Get Adobe Flash player

اسان کي چڱي طرح خبر آهي ته اسلام هڪ اجتماعي، معاشرتي ۽ سماجي دين آهي، ۽ ان جا پيروڪار فقط خدا پاڪ جي رضا جي خاطر هڪ ٻئي سان تعلقات ۽ رابطا رکن ٿا. اسلام اسان جي لاءِ سماج ۽ معاشري ۾ زندگي گذارڻ جا اصول ۽ ڍنگ پڻ بهترين طريقي سان بيان ڪيا آهن ته جيئن انهن کي ڄاڻڻ کان پوءِ انهن تي عمل ڪري اسان پنهنجي پالڻهار کي خوش ڪري سگھون ۽ ان جي نتيجي ۾ دنيا ۽ آخرت جي سعادت ماڻي سگھون.

جيڪڏهن اسان ٻين جا حق ۽ فرض ادا ڪرڻ چاهيون ته سڀ کان پهريان انهن حقن جو ڄاڻڻ ضروري آهي جيڪي اسان مٿان فرض آهن. ايندڙ سبقن ۾ اسان مؤمنن جا هڪٻئي مٿان فرض حقن کي بيان ڪنداسين. جڏهن ته هن درس ۾اسان اولاد جي مٿان والدين جي حقن کي بيان ڪنداسين.

1. والدين سان سهڻو سلوڪ

اسلام ۾ اولاد جي مٿان والدين جي حق کي سڀني حقن کان اهم قرار ڏنو ويو آهي، اهو ئي سبب آهي جو خدا پاڪ، ماءُ ۽ پيءُ سان سهڻو سلوڪ ۽ پنهنجي بندگيءَ جو حڪم گڏ بيان ڪيو آهي. جهڙي نموني خدا پاڪ جو قرآن مجيد ۾ ارشاد آهي ته: >وَقَضَى رَبُّڪَ اَلاَّ تَعْبُدُواْ اِلاَّ اِيَّاهُ وَبِالْوَالِدَيْنِ اِحْسَانًا اِمَّا يَبْلُغَنَّ عِندَڪَ الْڪِبَرَ اَحَدُهُمَا اَوْ ڪِلاَهُمَا فَلاَ تَقُل لَّهُمَآ اُفٍّ وَلاَ تَنْهَرْهُمَا وَقُل لَّهُمَا قَوْلاً ڪَرِيمًا وَاخْفِضْ لَهُمَا جَنَاحَ الذُّلِّ مِنَ الرَّحْمَةِ وَقُل رَّبِّ ارْحَمْهُمَا ڪَمَا رَبَّيَانِي صَغِيرًا< [1] ۽ تنھنجي پالڻھار حُڪم ڪيو آھي ته ان کان سواءِ ٻئي ڪنھن جي عبادت نه ڪريو ۽ ماءُ پيءُ سان نيڪي ڪريو، جيڪڏھن ٻنھي منجهان ڪو ھڪڙو تنھنجي آڏو ٻُڍائيءَ کي پھچي يا ٻَئي ته تون اُف (به) نه چئجانءِ ۽ نڪي کين جھڻڪجانءِ ۽ ساڻن ادب سان ڳالھائجانءِ. ۽ انھن لاءِ عاجزيءَ جون ٻانھون ٻاجھ مان ھيٺاھيون ڪجان ۽ چئجانءِ ته: اي منھنجا پالڻھار! اُنھن تي (اھڙي طرح) ٻاجھ ڪر جھڙي طرح مون کي ننڍپڻ ۾ پاليائون ٿي.

هنن آيتن ۾ الله سائينءَ جنهن جاءِ تي ٻانهن کي پنهنجي عبادت ۽ بندگيءَ جو حڪم ڏنو آهي انهيءَ جاءِ تي انهن کي پنهنجي والدين سان نيڪ برتاءُ ۽ سهڻي سلوڪ جو حڪم پڻ ڏنو آهي. حضرت امام جعفر صادق (ع) جن هن آيت: >... وَبِالْوَالِدَيْنِ اِحْسَانًا< ۾ احسان جي معنى جي وضاحت ڪندي فرمائن ٿا: mالاحسان ان تحسن صحبتهما و ان لا تڪلّفهما ان يسالاڪ شيئاً ممّا يحتاجان اليه و ان ڪانا مستغنينn. هنن (والدين) سان سهڻو سلوڪ (احسان) جو مطلب هيءُ آهي ته سهڻي نموني سان والدين سان گڏ رهو ۽ جيڪڏهن کين ڪنهن شيءِ جي گھرج هجي ته سندن سوال ڪرڻ ۽ گھرڻ کان اڳ ئي انهن جي خدمت ۾ حاضر ڪريو جيتوڻيڪ  کين پاڻ ان کي مهيا ڪرڻ جي طاقت ئي ڇو نه  رکندا هجن.

