Get Adobe Flash player

قَالَ ڪمَيْلُ بْنُ زِيَادٍ اخَذَ بِيَدِي امِيرُ الْمُؤْمِنِينَ عَلِيُّ بْنُ ابِي طَالِبٍ [عليه السلام] فَاخْرَجَنِي اِلَى الْجَبَّانِ فَلَمَّا اصْحَرَ تَنَفَّسَ الصُّعَدَاءَ ثُمَّ قَالَ :

ڪميل بن زياد چوي ٿو هڪ دفعو اميرالمومنين علي عليه السلام منهنجو هٿ وٺي مون کي صحرا ۾ وٺي آيا پوءِ هڪ ٿڌو ساهه کڻي فرمايائون:

 

بهترين دل ڪهڙي آهي؟

يَا ڪمَيْلَ بْنَ زِيَادٍ اِنَّ هَذِهِ الْقُلُوبَ اوْعِيَةٌ فَخَيْرُهَا اوْعَاهَا فَاحْفَظْ عَنِّي مَا اقُولُ لَڪ

اي ڪميل بن زياد! هيءُ دليون ٿانوَ (وانگر) آهن تن مان سڀني کان وڌيڪ ڀلي (دل) اها آهي جنهن جو ظرف (وسعت) وڏو آهي،جيڪو ڪجهه آءُ توکي چوان ٿو انَ کي ياد رک!

ماڻهن جا قسم

 النَّاسُ ثَلَاثَةٌ فَعَالِمٌ رَبَّانِيٌّ وَ مُتَعَلِّمٌ عَلَى سَبِيلِ نَجَاةٍ وَ هَمَجٌ رَعَاعٌ اتْبَاعُ ڪلِّ نَاعِقٍ يَمِيلُونَ مَعَ ڪلِّ رِيحٍ لَمْ يَسْتَضِيئُوا بِنُورِ الْعِلْمِ وَ لَمْ يَلْجَئُوا اِلَى رُڪنٍ وَثِيقٍ

ماڻهو ٽن قسم جا آهن، خدائي عالمُ،ڇوٽڪاري جي راهه تي طالب علمُ ۽ هيڻا مڇرَ جيڪي  هر آواز جي پويان هلي پون ٿا ۽ هوا جي هر رخ تي ڦري وڃن ٿا. اهي نه علم جي نور سان منور ٿي سگهيا،نه ئي وري  ڪو مضبوط سهارو ورتائون.

علم۽ ثروت ۾ فرق

يَا ڪمَيْلُ الْعِلْمُ خَيْرٌ مِنَ الْمَالِ الْعِلْمُ يَحْرُسُڪ وَ انْتَ تَحْرُسُ الْمَالَ وَ الْمَالُ تَنْقُصُهُ النَّفَقَةُ وَ الْعِلْمُ يَزْڪوا عَلَى الْاِنْفَاقِ وَ صَنِيعُ الْمَالِ يَزُولُ بِزَوَالِهِ

اي ڪميل! علم ثروت کان بهتر آهي، علم تنهنجي حفاظت ڪندو آهي ۽ تون ثروت جي حفاظت ڪرين ٿو،مال خرچڻ سان کُٽي ٿو ليڪن علم خرچڻ سان وڌي ٿو،جڏهن ته ثروت ختم ٿيڻ سان سندس اثر به ختم ٿي وڃي ٿو.

 يَا ڪمَيْلَ بْنَ زِيَادٍ مَعْرِفَةُ الْعِلْمِ دِينٌ يُدَانُ بِهِ، بِهِ يَڪسِبُ الْاِنْسَانُ الطَّاعَةَ فِي حَيَاتِهِ وَ جَمِيلَ الْاُحْدُوثَةِ بَعْدَ وَفَاتِهِ وَ الْعِلْمُ حَاڪمٌ وَ الْمَالُ مَحْڪومٌ عَلَيْهِ

اي ڪميل! علم جي سڃاڻ، اهو آئين آهي جنهن جي پيروي ڪئي وڃي ٿي. ان سان انسان زندگيءَ ۾ فرمانبرداي ۽ مرڻ کانپوءِ نيڪ نامي حاصل ڪري ٿو، علم حاڪم ۽ ثروت زير دست آهي.

