Get Adobe Flash player

عربي زبان ۾ رجعت جي معني آهي موٽي اچڻ. اهڙي ريت اصطلاح ۾ موت کان پوءِ ۽ قيامت اچڻ کان اڳ ڪجهه انسانن جي هن دنيا ۾ موٽي اچڻ کي رجعت چيو ويندو آهي. اها رجعت حضرت مهدي عليه السلام جي ظهور کانپوءِ واري زماني ۾ واقع ٿيندي

. اها هڪ اهڙي حقيقت آهي جيڪا نه عقل جي خلاف آهي ۽ نه ئي وري قرآن ۽ وحي جي خلاف آهي. اسلام ۽ ٻين الاهي دينن جي نگاهه ۾ انسان جي وجود ۾اصل شيءِ سندس روح آهي،جنهن کي نفس به ڪوٺيو ويندو آهي. جيڪو بدن جي فنا ٿيڻ کان پوءِ به باقي رهندو ۽ هميشگي واري زندگي بسر ڪندو. ان سان گڏو گڏ اها به حقيقت آهي ته قرآن مجيد جي نظر ۾ پالڻهار جي ذات  هر شي تي قادر آهي يعني قادر مطلق آهي ۽ ڪا به شي سندس لامحدود طاقت کي محدود نه ٿي ڪري سگهي.

انهن ٻن مختصر مقدمن جي روشني ۾ هي ڳالهه واضح ٿي وڃي ٿي ته رجعت جو مسئلو عقل جي لحاظ کان ممڪن آهي. ڇاڪاڻ ته ٿورو به غور و فڪر ڪرڻ سان اها ڳالهه معلوم ٿي وڃي ٿي ته انسانن جي هڪ ٽولي کي هن دنيا ۾ واپس موڪلڻ انهن جي پهرئين تخليق کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ آسان آهي. تنهن ڪري جنهن پالڻهار انهن کي پيدا ڪيو آهي يقينا کين ٻيهر هن دنيا ۾ موٽائڻ تي قادر آهي. جيڪڏهن خدائي وحي جي آڌار  تي رجعت کي اڳين امتن ۾ ڳوليو وڃي ته ان جا مختلف نمونا ملي سگهن ٿا.

قرآن مجيد ان باري ۾ فرمائي ٿو:

 وَ اِذ قُلتُم يَا مُوسَي لَن نُؤمِنَ لَڪَ حَتَّي نَرى اللهَ جَهرَةً فَاَخَذَتڪُم الصَّاعِقةُ وَ اَنتُم تَنظُرُون ثَمَّ بَعَثنَاڪم مِن بَعدِ موتِڪم لَعَلَّڪُم تَشڪرُون، ([1]) ۽ (اهو وقت به ياد ڪريو) جڏهن اوهان (جي وڏن) چيو هئو ته اي موسى! اسين ڪڏهن به تو کي نه مڃينداسون جيستائين خدا کي چٽي نموني نه ڏسون. پوءِ اوهان کي وڄ پڪڙيو ۽ اوهين ڏسندا رهجي ويا. وري اسان اوهان کي، اوهان جي مرڻ کانپوءِ (ٻيهر) جياري اٿاريو ته متان اوهين احسان مڃيو.

يا وري هڪ ٻي جاءِ تي حضرت عيسى جو هيءُ قول ذڪر ٿيو آهي ته:

وَ اُحيِي المَوتى بِاِذنِ اللهِ، ([2]) ۽ آءُ الله جي حڪم سان مئل جيئرا ڪريان ٿو.

قرآن مجيد نه صرف ايترو ته رجعت کي هڪ ممڪن امر قرار ڏنو آهي بلڪ انسانن جي هڪ اهڙي ٽولي جي به تائيد ڪئي آهي جيڪو هن دنيا مان هليو ويو هو ۽ پوءِ هن دنيا ۾ ٻيهر واپس موٽي آيو. قرآن مجيد هيٺين آيتن ۾ انهن ٻن ٽولن جو ذڪر ڪيو آهي. جيڪي مرڻ کان پوءِ قيامت کان اڳ هن دنيا ۾ واپس آيا آهن.