پاڻ سڳورن3 کان ڪنهن شخص هيءُ سوال ڪيو ته اولاد جي مٿان والدين جو ڇا حق آهي؟ ته پاڻ ڪريم3 جن فرمايو: mهُما جَنّتُکَ وَ نارُکَn.[2] هو تنهنجي جنّت ۽ جهنم آهن. يعني: قيامت واري ڏهاڙي والدين جي ذريعي سان ئي انسان جنّت يا جهنم ۾ ويندو. جهڙي نموني انهيءَ شيءِ ڏانهن هن حديث پاڪ ۾ اشارو ڪيو ويو آهي: mاَلجنّةُ تَحتَ اَقدامِ الاُمّهَاتِn.[3] جنت مائرن جي قدمن جي هيٺيان آهي. جيتوڻيڪ اولاد جي مٿان ماءُ ۽ پيءُ جي حقن جي باري ۾ تمام گھڻيون حديثون موجود آهن ليڪن ان جي باوجود ماءُ جي حقن ۽ مرتبي جي باري ۾ تمام گھڻي تاڪيد ڪئي ويئي آهي. جهڙي طرح امام سجاد (ع) انهيءَ باري ۾ فرمائن ٿا: mفَاَوجبها عليڪ حقّ اُمّڪ ثَمَّ حقّ ابيڪ ثُمَّ حقّ ولدڪ ثمّ... n. ان کان پوءِ خدا پاڪ اوهان جي مٿان اوهان جي ماءُ جو حق واجب قرار ڏنو آهي، ماءُ جي حق کان پوءِ اوهان جي پيءُ جو حق آهي ان کان پوءِ اوهان جي اولاد جا حق آهن.

آخر ۾ امامD جن ماءُ جي حقن جي وضاحت هنن لفظن سان ڪئي آهي: mفَحَقُّ اُمِّڪ انْ تَعْلَمَ انَّهَا حَمَلَتْڪ حَيْثُ لَا يَحْمِلُ احَدٌ احَداً وَ اطْعَمَتْڪ مِنْ ثَمَرَةِ قَلْبِهَا مَا لَا يُطْعِمُ احَدٌ احَداً وَ انَّهَا وَقَتْڪ بِسَمْعِهَا وَ بَصَرِهَا وَ يَدِهَا وَ رِجْلِهَا وَ شَعْرِهَا وَ بَشَرِهَا وَ جَمِيعِ جَوَارِحِهَا مُسْتَبْشِرَةً بِذَلِڪ فَرِحَةً موبلة [مُؤَمِّلَةً] مُحْتَمِلَةً لِمَا فِيهِ مَڪرُوهُهَا وَ ألمه و ثقله و غمه [الَمُهَا وَ ثِقْلُهَا وَ غَمُّهَا] حَتَّى دَفَعَتْهَا عَنْڪ يَدُ الْقُدْرَةِ وَ اخْرَجَتْڪ اِلَى الْارْضِ فَرَضِيَتْ انْ تَشْبَعَ وَ تَجُوعَ هِيَ وَ تَڪسُوَڪ وَ تَعْرَى وَ تُرْوِيَڪ وَ تَظْمَا وَ تُظِلَّڪ وَ تَضْحَى وَ تُنَعِّمَڪ بِبُؤْسِهَا وَ تُلَذِّذَڪ بِالنَّوْمِ بِارَقِهَا وَ ڪانَ بَطْنُهَا لَڪ وِعَاءً وَ حِجْرُهَا لَڪ حِوَاءً وَ ثَدْيُهَا لَڪ سِقَاءً وَ نَفْسُهَا لَڪ وِقَاءً تُبَاشِرُ حَرَّ الدُّنْيَا وَ بَرْدَهَا لَڪ وَ دُونَڪ فَتَشْڪرُهَا عَلَى قَدْرِ ذَلِڪ وَ لَا تَقْدِرُ عَلَيْهِ اِلَّا بِعَوْنِ اللَّهِ وَ تَوْفِيقِهn.[4]