يَا ڪمَيْلُ هَلَڪ خُزَّانُ الْامْوَالِ وَهُمْ احْيَاءٌ وَ الْعُلَمَاءُ بَاقُونَ مَا بَقِيَ الدَّهْرُ اعْيَانُهُمْ مَفْقُودَةٌ وَ امْثَالُهُمْ فِي الْقُلُوبِ مَوْجُودَةٌ

اي ڪميل! دولت گڏ ڪرڻ وارا، زنده هوندي به مرده آهن، جڏهن ته عالمَ، ڪائنات جي ختم ٿيڻ تائين باقي آهن،سندن جسم اکين کان اوجهل ليڪن سندن صورتون دلين ۾ باقي آهن.

علم جي طالبن جا قسم

 هَا اِنَّ هَاهُنَا لَعِلْماً جَمّاً وَ اشَارَ بِيَدِهِ اِلَى صَدْرِهِ لَوْ اصَبْتُ لَهُ حَمَلَةً

(پوءِ) پنهنجي سيني تي هٿ هڻي فرمايائون: هتي علم جي کاڻ آهي. ڪاش انهن کي وٺڻ وارو ملي وڃي!

 بَلَى اصَبْتُ لَقِناً غَيْرَ مَاْمُونٍ عَلَيْهِ مُسْتَعْمِلًا آلَةَ الدِّينِ لِلدُّنْيَا وَ مُسْتَظْهِراً بِنِعَمِ اللَّهِ عَلَى عِبَادِهِ وَ بِحُجَجِهِ عَلَى اوْلِيَائِهِ، اوْ مُنْقَاداً لِحَمَلَةِ الْحَقِّ لَا بَصِيرَةَ لَهُ فِى احْنَائِهِ يَنْقَدِحُ الشَّڪ فِي قَلْبِهِ لِاوَّلِ عَارِضٍ مِنْ شُبْهَةٍ  الَا لَا ذَا وَ لَا ذَاڪ

ها (ڪجهه ماڻهو) مليا (ليڪن) يا اهڙو ماڻهو جيڪو ذهين ته آهي ليڪن اطمينان جوڳو ناهي، جيڪو دين کي دنيا لاءِ وسيلو بڻائي ٿو،جيڪو الله جي نعمتن ذريعي سندن ٻانهن تي ۽ سندس حجتن ذريعي سندس دوستن مٿان برتري جتائي ٿو.

يا وري اهڙو جيڪو حق وارن جو فرمانبردار ته آهي ليڪن دل جي روشني نه اٿس،جو ننڍڙي گمان پيدا ٿيڻ سان (به) سندس دل ۾ شڪ ۽ وسوسا پيدا ٿين ٿا. نه هيءُ (علم حاصل ڪرڻ جي لائق آهي) نه هو.

اوْ مَنْهُوماً بِاللَّذَّةِ سَلِسَ الْقِيَادِ لِلشَّهْوَةِ اوْ مُغْرَماً بِالْجَمْعِ وَ الِادِّخَارِ لَيْسَا مِنْ رُعَاةِ الدِّينِ فِي شَيْ‏ءٍ، اقْرَبُ شَيْ‏ءٍ شَبَهاً بِهِمَا الْانْعَامُ السَّائِمَةُ ڪذَلِڪ يَمُوتُ الْعِلْمُ بِمَوْتِ حَامِلِيهِ

يا وري اهڙو ٿو ملي جيڪو لذتن ۾ ٻڏل ۽ نفساني خواهشن جي پويان هلڻ وارو آهي يا دولت گڏ ڪرڻ تي حريص آهي. اهي ٻئي شخص به دين جي ڪنهن حڪم جي پاسداري ڪرڻ وارا ناهن. گاهه چرندڙ جانور انهن سان ويجهي شباهت رکن ٿا. ائين ئي علم جا خزانا رکڻ وارن جي مرڻ سان علم مري وڃي ٿو.