وَ اِذَا وَقَعَ القَولُ عَلَيهِم اَخرَجنَا لَهُم دَابَّةً مِنَ الاَرضِ تُڪَلِّمُهُم اَنَّ النَّاسَ ڪَانُوا بِآياتِنَا لَا يُوقِنُونَ وَ يَومَ نَحشُرُ مِن ڪُلِّ اُمّةِ فَوجًا مِمَّن يُڪذِّبُ بِآياتِنَا فَهُم يُوزَعُونَ ([3])

 ۽ جڏهن مٿن (قيامت جو) وعدو لازم ٿيندو تڏهن انهن لاءِ زمين مان هڪ هلڻ وارو ڪڍنداسون جو انهن سان ڳالھ ڪندو ته (فلاڻا فلاڻا) ماڻهو اسان جي آيتن تي يقين نه ڪندا هئا. ۽ (اهو ڏينهن ياد ڪر!) جنهن ڏينهن سڀ ڪنهن امت مان هڪ اهڙو گروھ جنهن اسان جي آيتن کي گڏ ڪوڙو ڪيو هوندو محشور ڪنداسون. پوءِ انهن جون جدا جدا ٽوليون ٺاهيون وينديون.

انهن ٻن آيتن سان قيامت کان اڳ واقع ٿيڻ واري رجعت لاءِ استدلال ڪرڻ لاءِ هيٺين نڪتن ڏانهن ڌيان ڏيڻ ضروري آهي:

(الف) تمام مسلمان مفسرن جو اهو نظريو آهي ته اهي ٻه آيتون قيامت سان تعلق رکن ٿيون ۽ پهرئين آيت قيامت جي نشانين مان هڪ نشاني کي بيان ڪري رهي آهي، ان باري ۾ جلال الدين سيوطي پنهنجي تفسير الدر المنثور ۾ ابن ابي شيبه ۽ انهن حذيفه کان نقل ڪيو آهي ته ”خروج دابة“ هلڻ واري مخلوق جو نڪرڻ قيامت کان پهريان ظاهر ٿيندڙ واقعن مان هڪ آهي. ([4])

(ب) ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ شبهو ڪونهي ته قيامت جي ڏينهن سڀني انسانن کي محشور ڪيو ويندو، ۽ ائين نه آهي جو ان ڏينهن هر امت مان هڪ خاص ٽولي کي محشور ڪيو وڃي.

قرآن مجيد سڀني انسانن کي محشور ڪرڻ جي باري ۾ هن ريت فرمايو آهي: ذالِڪَ يَومُ مَجمُوعُ لَهُ النَّاسُ، ([5]) هي اهو ڏينهن هوندو جو سموري (جهان جا) ماڻهو گڏ ڪيا ويندا. (هن ڏينهن جي تفسير قيامت سان ڪئي وئي آهي) [6]

اهڙي طرح تي هڪ ٻئي جاءِ تي آيو آهي:

 وَ يَومَ نُسَيِّرُ الجِبَالَ وَ تَرَي الاَرضَ بَارِزَةً وَ حَشَرنَاهُم فَلَم نُغَادِر مِنهُم اَحَدًا ([7]) ۽ (ان ڏينهن کان ڊڄو) جنهن ڏينهن اسين جبلن کي هلائينداسون ۽ تون زمين کي کليل ميدان (جبلن کان خالي) ڏسندين ۽ اسين انهن سڀني کي گڏ ڪنداسون ۽ پوءِ انهن مان هڪ کي به نه ڇڏينداسون.

ان لحاظ کان قيامت جي ڏينهن سڀ انسان محشور ٿيندا ۽ اها ڳالهه انسانن جي ڪنهن خاص ٽولي سان مخصوص نه آهي.

