Get Adobe Flash player

ايام فاطميه جي مناسبت سان اسان سائڻ فاطمه زهرا سلام الله عليها جي مقدس زبان تان جاري ٿيندڙ نصيحت ڀرين ٻولن مان چاليهه انمول حديثون پيش ڪري رهيا آهيون جن مان سندن الهي الهام ذريعي حاصل ٿيل علم جي عڪاسيءَ سان گڏ اسان جي هدايت ۽ راهنمائي به ٿئي ٿي 

 

1. نَحْنُ وَسيلَتُهُ في خَلْقِهِ، وَ نَحْنُ خاصَّتُهُ وَ مَحَلُّ قُدْسِهِ، وَ نَحْنُ حُجَّتُهُ في غَيبِهِ،وَنَحْنُ وَرَثَةُ انْبيائِهِ.[1]

اسان اهل بيت ع خدا جي خلق سان رابطي جو ذريعو اهيون، اسان سندس خاص ٻانها ۽ سندس قداست جا مرڪز اهيون، اسان سندن غيب ۾ حجت آهيون ۽ اسائي سندس نبين جا وارث آهيون

2. وَ هُوَ الا مامُ الرَبّاني ، وَ الْهَيڪلُ النُّوراني ، قُطْبُ الا قْطابِ، وَسُلالَةُ الا طْيابِ، النّاطِقُ بِالصَّوابِ، نُقْطَةُ دائِرَةِ الامامَةِ. [2]

 حضرت علي عليه السلام جي تعريف ڪندي فرمايائون: هو خدائي سرواڻ آهي،جيڪو نوارني جسم رکي ٿو، هو سڀني عارفن جي توجه جو مرڪز ۽ پاڪن جي نسل مان ايندڙ آهي،جيڪو سچار ۽ امامت جو  بنيادي محور ۽ مرڪز آهي.

3. ابَوا هِذِهِ الا مَّةِ مُحَمَّدٌ وَ عَلىُّ، يقْيمانِ اودَّهُمْ، وَ ينْقِذانِ مِنَ الْعَذابِ الدّائِمِ انْ اطاعُوهُما، وَ يبيحانِهِمُ النَّعيمَ الدّائم انْ واقَفُوهُما. [3]

حضرت محمد صلى الله عليه واله وسلم ۽ حضرت علي عليه السلام هن امت جا  (مهربان) والد آهن جيڪڏهن انهن ٻنهي جي فرمانبرداري ڪندا ته اهي کين دنياوي گمراهين ۽ اخرت جي ابدي عذاب کان بچائيندا ۽ جيڪڏهن انهن سان گڏ هوندا ته کين جنت جي ابدي نعمتن کان بهره مند ڪندا رهندا.

4. مَنْ اصْعَدَ الىَ اللّهِ خالِصَ عِبادَتِهِ، اهْبَطَ اللّهُ عَزَّوَجَلَّ لَهُ افْضَلَ مَصْلَحَتِهِ.[4]

  جيڪو انسان خدا جي حضور ۾ خالص عمل ۽ عبادت موڪليندو ته خدا ان لا بهترين مصلحت (جا اسباب ۽ برڪت) نازل ڪندو.

5.انَّ السَّعيدَ ڪلَّ السَّعيدِ، حَقَّ السَّعيدِ مَنْ احَبَّ عَليا في حَياتِهِ وَ بَعْدَ مَوْتِهِ.[5]

 بيشڪ سڀني کان وڌيڪ خوش نصيب ۽ حقيقي خوش نصيب اهو شخص آهي جيڪو علي عليه السلام جو  ـــ سندن زندگيءَ  ۽ دنيا مان رحلت کان بعد به ـــ حبدار آهي.

6. الهي وَ سَيدي ، اسْئَلُڪ بِالَّذينَ اصْطَفَيتَهُمْ، وَ بِبُڪاءِ وَلَدَي في مُفارِقَتي،انْ تَغْفِرَ لِعُصاةِ شيعَتي ، وَشيعَةِ ذُرّيتَي .[6]

اي منهنجا الله ، اي منهنجا مالڪ ، توکان سوال ٿي ڪريان ـــ توکي انهن ولين جو واسطو ڏئي ڪري جن کي تو پاڻ چونڊيو آهي ۽ پنهنجي ٻچڙن جي انهن لڙڪن جو جيڪي منهنجي جدائيءَ ۾ ڳاڙيندا ـــ اسان جي گناهگار شيعن کي بخشي ڇڏ.

