Get Adobe Flash player

هي اها نصيحت آهي جنهن بابت نهج البلاغه جي مصنف علامه سيد رضي  قدس سره جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن هن پوري ڪتاب ۾ هن نصيحت کانسواءِ ٻيو ڪجهه نه هجي ها تڏهن به هيءَ نصيحت انسانيت جي هدايت لاءِ ڪافي هجي ها.

وَ قَالَ [عليه السلام] لِرَجُلٍ سَالَهُ انْ يَعِظَهُ : لَا تَڪنْ مِمَّنْ يَرْجُو الْاخِرَةَ بِغَيْرِ عَمَلٍ وَ يُرَجِّي التَّوْبَةَ بِطُولِ الْامَلِ يَقُولُ فِي الدُّنْيَا بِقَوْلِ الزَّاهِدِينَ وَ يَعْمَلُ فِيهَا بِعَمَلِ الرَّاغِبِينَ انْ اعْطِيَ مِنْهَا لَمْ يَشْبَعْ وَ انْ مُنِعَ مِنْهَا لَمْ يَقْنَعْ يَعْجِزُ عَنْ شُڪرِ مَا اوتِيَ وَ يَبْتَغِي الزِّيَادَةَ فِيمَا بَقِيَ

هڪ ّشخص امام کان نصيحت ڪرڻ جي گهر ڪئي ته پاڻ فرمايائون: ان شخص وانگر نه ٿيءُ جيڪو بغير عمل جي (سٺي)اخرت جو اميدوار اهي ۽ اميدون وڌائي توبه ۾ دير ڪري ٿو. دنيا ۾ زاهدن وانگر ڳالهائي ٿو، ليڪن ان ۾ دنيا پرستن وانگر عمل ڪري ٿو. جيڪڏهن دنيا کيس ملي ته ڍائجي نه ٿو پر جي نه ملي ته قانع ناهي. جيڪو ڪجهه مليو اٿس ان جي شڪر کان عاجز ۽ جيڪو ڪجهه بچيو اٿس،ان ۾ اضافي طالب اهي.

يَنْهَي وَ لَا يَنْتَهِي وَ يَامُرُ بِمَا لَا يَاتِى  يُحِبُّ الصَّالِحِينَ وَ لَا يَعْمَلُ عَمَلَهُمْ وَ يُبْغِضُ الْمُذْنِبِينَ وَ هُوَ احَدُهُمْ يَڪرَهُ الْمَوْتَ لِڪثْرَةِ ذُنُوبِهِ وَ يُقِيمُ عَلَى مَا يَڪرَهُ الْمَوْتَ مِنْ اجْلِهِ ، انْ سَقِمَ ظَلَّ نَادِما وَ انْ صَحَّ امِنَ لَاهِيا يُعْجَبُ بِنَفْسِهِ اذَا عُوفِيَ وَ يَقْنَطُ اذَا ابْتُلِيَ

ٻين کي روڪي ٿو ليڪن پاڻ نه ٿو رڪجي،جيڪو پاڻ نه ٿو ڪري ان جو بين کي حڪم ڏئي ٿو. صالحن کي پسند ڪري ٿو ليڪن انهن وانگر عمل نه ٿو ڪري، گناهگارن سان نفرت ڪري ٿو ليڪن پاڻ به انهن مان هڪ اهي،پنهنجي گناهن جي گهڻائي سبب موت کي پسند نه ٿو ڪري، ليڪن انهن گناهن تي قائم اهي جن جي ڪري موت ناپسند اٿس. جيڪڏهن بيمار ٿئي ته پشيمان ٿئي ٿو (پر) جڏهن تندرست ٿئي ٿو ته اطمينان سان عياشي ڪري ٿو . جڏهن (بيماريءَ کان) ڇوٽڪارو پائي ٿو ته خود پسند بڻجي ٿو (پر جي) مبتلا ٿئي ته مايوس ٿي وڃي ٿو.

انْ اصَابَهُ بَلَاءٌ دَعَا مُضْطَرّا وَ انْ نَالَهُ رَخَاءٌ اعْرَضَ مُغْتَرّا تَغْلِبُهُ نَفْسُهُ عَلَى مَا يَظُنُّ وَ لَا يَغْلِبُهَا عَلَى مَا يَسْتَيْقِنُ يَخَافُ عَلَى غَيْرِهِ بِادْنَى مِنْ ذَنْبِهِ وَ يَرْجُو لِنَفْسِهِ بِاڪثَرَ مِنْ عَمَلِهِ

جيڪڏهن مصيبت اچيس ٿي ته لاچار ٿي دعا گهري ٿو پر جڏهن سک ڏسي ٿو ته مغرور ٿي (خدا کان) منهن موڙي ٿو. وهمي ڳالهين تي سندس نفس مٿس غالب اهي ليڪن هو  يقيني ڳالهين تي به مٿس غالب ناهي. ٻين لاءِ سندن ننڍڙي گناهه تي به خطرو محسوس ڪري ٿو ۽ پاڻ لاءِ عمل کان وڌيڪ(اجر) جو اميدوار اهي.