ماءُ جو حق هيءُ آهي ته تون اهو ياد رک ته تنهنجي بار کي تنهنجي ماءُ پنهنجي پيٽ ۾ هيترن ڏينهن تائين کنيو آهي جنهن کي ٻيو ڪو به ان جاءِ تي رکي ڪري نه ٿو کڻي سگھي، هن توکي پنهنجي دل جو رت ڏنو آهي ۽ اهڙي خوراڪ ڏنائين جو دنيا ۾ ڪوئي به اهڙي غذا نه ٿو ڏئي سگھي، هن (ماءُ) پنهنجي ڪن، اک، هٿ، پير، وار ۽ کل بلڪه پنهنجي پوري وجود جي سموري سگھ سميت کلندي ۽ مسڪرائيندي پنهنجي سڀني ناگوارين ۽ مشڪلاتن جي هر بار کي آساني سان کنيو... ايستائين جو خدا پاڪ توکي ان جي وجود مان ڌار ڪيو ۽ تنهنجا پير زمين تي پهچي ويا (يعني:  تنهنجي پيدائش ٿي) پوءِ به اها خوش ۽ راضي رهي، جيتوڻيڪ پاڻ بکي رهي مگر توکي هڪ لحظي جي لاءِ به بکارو نه رکيو، جيتوڻيڪ سندس پاڻ کي ڇڏي توکي لباس پهرايائين، چاهي پاڻ پياسي رهي هجي مگر توکي ڪڏهن به اڃارو نه رکيائين، پاڻ نٽهڻ اس کي به سَٺائين مگر توکي پنهنجي سائي ۾ رکيائين، پاڻ پنهنجي سر تي تڪليفون ۽ مصيبتون سٺائين پر توکي ڪڏهن به ڏکيو نه رکيائين، پاڻ  راتين جو راتيون جاڳي توکي سندس سهڻي گود ۾ لوري ڏئي سڪون سان سمهاريائين، هُن (تنهنجي ماءُ) جو پيٽ تنهنجي خلقت جو ظرف ۽ هن جي جھولي تنهنجو پينگھو ۽ هن جو سينو توکي سيراب ڪندڙ چشمو ۽ هن جو پورو وجود تنهنجو محافظ ۽ نگهبان هو، هن دنيا جي هر سردي ۽ گرميءَ کي تنهنجي خاطر پنهنجي سر تي سَٺو آهي، تنهن ڪري (اي فرزند!) تون ان مقدار ۾ ان جو شڪريو ادا ڪر ۽ اهو تنهنجي لاءِ خداوند متعال جي توفيق ۽ مدد کان سواءِ ممڪن نه آهي.

  امام زين العابدينD پيءُ جي حق جو فلسفو بيان ڪندي فرمايو: mوَ امَّا حَقُّ ابِيڪ فَتَعْلَمُ انَّهُ اصْلُڪ وَ انَّڪ فَرْعُهُ وَ انَّڪ لَوْلَاهُ لَمْ تَڪنْ فَمَهْمَا رَايْتَ فِي نَفْسِڪ مِمَّا يُعْجِبُڪ فَاعْلَمْ انَّ ابَاڪ اصْلُ النِّعْمَةِ عَلَيْڪ فِيهِ وَ احْمَدِ اللَّهَ وَ اشْڪرْهُ عَلَى قَدْرِ ذَلِڪn.[5] ۽ پنهنجي والد جي حق جي باري ۾ توکي ياد رهي ته هو تنهنجو اصل ۽ بنياد آهي ۽ تون سندس هڪ شاخ ۽ ٽاري آهين، جيڪڏهن هو نه هجي ها ته تنهنجو وجود ئي نه هجي ها، لهذا جيڪڏهن توکي پنهنجي اندر ڪا اهڙي نعمت نظر اچي جنهن جي ڪري توکي خوشي ٿئي ته توکي سمجھڻ گھرجي ته تنهنجو پيءُ ئي انهن نعمتن جي اصل بنياد آهي، تنهن ڪري خدا پاڪ جي ثنا ۽ ساراھ ڪر ۽ انهن نعمتن تي ان جو شڪريو ڪر.

حضرت امام زين العابدين (ع) جن ماءُ جي مهرباني ۽ شفقت جي جيڪا منظر ڪَشي ڪئي آهي ان مان ماءُ جي مَمتا مُجسّم ٿي ڪري بالڪل اسان جي نظرن جي سامهون اچي وڃي ٿي جيڪا خدا پاڪ جي رحمت جو هڪ نمونو آهي؛ ڇو جو ماءُ جي جھولي جنهن لطف، پيار، محبت ۽ مَمتا سان ڀرپور هوندي آهي ان جو اداراڪ ۽ سمجھ اسان جي لاءِ ممڪن ئي نه آهي.