خدائي رهبرن جون نشانيون

 اللَّهُمَّ بَلَى لَا تَخْلُو الْارْضُ مِنْ قَائِمٍ لِلَّهِ بِحُجَّةٍ اِمَّا ظَاهِراً مَشْهُوراً وَ اِمَّا خَائِفاً مَغْمُوراً لِئَلَّا تَبْطُلَ حُجَجُ اللَّهِ وَ بَيِّنَاتُهُ وَ ڪمْ ذَا وَ ايْنَ اُولَئِڪ؟

ها ! زمين، الله لاءِ سندس حجت کي قائم ڪندڙ کان خالي ناهي، جيڪو يا ظاهر ۽ مشهور هوندو آهي يا خوف رکندڙ لِڪَل هوندو آهي ته جيئن (متان) الله پاڪ جا دليلَ ۽ نشانيون مٽجي نه وڃن. اهڙا (ماڻهو) ڪيترا ۽ ڪٿي آهن؟

اُولَئِڪ وَ اللَّهِ الْاقَلُّونَ عَدَداً وَ الْاعْظَمُونَ عِنْدَ اللَّهِ قَدْراً يَحْفَظُ اللَّهُ بِهِمْ حُجَجَهُ وَ بَيِّنَاتِهِ حَتَّى يُودِعُوهَا نُظَرَاءَهُمْ وَ يَزْرَعُوهَا فِي قُلُوبِ اشْبَاهِهِمْ ، هَجَمَ بِهِمُ الْعِلْمُ عَلَى حَقِيقَةِ الْبَصِيرَةِ وَ بَاشَرُوا رُوحَ الْيَقِينِ وَ اسْتَلَانُوا مَا اسْتَوْعَرَهُ الْمُتْرَفُونَ وَ انِسُوا بِمَا اسْتَوْحَشَ مِنْهُ الْجَاهِلُونَ وَ صَحِبُوا الدُّنْيَا بِابْدَانٍ ارْوَاحُهَا مُعَلَّقَةٌ بِالْمَحَلِّ الْاعْلَى اُولَئِڪ خُلَفَاءُ اللَّهِ فِى ارْضِهِ وَ الدُّعَاةُ اِلَى دِينِهِ آهِ آهِ شَوْقاً اِلَى رُؤْيَتِهِمْ .

خدا جو قسم! اهي انگ ۾ ٿورا ليڪن خدا وٽ منزلت جي لحاظ کان وڏي شان وارا آهن. الله انهن وسيلي پنهنجي دليلن ۽ نشانين جي حفاظت ڪندو آهي ايستائين جو هيءُ انهن پاڻ جهڙن (لائق انسانن) جي حوالي ڪن ۽ سندن دلين ۾ انهن(نشانين ۽ دليلن) کي پوئي ڇڏين.کين حقيقي بصيرت ڀريو مليو۽ اهي يقين جي روح تي پهتا. اهڙن ماڻهن انهن شين کي آسان سمجهيو،جن کي عياشن ڏکيوڀائنيو،ان سان مانوس ٿيا جن کان جاهلن وحشت ڪئي. دنيا سان اهڙن جسمن ذريعي همراهي ڪيائون جن جا روح اعلى منزلن تائين پهتل هئا، اهي زمين تي الله جا جانشين،۽ سندس دين طرف دعوت ڏيندڙ آهن. آهه! (آءُ علي عليه السلام) سندن ديدار جو مشتاق آهيان.

انْصَرِفْ يَا ڪمَيْلُ اِذَا شِئْت .

 

اي ڪميل جي چاهين ته هليو وڃ!