7. شيعَتُنا مِنْ خِيارِ اهْلِ الْجَنَّةِ وَڪلُّ مُحِبّينا وَ مَوالى اوْليائِنا وَ مُعادي اعْدائِنا وَ الْمُسْلِمُ بِقَلْبِهِ وَ لِسانِهِ لَنا. [7]

 اسان جا پوئلڳ ۽ شيعا بهشتين مان سڀني کان وڌيڪ افضل آهن اهڙي طرح اسان جا حبدار ۽ اسان جي محبن جا حبدار ،اسان جي دشمنن جا دشمن ۽ اهڙي طرح دل ۽ زبان سان اسان اڳيان تسليم ٿيندڙ انسان (سڀني بهشتي ماڻهن کان  افضل آهن.)

8. وَاللّهِ يابْنَ الْخَطّابِ لَوْلا انّي اڪرَهُ انْ يصيبَ الْبَلاء مَنْ لاذَنْبَ لَهُ، لَعَلِمْتَ انّي سَاقْسِمُ عَلَى اللّه،ثُمَّ اجِدُهُ سَريعَ الا جابَةِ.[8]

 خدا جو قسم ! اي خطاب جا پٽ، جيڪڏهن بيگناهن مٿان الله جي عذاب جو ڊپ نه هجي ها ته تون ڏسين ها ته خدا کي قسم ڏيان ها (۽ بد دعا ڪيان ها) ۽ ڏسين ها ته ڪيترو جلدي هو منهنجي دعا قبول ڪري ٿو.

9. وَاللّهِ، لاڪلَّمْتُڪ ابَدا، وَاللّهِ لا دْعُوَنَّ اللّهَ عَلَيڪ في ڪلِّ صَلوةٍ. [9]

سندن گهر مٿان حملي واري واقعي کان بعد ابوبڪر سان مخاطب ٿيندي فرمايائون: خدا جو قسم ! هاڻي هرگز تو سان نه ڳالهيندس ۽ خدا جو قسم! هر نماز ۾ توکي بد دعا ڏيندس.

10.انّي اشْهِدُاللّهَ وَ مَلائِڪتَهُ، انَّڪما اسْخَطْتُماني ، وَ ما رَضيتُماني ، وَ لَئِنْ لَقيتُ النَبِي لا شْڪوَنَّڪما الَيهِ.[10]

گهر تي حملي واري واقعي کان پوءِ ۽ رحلت کان ڪجهه ڏينهن اڳ جڏهن ابوبڪر ۽ عمر ساڻن ملڻ آيا ته فرمايائون؛

تون ٻنهي مون کي ناراض ڪيو اهي ۽ مون کي راضي نه رکيو،  جڏهن نبيءَ (ص) سان ملندس ته کيس اوهان ٻنهي جي شڪايت ڪندس.

11.لاتُصَلّي عَلَي امَّة، نَقَضَتْ عَهْدَاللّهِ وَ عَهْدَ ابي رَسُولِ اللّهِ في اميرالْمُؤمنينَ عَلي،وَ ظَلَمُوالى حَقيّ، وَاخَذُوا ا رْثي، وَخَرقُوا صَحيفَتي اللّتي ڪتَبها لي ابي بِمُلْڪ فَدَڪ  [11]

 اهي ماڻهو منهنجي مٿان نماز (جنازه) نه پڙهن جن الله ۽ منهنجي والد الله جي رسول سان اميرالمومنين متعلق (خم غدير ۾) ڪيل عهد کي ٽوڙيو، جن منهنجو حق ظلم ڪندي کاڌو، جن منهنجي ميراث کسي ۽ منهنجي ان تحرير کي (ٽڪرا ٽڪرا ڪري) ڦاڙيو جيڪا مون کي فدڪ جي ملڪيت بابت بابا لکي ڏني هئي.

