Get Adobe Flash player

1_الله سان محبت جي نشاني

مَنْ آنَسَ بِاللَّهِ اسْتَوْحَشَ النَّاسَ- وَ عَلَامَةُ الْاُنْسِ بِاللَّهِ الْوَحْشَةُ مِنَ النَّاس.[1]

جنهن الله سان محبت اهو ماڻهن (جي محبت)کان پري ڀڄندو،۽ الله سان محبت جي نشاني ماڻهن (جي محبت)کان دوري ڪرڻ آهي

 

2_دنيا هڪ بازار آهي.

الدُّنْيَا سُوقٌ رَبِحَ فِيهَا قَوْمٌ وَ خَسِرَ آخَرُون.[2]

دنيا اها بازار آهي جنهن ۾ هڪ گروهه فائدو حاصل ڪري ٿو ۽ ٻيو خسارو ۽ نقصان.

3_ڪاوڙ.

الْغَضَبُ عَلَى مَنْ لَا تَمْلِڪ عَجْزٌ وَ عَلَى مَنْ تَمْلِڪ لُؤْم.[3]

جنهن ماڻهوءَ تي وس نه پڄي ان تي ڪاوڙ ڪرڻ ڪمزوري آهي ۽ جنهن ماڻهو تي تنهنجو وس پڄي ان تي ڪاوڙ ڪرڻ پستي آهي

4_شيعه عالمن جي عظمت.

يَاْتِي عُلَمَاءُ شِيعَتِنَا الْقَوَّامُونَ بِضُعَفَاءِ مُحِبِّينَا وَ اَهْلِ وَلَايَتِنَا يَوْمَ الْقِيَامَةِ وَ الانْوَارُ تَسْطَعُ مِنْ تِيجَانِهِمْ

اسان جا (اهي) شيعه علماء جيڪي اسان جي ڪمزور حبدارن ۽ اسان جي ولايت جو اقرار ڪرڻ وارن جي سرپرستي ڪن ٿا، قيامت ڏينهن ان حالت ۾ ايندا جو انهن جي مٿي تي رکيل تاج مان نور جون لاٽون نڪرنديون هونديون.

5_هڪ نصيحت.

مَنْ جَمَعَ لَڪ وُدَّهُ وَ رَاْيَهُ فَاجْمَعْ لَهُ طَاعَتَڪ.[4]

جيڪو شخص تو سان دوستي جو دم ڀري ٿو ۽ ڀلو مشورو ڏئي ٿو، تون پنهنجي تمام وجود سان ان جي اطاعت ڪر.

6_خودپسنديءَ جو‏  نتيجو.

مَنْ رَضِيَ عَنْ نَفْسِهِ ڪثُرَ السَّاخِطُونَ عَلَيْه.[5]

جيڪو پنهنجي نفس کان راضي ٿيو،ته ان کان ناراض ٿيڻ وارن جو تعداد وڌي ويندو.

7_دنيا ۽ آخرت.

انَّ اللَّهَ جَعَلَ الدُّنْيَا دَارَ بَلْوَى وَ الْآخِرَةَ دَارَ عُقْبَى.[6]

الله سائين دنيا کي آزمايش جوگهر ۽ آخرت کي جزا جو مرڪز قرار ڏنو آهي.

8_خدا کان ڊڄڻ جو اثر.

مَنِ اتَّقَى اللَّهَ يُتَّقَى وَ مَنْ اَطَاعَ اللَّهَ يُطَاعُ وَ مَنْ اَطَاعَ الْخَالِقَ لَمْ يُبَالِ سَخَطَ الْمَخْلُوقِينَ وَ مَنْ اَسْخَطَ الْخَالِقَ فَلْيَيْقَنْ اَنْ يَحُلَّ بِهِ سَخَطُ الْمَخْلُوقِين‏.[7]

جيڪو الله کان ڊڄندو ته ماڻهو به ان کان ڊڄندا،۽ جيڪو الله جي اطاعت ڪندو ته ان جي به اطاعت ڪئي ويندي.جيڪو خالق جي اطاعت ڪندو آهي ان کي مخلوق جي ناراضگي جي ڪا به پرواهه نه هوندي آهي، ۽ جيڪو خالق کي ناراض ڪندو آهي اهو يقين کي ته مخلوق جي ناراضگيءَ ۾ گرفتار ٿيندو.

9_ڪنهن کي به نا  اميد  نه ڪيو.

لَا تُخَيِّبْ رَاجِيَڪ فَيَمْقُتَڪ اللَّهُ وَ يُعَادِيَڪ.[8]

پاڻ مان اميد رکڻ وارن کي نا اميد نه ڪر،نه ته خدا تو کان ناراض ٿي ويندو ۽ تنهنجو دشمن ٿي ويندو.

10_خود پسندي.