 

2. بد اخلاقيءَ کان پاسو

ڪنهن به ناگوار ڳالھ تي انسان جو سڀ کان معمولي ۽ گھٽ ۾ گھٽ درجي وارو ردّ عمل اهو هوندو آهي ته سندس زبان منجھان mاُفn نڪري ويندو آهي ۽ اهو mافn هڪ اهڙو آواز آهي جيڪو ڪنهن معمولي افسوس ۽ پڇتاءُ جي مهل اچانڪ انسان جي زبان تي اچي ويندو آهي. خداوند متعال ماءُ ۽ پيءُ جي باري ۾ شڪوا جي ايتري معمولي اظهار کي درست نه ٿو سمجھي، انهيءَ ڪري الله سائينءَ مؤمنن کي والدين جي باري ۾ mاُفn چوڻ کان به روڪيو آهي. جيئن خدا پاڪ جو ارشاد آهي ته: >وَ قَضَى رَبُّڪ الا تَعْبُدُواْ اِلا اِيَّاهُ وَبِالْوَالِدَيْنِ اِحْسَانًا اِمَّا يَبْلُغَنَّ عِندَڪ الْڪبَرَ احَدُهُمَا اوْ ڪلاهُمَا فَلاَ تَقُل لَّهُمَآ اُفٍّ وَلاَ تَنْهَرْهُمَا وَقُل لَّهُمَا قَوْلاً ڪرِيمًا< [6] ۽ تنھنجي پالڻھار حُڪم ڪيو آھي ته ان کان سواءِ ٻئي ڪنھن جي عبادت نه ڪريو ۽ ماءُ پيءُ سان نيڪي ڪريو، جيڪڏھن ٻنھي منجهان ڪو ھڪڙو تنھنجي آڏو ٻُڍائيءَ کي پھچي يا ٻَئي ته تون اُف (به) نه چئجان ۽ نڪي کين جھڻڪجان ۽ ساڻن ادب سان ڳالھائجان.

حضرت امام جعفر صادق(ع) جن فرمائن ٿا: mاَدْنَى الْعُقُوقِ اُفٍّ وَ لَوْ عَلِمَ اللَّهُ عَزَّ وَ جَلَّ شَيْئاً اهْوَنَ مِنْهُ لَنَهَى عَنْهُn. [7] عاق ٿيڻ جي لاءِ سڀ کان معمولي شيءِ (پنهنجي والدين کي) mاُفn چوڻ آهي ۽ جيڪڏهن خدا پاڪ جي نظر ۾ ان کان وڌيڪ هلڪي ۽ گھٽ ڪا ٻي شيءِ هجي ها ته هو انهيءَ کان روڪي ها. تنهن ڪري جڏهن پهرئين مرحلي ۾ mافn چوڻ کان به جھليو ويو آهي ته جيڪڏهن ڪوئي انهن کي برو ڀلو چوي يا انهن سان ڏاڍيان ڳالهائي يا انهن کي جھڻڪ ڏي ته ان جو ڇا حال ٿيندو؟

 ڇاڪاڻ ته هيءُ هڪ وڏو گناھ آهي. ان وڏي گناھ کان پوءِ جيڪي ماڻهو عاق ٿي ويندا آهن جيڪڏهن الله سائين ٻين وڏن گناهن جي عذاب وانگر انهيءَ گناھ جو به سخت حساب وٺي ۽ اهڙي قسم جي ماڻهن کي دردناڪ عذاب ۾ مبتلا ڪري ڇڏي ته ان ۾ ڪنهن به قسم جو ڪو تعجب نه ڪرڻ گھرجي. حضور پاڪ (ص) جن فرمائن ٿا: mانّ اَڪبر الڪبائر عند الله يوم القيامة: الشّرڪ بالله وقتل النّفس المؤمنة بغير الحقّ و الفرار في سبيل الله يوم الزّحف و عقوق الوالدين... .n.[8] خدا جي نزديڪ قيامت واري ڏهاڙي سڀ کان وڏا گناهان ڪبيره هي آهن: شرڪ ڪرڻ، ناحق ڪنهن مؤمن کي قتل ڪرڻ، جنگ جي ميدان مان ڀڄڻ ۽ والدين جو عاق ڪرڻ.

