر سان ان تي جهاد جو نالو به ڏنو پيو وڃي .

جڏهن ته ٻئي پاسي طاقت جي نشي۾ چور يهودي فلسطين جي سرزمين تي بي گناهن مٿان بم وسائي رهيا آهن جن جو شڪار ٿيندي سوين مسلمان شهيد،هزارين مسلمان زخمي جڏهن لکين انسان بي گهر ٿي چڪا آهن ليڪن انساني حقن جي نام نهاد عملدارن پنهنجي اکين تي پٽيون ٻڌي ڇڏيون آهن

  اڄ وري به انسانيت خاموش آهي،مسلمانيت غفلت جي اگهور ننڊ ۾ستل آهي ۽ اسان جا نام نهاد حڪمران پنهنجي اقتدار جي نشي ۾ چڪنا چور ٿي موج مستين ۾ انڌا ٿي چڪا آهن ڄڻ ته ڪجهه ٿيو ئي ناهي.

 

ڇا انسانيت اڃان ڪنهن ٻئي وڏي سانحي جي انتظار ۾ آهي ؟؟؟  ڇا انسانيت جي حقن جا دعويدار ۽ اسلام جا نام نهاد ٺيڪيدار اڃان ڪنهن ٻئي گهڙيءَ جا منتظر آهن؟؟؟ مستقبل بابت ٻئي ته ڪا خبر ڪانهي ليڪن ايتري پڪ اٿم ته جيڪڏهن تاريخ هڪ دفعو ٻيهر پاڻ ورجايو يا جيڪڏهن سندس ورق  ٻيهر اٿليا ته پوءِ  ان جي خوني چنبن جو شڪار فقط اسلام ۽ مسلمان نه هوندا بلڪه پوري دنيا ۽ پوري انسانيت هوندي...