(ج) انهن ٻن گذريل آيتن مان ٻئين آيت ان ڳالهه جو واضح اعلان ڪري رهي آهي ته امتن مان ڪجهه خاص ماڻهن کي محشور ڪيو ويندو ۽ سڀني ماڻهن کي محشور نه ڪيو ويندو، ان ڪري جو آيت ڪريمه ۾ آهي ته: وَ يَومَ نَحشُرُ مِن کُلِّ اُمّةِ فَوجًا مِمَّن يُڪذِّبُ بِآياتِنَا فَهُم يُوزَعُونَ، ۽ (اهو ڏينهن ياد ڪر!) جنهن ڏينهن هرامت مان هڪ اهڙو گروھ جنهن اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڪيو هوندو، گڏ ڪنداسون. پوءِ انهن جون جدا جدا ٽوليون ٺاهيون وينديون.

آيت جو هي حصو واضح طريقي سان ان ڳالهه جي شاهدي ڏيئي رهيو آهي ته سڀني انسانن کي محشور نه ڪيو ويندو.

نتيجو:

انهن ٽن مختصر مقدمن جي روشني ۾ هي ڳالهه چٽي نموني واضح ٿي وڃي ته خدا جي آيتن کي ڪوڙو قرار ڏيندڙ انسانن مان هڪ مخصوص ٽولي جو محشور ٿيڻ هڪ اهڙو واقعو آهي جيڪو قيامت کان اڳ وجود ۾ ايندو ۽ اها ئي ڳالهه ٻئي آيت مان به سمجهه ۾ اچي ٿي. ان ڪري جو قيامت واري ڏينهن ڪو خاص ٽولو محشور نه ٿيندو. بلڪ ان ڏينهن سڀ انسان محشور ڪيا ويندا. ان بيان سان، اسان جي اها دعوى صحيح ثابت ٿي ٿئي ته انسانن جي هڪ خاص ٽولي کي انهن جي مرڻ کان پوءِ ۽ قيامت کان اڳ هن دنيا ۾ موٽايو ويندو ۽ ان جو نالو ”رجعت“ آهي.

امام جعفر صادق عليه السلام فرمائن ٿا: اَيَامُ اللهِ ثَلَاثَةُ ،يَوم القَائِمِ عليه السلام، وَ يَوم الڪَرَّةِ، وَ يَوم القِيَامَةِ، خدا جا ڏينهن ٽي آهن. حضرت امام مهدي عليه اسلام جي ظهور جو ڏينهن، رجعت جو ڏينهن ۽ قيامت جو ڏينهن.

۽ هڪ ٻئي جڳهه تي فرمائن ٿا: لَيسَ مِنَّا مَن لَم يُؤمن بِڪَرَّتِنَا، جيڪو شخص اسان جي رجعت کي نه مڃي اهو اسان منجهان نه آهي.

آخر ۾ ٻن اهم نڪتن جي وضاحت ڪرڻ مناسب آهي:

الف: رجعت جو فلسفو

رجعت جي سببن ۽ علتن تي غور ڪرڻ سان ٻه اهم مقصد سمجهه ۾ اچن ٿا.

پهريون مقصد اهو آهي ته رجعت جي ذريعي اسلام جي حقيقي عزت ۽ عظمت ۽ ڪفر جي ذلت ۽ خواري کي هن دنيا ۾ ئي عيان ڪيو وڃي.

 ٻيون مقصد اهو آهي ته ايمان وارن ۽ نيڪ انسانن کي انهن جي عمل جو اجورو ملي سگهي ۽ ڪافرن ۽ ظالمن کي پنهنجائي انجام تائين پهچائي سگهجي.

ب: رجعت ۽ تناسخ جي درميان چٽو فرق

هتي ان ڳالهه کي بيان ڪرڻ ضروري آهي ته شيعه جنهن رجعت جو عقيدو رکن ٿا ان مان اهو تناسخ ([8]) هرگز ناهي. ان ڪري جو تناسخ واري نظرئي جي بنياد قيامت جي انڪار تي ٻڌل آهي ۽ تناسخ جو نظريو رکڻ وارا، پنهنجي ان نظرئي مطابق دنيا کي هميشه گردش ۾ رهندڙ ڄاڻيندا آهن ۽ هن جو هر زمانو پنهنجي پهرئين زماني جو تڪرار هوندو آهي.