هڪ ٻي حديث ۾ نبي ڪريم ص جن فرمائن ٿا ته: mيُقَالُ لِلْعَاقِّ اعْمَلْ مَا شِئْتَ فَاِنِّي لَاَغْفِرُ لَڪn. [9] والدين جي عاق ٿيل انسان کي چيو ويندو ته جيڪو تنهنجي دل گھري ٿي تنهن کي انجام ڏي بيشڪ آئون توکي معاف نه ڪندس.

مختصر طور تي ائين کڻي چئجي ته والدين جو عاق ٿيل انسان جو نتيجو قيامت واري ڏهاڙي خدا پاڪ جي مغفرت ۽ جنت کان محرومي آهي، البته اهو واضح رهي ته عاق ٿيڻ به ٻين گناهن وانگر هڪ گناھ آهي ۽ الله سائين پنهنجي بندن جي لاءِ سدائين گناهن کان توبه ڪرڻ جا دروازا کولي رکيا آهن تنهن ڪري جيڪڏهن ڪنهن کان اها غلطي ٿي به وئي هجي ته اهو هڪ مرتبو وري پنهنجي والدين کي خوش ڪري پنهنجي پالڻهار کان پهريان ڪيل سندس ڪرتوتن جي معافي وٺي، ۽ وري زندگي ڀر اهڙي خطا کان پاسو ڪري. هن جاءِ تي ٻن نُڪتن ڏانهن اشارو ڪرڻ ضروري آهي:

الف: ڪجھ روايتن ۾ والدين سان بد اخلاقي ۽ ان جي ذريعي عاق ٿيڻ جا نمونا بيان ڪيا ويا آهن. جهڙي نموني حضور پاڪ3 جن فرمائن ٿا ته: mمَن اَحزَنَ وَالِدَيه فَقَد عَقّهُمَااn.[10]جنهن سندس والدين کي ڏکويو (رنجايو) هو عاق ٿي ويو.

 ۽ اهڙي نموني امام جعفر صادقD جن فرمائن ٿا:

mمِنَ العقوق اَن يَنظُر الرّجُلُ اِلى والديه فَيحد النّظَرَ اِلَيهِn.[11]

عاق مان هڪ اهو به آهي ته ڪو پنهنجي والدين ڏانهن گُهوري ڏسي.

عاق ٿيڻ جو مسئلو ان مهل اڃا وڌيڪ حساس مرحلي ۾ پهچي ويندو آهي جو جڏهن والدين سندن اولاد تي ڪو ظلم ڪيو هجي، ليڪن تنهن هوندي به شريعت پنهنجي ماءُ ۽ پيءُ ڏانهن آڪڙ، ڪاوڙ ۽ غصي واري نگاھ کڻي نهارڻ جي اجازت نه ٿي ڏئي، جيڪڏهن ڪو ائين ڪندو ته اهو به عاق شمار ڪيو ويندو.

حضرت امام جعفر صادقD جن فرمائن ٿا: mمَن نَظَرَ الى اَبَوَيه نظر ماقت وَ هُمَا ظَالِمَانِ لَهُ لَم يَقبَلِ اللهُ لَهُ صَلَاةًn.[12] جيڪو پنهنجي والدين ڏانهن غصي واري نگاهه سان نهاريندو جيتوڻيڪ انهن مٿس ظلم ئي ڇو نه ڪيو هجي، ته خدا پاڪ سندس نماز کي قبول نه ڪندو.

ب: عاق ٿيڻ جي لاءِ اهو ضروري ناهي ته والدين مسلمان هجن بلڪه جيڪڏهن ڪنهن جا والدين مسلمان نه هجن ۽ اهو انهن سان اهڙي قسم جو برتاءُ ڪري ته تڏهن به اهو عاق آهي؛ ڇاڪاڻ ته دين اسلام اسان کي والدين جا جيڪي حقوق ٻڌايا آهن اهي فقط مسلمان والدين سان مخصوص نه آهن بلڪه غيرمسلم والدين کي به شامل آهن، مگر اسلام هن شيءِ کي ضرور بيان ڪيو آهي ته جيڪڏهن اوهان جا والدين ڪافر هجن ته جيڪڏهن اهي اوهان کي شرڪ ڏانهن سڏين ته انهيءَ ڪم ۾ انهن جي پيروي واجب نه آهي انهيءَ کان علاوه ٻئي هر ڪم ۾ انهن جي اطاعت ۽ اتباع اوهان تي واجب آهي پوءِ ڀلي ڪافر ئي ڇو نه هجن. خداوند متعال جو پنهنجي پاڪ ڪلام ۾ ارشاد آهي ته:

 >وَوَصَّيْنَا الْانسَانَ بِوَالِدَيْهِ حَمَلَتْهُ اُمُّهُ وَهْنًا عَلَى وَهْنٍ وَفِصَالُهُ فِي عَامَيْنِ اَنِ اشْڪرْ لِي وَلِوَالِدَيْڪ اِلَيَّ الْمَصِيرُ وَاِن جَاهَدَاڪ عَلى اَن تُشْرِڪ بِي مَا لَيْسَ لَڪ بِهِ عِلْمٌ فَلَا تُطِعْهُمَا وَصَاحِبْهُمَا فِي الدُّنْيَا مَعْرُوفًا وَاتَّبِعْ سَبِيلَ مَنْ اَنَابَ اِلَيَّ ثُمَّ الَيَّ مَرْجِعُڪمْ فَاُنَبِّئُڪم بِمَا ڪنتُمْ تَعْمَلُونَ< [13]

۽ ماڻھوءَ کي سندس ماءُ پيءُ بابت حڪم ڪيو سون، جو ماڻس تڪليف جي مٿان تڪليف سھي کيس (پنھنجي پيٽ ۾) کنيو ۽ ٻن ورھين ۾ سندس (ٿڃ جو) ڇڏائڻ آھي، (مطلب ته) منھنجو ۽ پنھنجي ماءُ پيءُ جو شڪرانو ڪر جو آخر مون ڏانھن ئي موٽڻ آھي. ۽ جيڪڏھن اُھي مون سان ڪنھن کي شريڪ ڪرڻ جي توکي ڪوشش ڪن جنھن جي توکي ڪا ڄاڻپ نه آھي ته سندن (انھي چوڻ جي) فرمانبرداري نه ڪر ۽ دُنيا ۾ ساڻن چڱي ريت سنگت ڪر، ۽ جنھن مون ڏانھن مُھاڙ ڪئي ھجي تنھنجي واٽ جي تابعداري ڪر، وري اوھان جو مون ڏانھن ورڻ آھي پوءِ جيڪي ڪندا ھيؤ تنھن جي اوھان کي سُڌ ڏيندس.

جناب زڪريا بن ابراهيم پهريان عيسائي هو ۽ حضرت امام جعفر صادقD جن جي خدمت ۾ اچي اسلام آندائين. هڪ ڏينهن جناب زڪريا، امامD کان هيءُ سوال ڪيو ته منهنجا ماءُ ۽ پيءُ عيسائي آهن، منهنجي والده نابينا آهي ۽ آءٌ پنهنجي گھر وارن سان گڏ رهان ٿو ۽ انهن جي ئي ٿانون ۾ انهن جي هٿن جو پڪل کاڌو خوراڪ کائيندو آهيان ان جو ڇو حڪم آهي؟ امامD کانئس پڇيو ته ڇا اهي سوئر جو گوشت کائيندا آهن؟

هن وراڻيو: مولا اهي سوئر جو گوشت ته نه کائيندا آهن، امام صادقD جن فرمايو ته:

 mڪُل مَعَهُم وَ اَحسِنn تون انهن سان گڏ کائي سگھين ٿو ۽ پنهنجي ماءُ سان سهڻو سلوڪ ڪر.[14]

ان کان پوءِ جيئن جناب زڪريا ڪوفي واپس آيو ته پنهنجي ماءُ جي بهترين طريقي سان خدمت چاڪري ڪرڻ لڳو، سندس ماءُ کي پنهنجي هٿن سان کاڌو کارائيندو هو، پاڻ ئي سندس ماءُ جا ڪپڙا ڌوئيندو هو ۽ پنهنجي ماءُ جو هر لحاظ سان خيال رکندو هو. جناب زڪريا جي ايڏي سهڻي سلوڪ سندس ماءُ کي اچرج ۾ وجھي ڇڏيو، آخرڪار ان ٻڍڙيءَ هڪ ڏينهن سندس پٽ کان پڇيو ته: اي پٽ! جڏهن تون اسان جي مذهب تي هئين ته مون سان اهڙي قسم جو برتاءُ نه ڪندو هئين، ايڏو سهڻو سلوڪ نه ڪندو هئين ليڪن هاڻي جڏهن تو اسان جي مذهب کي ڇڏي ڏنو آهي ته تنهنجو سلوڪ ۽ رويو تبديل نظر اچڻ لڳي پيو ۽ تون پنهنجي ماءُ سان ايڏي پيار ۽ محبت سان پيش اچين ٿو؟