انِ اسْتَغْنَى بَطِرَ وَ فُتِنَ وَ انِ افْتَقَرَ قَنِطَ وَ وَهَنَ يُقَصِّرُ اذَا عَمِلَ وَ يُبَالِغُ اذَا سَالَ انْ عَرَضَتْ لَهُ شَهْوَةٌ اسْلَفَ الْمَعْصِيَةَ وَ سَوَّفَ التَّوْبَةَ وَ انْ عَرَتْهُ مِحْنَةٌ انْفَرَجَ عَنْ شَرَائِطِ الْمِلَّةِ

جيڪڏهن ثروت مند ٿئي ته نافرمان۽ فسادي بڻجي ٿو پر فقير بڻجي ته مايوس ۽ سست ٿي وڃي ٿو. جيڪڏهن عمل ڪري ته ڪاهلي ڏيکاري ٿو  پر جڏهن سوال ڪري ٿو  ته اصرار ڪري ٿو. جڏهن(به) شهوت غلبو  مٿس ڪري ته نافرمانيءَ ۾ تڪڙ ۽ توبه ۾ دير ڪري ٿو۽ جيڪڏهن کيس رنج پهچي ته دين (اسلام) جي راهه کان پري ٿي وڃي ٿو.

يَصِفُ الْعِبْرَةَ وَ لَا يَعْتَبِرُ وَ يُبَالِغُ فِي الْمَوْعِظَةِ وَ لَا يَتَّعِظُ فَهُوَ بِالْقَوْلِ مُدِلٌّ وَ مِنَ الْعَمَلِ مُقِلٌّ يُنَافِسُ فِيمَا يَفْنَي وَ يُسَامِحُ فِيمَا يَبْقَي يَرَى الْغُنْمَ مَغْرَما وَ الْغُرْمَ مَغْنَما

عبرت کي بيان ڪري ٿو ليڪن پاڻ عبرت نه ٿو وٺي، نصيحت ڪرڻ ۾ وڌاءُ ڪري ٿو ليڪن پاڻ نصيحت حاصل نه ٿو ڪري.  گفتار ۾ اڳتي وڌيل ليڪن عمل ۾ کٽل اهي. فنا ٿيڻ واري (دنيا) لاءِ مقابلو ٿو ڪري. ليڪن باقي رهڻ واري (اخرت) لاءِ سستي ڪري ٿو. نفعي کي نقصان ۽ خساري کي فائدو سمجهي ٿو.

يَخْشَى الْمَوْتَ وَ لَا يُبَادِرُ الْفَوْتَ يَسْتَعْظِمُ مِنْ مَعْصِيَةِ غَيْرِهِ مَا يَسْتَقِلُّ اڪثَرَ مِنْهُ مِنْ نَفْسِهِ وَ يَسْتَڪثِرُ مِنْ طَاعَتِهِ مَا يَحْقِرُهُ مِنْ طَاعَةِ غَيْرِهِ فَهُوَ عَلَى النَّاسِ طَاعِنٌ وَ لِنَفْسِهِ مُدَاهِنٌ ،اللَّهْوُ مَعَ الْاغْنِيَاءِ احَبُّ الَيْهِ مِنَ الذِّڪرِ مَعَ الْفُقَرَاءِ

موت کان ڊڄي ٿو ليڪن فرصت کي هٿان وڃائي ٿو. ٻين جي انهن گناهن کي وڏو ٿو سمجهي جن کان وڌيڪ وڏن گناهن کي پنهنجي لاءِ ننڍو سمجهي. پنهنجي ان اطاعت کي گهڻو سمهجي ٿو جنهن کي ٻين لاءِ گهٽ سمجهيو هئائين،ٻين ماڻهن تي اعتراض ڪندڙ ۽ پنهنجي نفس جي بيجا تعريف ڪندڙ اهي. اميرن سان عياشي کي فقير سان گڏ ذڪر (عبادت) کان وڌيڪ پسند ڪري ٿو

يَحْڪمُ عَلَى غَيْرِهِ لِنَفْسِهِ وَ لَا يَحْڪمُ عَلَيْهَا لِغَيْرِهِ ، يُرْشِدُ غَيْرَهُ وَ يُغْوِي نَفْسَهُ فَهُوَ يُطَاعُ وَ يَعْصِى وَ يَسْتَوْفِي وَ لَا يُوفِي وَ يَخْشَى الْخَلْقَ فِي غَيْرِ رَبِّهِ وَ لَا يَخْشَى رَبَّهُ فِي خَلْقِهِ

 

پنهنجي فائدي ۾ ٻين مٿان حڪم لڳائي ٿو ليڪن ٻين جي فائدي ۾ پنهنجي مٿان حڪم نه ٿو لڳائي . ٻين کي هدايت ليڪن پاڻ کي گمراهه ڪري ٿو ،ٻيا (سندس) فرمانبرداري ڪن ٿا ليڪن پاڻ نافرماني ڪري ٿو ، پنهنجو حق پورو وٺي ٿو ليڪن (ٻين جو) حق پوري طرح ادا نه ٿو ڪري.غير خدا لاءِ مخلوق کان ڊڄي ٿو  ليڪن مخلوق لاءِ خدا کان نه ٿو ڊڄي.