ان نظرئي مطابق انسان جو روح مرڻ کان پوءِ ٻيهر هن دنيا ۾ موٽندو آهي ۽ ڪنهن ٻئي بدن ۾ گهڙي ويندو آهي. جيڪڏهن اهو روح گذريل زماني ۾ ڪنهن نيڪ انسان جي جسم ۾ هيو ته هاڻي هن زماني ۾ ڪنهن اهڙي انسان جي جسم ۾ گهڙي ويندو جنهن جي زندگي خوشين سان ڀريل هجي. ليڪن اگر اهو روح گذريل زماني ۾ ڪنهن بري ماڻهو جي جسم ۾ رهيو هجي ته هاڻي اهڙي ماڻهو جي جسم ۾ گهڙندو جنهن جي زندگي سختين سان گذرڻي آهي. ان نظرئي جي اعتبار کان روح جو اهڙي طرح واپس موٽڻ ئي انهن لاءِ قيامت آهي. (نتيجي ۾ هنن لاءِ ڪا ٻئي قيامت ناهي)

جڏهن ته رجعت جو عقيدو رکڻ وارا اسلامي شريعت جي پيروي ڪندي قيامت ۽ معاد تي مڪمل ايمان رکندا آهن ۽ گڏو گڏ اهو به عقيدو رکندا آهن ته ڪنهن روح جو هڪ جسم کان ٻئي جسم ڏانهن منتقل ٿيڻ محال ۽ ناممڪن آهي. ([9])

اهل تشيع جو صرف اهو عقيدو آهي ته انسانن مان هڪ ٽولو قيامت کان پهريان هن دنيا ۾ واپس ايندو ۽ ڪجهه مصلحتن ۽ حڪمتن جي پوري ٿيڻ کان پوءِ هن دنيا مان واپس هليو ويندو. ايستائين جو اهو ٽولو به قيامت جي ڏينهن ٻين انسانن سان گڏ اٿاريو ويندو. ان لحاظ کان روح، هڪ جسم کان الڳ ٿيڻ کان پوءِ ڪڏهن به ٻئي جسم ۾ داخل نه ٿيندو.

حوالا ...

 



[1] - سورت بقره، آيت 55،56

[2] - سورت آل عمران، آيت 49

[3] - سورت نمل، آيت 82،83

[4] - تفسير در منثور، جلد 5، صفحو 177، سورت نمل جي آيت 82 جي تفسير جي زمري ۾

[5] - سورت هود، آيت 103

[6] - ڏسو : تفسير در منثور، جلد ٽيون، صفحو 349

[7] - سورت ڪهف، آيت 47

[8] - يعني روح جو هڪ بدن کان نڪري ڪري ٻئي ۾ داخل ٿي وڃڻ جنهن کي آواگون چوندا آهن

[9] - صدرالمتالهين پنهنجي ڪتاب اسفار، جلد 9، باب 8، فصل اول، صفحي 3 تي تناسخ جي نظرئي کي رد ڪندي هن ريت فرمايو آهي: اگر هڪ بدن کان نڪري ويل روح ڪنهن ٻئي جسم ۾ ان حالت ۾ داخل ٿئي جو اهو بدن جنين جي شڪل ۾ هجي ۽ اڃا ماءُ جي رحم ۾ هجي يا ان کان علاوهه ڪنهن ٻئي مرحلي ۾ هجي ته ان صورت جو لازمو اهو ٿيندو ته هڪ ئي شي بالقوة به هجي ۽ بالفعل به، ۽ جيڪا شي بالفعل آهي ان جو بالقوة هجڻ محال ۽ ناممڪن آهي ان ڪري جو انهن ٻنهين صورتن ۾ مادي ۽ اتحادي ملاوٽ آهي ۽ اهڙي ترڪيب طبيعي  محال آهي جنهن ۾ ٻه اهڙا امر جمع ٿي رهيا هجن جن مان هڪ بالفعل هجي ۽ ٻيو بالقوه