جناب زڪريا پنهنجي ٻڍڙي ماءُ کي جواب ۾ چيو ته: امان! اسلامي ادب ۽ اخلاق اهوئي آهي (اهو مون کي اسلام سيکاريو آهي) ۽ نبي ڪريم3 جن جي اولاد منجھان هڪ شخص مون هن شيءِ جي هدايت ڪئي آهي؛ ان تي سندس ماءُ چيو: پٽ! ڇا اهو نبي آهي؟ جناب زڪريا وراڻيو: نه امان! بلڪه هو نبيءَ جي اولاد منجھان آهي؛ ته سندس والده چيو: مگر هيءَ ته انبياءE جي هدايت لڳي ٿي ۽ اهڙي قسم جي هدايت ته خدا پاڪ جا نبي ڪندا آهن، جناب زڪريا جواب ڏنو ته: امان! نبي نه آهي بلڪه نبيءَ جي اولاد منجھان آهي ۽ هن دور جو امام آهي؛ ان تي سندس ماءُ چيو: اي منهنجا پٽ، اي زڪريا! تون انهيءَ ئي دين جو پابند رهجانءِ ڇاڪاڻ ته سڀ کان بهترين دين اهوئي آهي، تهن کانپوءِ سندس ماءُ چيو ته: پٽ ڀلا تون پنهنجو مذهب پنهنجي ماءُ کي به سيکار، ته جناب زڪريا اسلامي عقائد ۽ ان جي تعليمات کي پنهنجي ماءُ جي محضر ۾ بيان ڪيو ۽ سندس ماءُ انهيءَ وقت مسلمان ٿي وئي، انهيءَ نابينا عورت اسلام قبولڻ کان پوءِ نماز پڙهڻ سکي، جڏهن ٻپهريءَ جي نماز جو وقت ٿيو ته اها نماز پڙهيائين ۽ انهيءَ کان پوءِ ٽپهريءَ جي نماز پڙهيائين، سج لهڻ کان پوءِ سانجھيءَ جي ۽ ان کان پوءِ سومهياڻي (سومهڻي) جي نماز ادا ڪيائين.

۽ خدا پاڪ جي مشيت سان جناب زڪريا جي والده انهيءَ ئي رات وفات ڪري وئي ۽ هڪ مسلمان ۽ مؤمن عورت جي صورت ۾ هيءُ جهان ڇڏيائين، سڀئي مسلمان سندس تشيع جنازه ۾ شامل ٿيا ۽ وڏي عزت ۽ احترام سان اسلامي احڪام ۽ قانونن جي مطابق سندس جنازي کي مسلمانن جي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو.

3. شفقت ۽ نرمي

درس جي شروع ۾ اسان سورت اسراء جي هيءَ آيت بيان ڪئي هئي: >وَاخْفِضْ لَهُمَا جَنَاحَ الذُّلِّ مِنَ الرَّحْمَةِ وَقُل رَّبِّ ارْحَمْهُمَا ڪمَا رَبَّيَانِي صَغِيرًا<[15] ۽ انھن (والدين) لاءِ عاجزيءَ جون ٻانھون ٻاجھ مان ھيٺاھيون ڪج ۽ چئج ته: اي منھنجا پالڻھار! اُنھن تي (اھڙي طرح) رحم ۽ ٻاجھ ڪر جھڙي طرح مون کي ننڍپڻ ۾ پاليائون ٿي.