الْعُجْبُ صَارِفٌ عَنْ طَلَبِ الْعِلْمِ دَاعٍ الَى الغَمْطِ وَ الْجَهْلِ.[9]

امام علي نقي (ع) فرمائن ٿا: خود پسندي علم حاصل ڪرڻ کان روڪي ڇڏي ٿي ۽ جهالت ۽ ناداني جي طرف دعوت ڏئي ٿي.

11_جَهل ۽ بُخل.

الْجَهْلُ وَ الْبُخْلُ اَذَمُّ الاخْلَاق.[10]

جهالت ۽ ناداني بدترين خصلت آهي.

12_ماڻهن جي حيثيت.

النَّاسُ فِي الدُّنْيَا بِالاَمْوَالِ وَ فِي الْآخِرَةِ بِالاعْمَال.[11]

ماڻهن جي حيثيت دنيا ۾ مال و دولت سان ۽ آخرت ۾ عملن سان آهي.

13_اهل قم جي فضيلت.

اَهْلُ قُمَّ وَ اَهْلُ آبَةَ مَغْفُورٌ لَهُمْ لِزِيَارَتِهِمْ لِجَدِّي عَلِيِّ بْنِ مُوسَى الرِّضَا ع بِطُوسَ اَلَا وَ مَنْ زَارَهُ فَاَصَابَهُ فِي طَرِيقِهِ قَطْرَةٌ مِنَ السَّمَاءِ حَرَّمَ اللَّهُ جَسَدَهُ عَلَى النَّار.[12]

اهل قم ۽ اهل آبه (قم ۽ ساوهه جي درميان هڪ ڳوٺ جو نالو آهي) جي بخشش ۽ مغفرت ٿي چڪي آهي، ڇو جو هو طوس ۾ منهنجي ڏاڏي امام رضا (ع) جي زيارت جي لاءِ ويندا آهن، ڄاڻي وٺو ته! جيڪو به سندن زيارت ڪري ۽ (اگر) رستي ۾ آسمان تان هڪ قطرو به ان مٿان ڪِري پوي ته خدا ان جي جسم کي جهنم جي باهه کي حرام ڪري ڇڏيندو آهي.

14_قرآن  ابدي آهي.

ابْنُ السِّڪيتِ النَّحْوِيُّ قَالَ سَاَلْتُ اَبَا الْحَسَنِ عَلِيَّ بْنَ مُحَمَّدِ بْنِ الرِّضَا ع قُلْتُ مَا بَالُ الْقُرْآنِ لَا يَزْدَادُ عَلَى النَّشْرِ وَ الدَّرْسِ الَّا غَضَاضَةً قَالَ لِاَنَّ اللَّهَ عَزَّ وَ جَلَّ لَمْ يَجْعَلْهُ لِزَمَانٍ دُونَ زَمَانٍ وَ لَا لِنَاسٍ دُونَ نَاسٍ فَهُوَ فِي ڪلِّ زَمَانٍ جَدِيدٌ وَ عِنْدَ ڪلِّ قَوْمٍ غَضٌّ الَى يَوْمِ الْقِيَامَة.[13]

ابن سڪيت چوي ٿو ته آئون امام علي نقي (ع) جي خدمت ۾ عرض ڪيو ته ڇا سبب آهي جو قرآن مجيد نشر و اشاعت ۽ درس و بحث سان وڌيڪ ترو تازه ٿي وڃي ٿو؟ امام (ع) فرمايو: الله تعالي قرآن شريف کي ڪنهن خاص زماني ۽ ڪن خاص ماڻهن جي لاءِ قرار نه ڏنو آهي، بلڪه هو هر زماني ۾ نئون ۽ قيامت تائين هر قوم وٽ ترو تازهه رهندو.

حوالا ...

 



[1] . بحار الانوار، ج‏75 ص:379 ؛ باب 29

[2] . تحف العقول عن آل الرسول ص، ص:483 ؛ و روي عنه ع في قصار هذه المعاني‏

[3] . مستدرڪ الوسائل، ج‏12 ص:11 ؛ باب‏53

[4] . تحف العقول عن آل الرسول ص، ص:483 ؛ و روي عنه ع في قصار هذه المعاني‏

[5] . بحار الانوار، ج‏69 ص:316 ؛ باب 117

[6] . تحف العقول عن آل الرسول ص، ص:483 ؛ و روي عنه ع في قصار هذه المعاني‏

[7] . تحف العقول عن آل الرسول ص، ص:482 ؛ و روي عنه ع في قصار هذه المعاني‏

[8] . بحار الانوار، ج‏72 ص:173 ؛ باب 59

[9] . بحار الانوار، ج‏69 ص:199 ؛ باب 105

[10] . بحار الانوار، ج‏1 ص:94 ؛ باب 1

[11] . بحار الانوار، ج‏75 ص:368 ؛ باب 28

[12] . عيون أخبار الرضا عليه السلام، ج‏2 ص:260 ؛ باب‏66

[13] . مجموعة ورام، ج‏2 ص:72 ؛ الامالي للطوسي، ص:580