      هن آيت ۾ (خفض جناح) عاجزيءَ سان ٻانھون ھيٺاھيون ڪرڻ جو مطلب هيءُ آهي ته اولاد کي پنهنجي ماءُ ۽ پيءُ جي سامهون نهايت ئي ادب، احترام، نوڙت ۽ انڪساريءَ سان پيش اچڻ گھرجي. حضرت امام جعفر صادقD جن انهيءَ آيت جي وضاحت ڪندي فرمائن ٿا ته: mلَا تَمْلَاُ عَيْنَيْڪ مِنَ النَّظَرِ اِلَيْهِمَا اِلَّا بِرَحْمَةٍ وَ رِقَّةٍ وَ لَا تَرْفَعْ صَوْتَڪ فَوْقَ اَصْوَاتِهِمَا وَ لَا يَدَڪ فَوْقَ اَيْدِيهِمَا وَ لَا تَقَدَّمْ قُدَّامَهُمَاn.[16] جڏهن به تون انهن (والدين) ڏانهن ڏسين ته تنهنجيون اکيون رحمت، شفقت ۽ نرميءَ سان ڀريل هجن ۽ هنن جي آواز تي پنهنجي آواز کي بلند نه ڪر (يعني: والدين سان ڏاڍيان نه ڳالھاءِ) ۽ هنن جي هٿ جي مٿان پنهنجو هٿ بلند نه ڪر ۽ هنن جي اڳيان وک نه وڌاءِ (يعني: هنن جي احترام لاءِ تون پويان پويان هل). ان کان پوءِ امامD  آيت جي هن حصي >وَقُل لَّهُمَا قَوْلاً ڪرِيمًا< جي وضاحت ۾ فرمايو ته: ان جو مطلب هيءُ آهي ته جيڪڏهن اهي توکي مارين ته انهن کي چئو: mغَفَرَ اللهُ لَڪُمَاn خداوند متعال اوهان جي گناهن کي معاف ڪري.[17]

درس جو خلاصو

* اسلام هڪ اجتماعي ۽ معاشرتي دين آهي جنهن کي مڃڻ وارا فقط خدا جي رضا خاطر هڪٻئي سان رابطا ۽ تعلقَ رکندا آهن، تنهنڪري اسان جي پڻ اها ذميداري آهي ته اسان تي ٻين جي حقن کان آگاه رهون ته جيئن انهن کي آسانيءَ سان ادا ڪري سگھون، ائين نه ٿئي جو اسان هڪ نه هڪ ڏينهن هيءُ فاني جهان ڇڏي هليا وڃون ۽ اسان جي مٿان ڪنهن جو حق باقي رهجي وڃي.

* انهن حقن منجھان ڪجھ والدين جا حق پڻ آهن جن کي الله سائينءَ پنهنجي اطاعت سان گڏ ذڪر ڪيو آهي، ۽ پاڻ سڳورن3 جن پڻ والدين سان نيڪ ورتاءُ ۽ سهڻو سلوڪ ڪرڻ کي سڀ کان اهم فريضو قرار ڏنو آهي. جيئن ته سندن ارشاد آهي ته: mهو (ماءُ ۽ پيءُ) توهان جي جنت ۽ دوزخ آهنn.

بس اسان جي اها ذميداري آهي ته والدين سان سدائين سهڻو ورتاءُ ڪريون چاهي اهي مسلمان هجن يا غيرمسلم.

سوالات:

1: والدين سان نيڪ ورتاءُ ۽ احسان ڪرڻ جي باري ۾ قرآن پاڪ ڇا چيو آهي؟

2: امام زين العابدينD جن ٻين جا حق ذڪر ڪندي ماءُ جا ڪهڙا حق بيان ڪيا آهن؟

3: عاق ٿي وڃڻ جي باري نبي ڪريم3 جي ڪا به هڪ حديث ذڪر ڪريو؟

4: روايتن جي روشنيءَ ۾ ڪهڙيون ڪهڙيون شيون اولاد جي عاق ٿيڻ جو سبب بڻجن ٿيون؟

5: حضرت امام صادقD سورت اسراء جي پنجويهين آيت جي وضاحت ۾ ڇا فرمايو آهي؟

حوالا...

 



[1] . سورت اسراء، (بني اسرائيل) آيت 23 ۽ 24

[2] . الترغيب و الترهيب، ج 3، ص 316

[3] . ڪنز العمال، حديث: 45439

[4] . بحار الانوار، ج 71، ص 15

[5] . بحار الانوار، ج 71، ص 15

[6] . سورت اسراء، آيت، 23

[7] . الڪافي، ج 2، ص 348، باب العقوق.

[8] . الترغيب و التّرهيب، ج 3، ص 327

[9] . بحار الانوار، ج 71، ص 80

[10] . ڪنز العمال، حديث: 45537

[11] . بحار الانوار، ج 74، ص 61

[12] . ساڳيو، ج 74، ص 61

[13] . سورت لقمان، آيت: 14، 15

[14] . بحار الانوار، ج 74، ص 374

[15] . سورت اسراء، (بني اسرائيل) آيت 23 ۽ 24

[16] . الڪافي، ج 2، ص 157

[17] . ساڳيو، ج 2، ص 158