12.. الَيڪمْ عَنّي ، فَلا عُذْرَ بَعْدَ تعَذيرِڪمْ، وَالامْر بعد تقْصيرڪمْ، هَلْ تَرَڪ ابي يوْمَ غَديرِ خُمّ لاحَدٍ عُذْرٌ. [12]

سقيفي واري واقعي کان بعد مهاجرن ۽ انصارن کي مخاطب ڪندي فرمايائون: مون کان دور ٿي وڃو، توهان جي ڪوتاهيءَ ۽ سستيءَ کانپوءِ  ڪو بهانو باقي نه بچيو آهي، ڇا غدير واري ڏينهن کانپوءِ منهنجي بابا رسول الله (ص) توهان لاءِ ڪو بهانو ڇڏيو آهي؟

13.جَعَلَ اللّهُ الايمانَ تَطْهيرا لَڪمْ مِنَ الشِّرْڪ، وَ الصَّلاةَ تَنْزيها لَڪمْ مِنَ الْڪبْرِ، وَالزَّڪاةَ تَزْڪيةً لِلنَّفْسِ، وَ نِما فِي الرِّزقِ، وَالصِّيامَ تَثْبيتا لِلاخْلاصِ، وَالْحَّجَ تَشْييدا لِلدّينِ [13]

 الله  سائين، توهان لاءِ ايمان کي شرڪ کان پاڪائي ،نماز کي هٺ کان نجات، زڪات کي نفس جي  صفائي ۽ رزق جي واڌاري، روزي کي خلوص جي مضبوطيءَ ۽ حج کي دين جي استحڪام ۽ قوت لاءِ  مقرر ڪيو اهي.

14. يا ابَاالْحَسَنِ، انَّ رَسُولَ اللّهِ صَلَّى اللّهُ عَلَيهِ وَالِهِ عَهِدَ الَيَّ وَ حَدَّثَني انّي اوَّلُ اهْلِهِ لُحُوقا بِهِ وَلا بُدَّ مِنْهُ، فَاصْبِرْ لا مْرِاللّهِ تَعالى وَارْضَ بِقَضائِهِ. [14]

حضرت علي عليه السلام کي پنهنجي وفات جي خبر ڏيندي ۽ صبر جي تلقين ڪندي فرمايائون:

بيشڪ الله جي رسول (ص) مون کي خبر ڏني هئي ته سندس خاندان مان ساڻس ملڻ واري آءُ پهرئين هستي هوندس ۽ بيشڪ  ائين ضرور ٿيندو تنهنڪري خدا جي حڪم تي صبر ڪر ۽ سندس رضا تي راضي رهه.

15.مَنْ سَلَّمَ عَلَيهِ اوْ عَلَي ثَلاثَةَ ايامٍ اوْجَبَ اللّهُ لَهُ الجَنَّةَ، قُلْتُ لَها: في حَياتِهِ وَ حَياتِڪ؟ قالَتْ: نعَمْ وَ بَعْدَ مَوْتِنا. [15]

 جنهن منهنجي والد ۽ مون مٿان ٽي ڏينهن تائين سلام موڪليو ته خدا جنت ان تي واجب آهي (رواي پڇيو) ڇا توهان جي زندگيءَ ۾؟ پاڻ فرمايائون: ها ۽ اسان جي دنيا ڇڏڻ کان بعد به (ائين ئي آهي).

16.ما صَنَعَ ابُوالْحَسَنِ الا ما ڪانَ ينْبَغى لَهُ، وَلَقَدْ صَنَعُوا ما اللّهُ حَسيبُهُمْ وَ طالِبُهُمْ. [16]

 رسول الله (ص) جي ڪفن دفن ۽ نماز ۾ مشغول رهڻ ۽ ٻين جي خلافت تي قبضي ڪرڻ واري واقعي بابت فرمايائون:

جيڪو ڪجهه حضرت ابو الحسن علي عليه السلام ڪيو اهو سندس مٿان خدائي فرض هئو (جيڪو ادا ڪيائون) ۽ جيڪو ڪجهه ٻين ڪيو خدا انهن کان حساب وٺندو ۽ کين سزا ڏيندو.

17. خَيرٌ لِلِنّساء انْ لايُرينَ الرِّجالَ وَلايراهُنَّ الرِّجالُ. [17]

 عورتن لاءِ سڀني کان وڌيڪ  بهتر شيء اها آهي ته نه ڪنهن (نا محرم) مرد کي ڏسن ۽ نه ئي (نامحرم) مردن جي انهن مٿان نظر پوي.

18.اوُصيڪ يا ابَاالْحَسنِ انْ لاتَنْساني ، وَ تَزُورَنى بَعْدَ مَماتي .[18]

پنهنجي شوهر حضرت علي عليه السلام کي وصيت ڪندي فرمايائون:

اي ابوالحسن مون کي نه وسارجان ۽ منهنجي وفات کان پوءِ منهنجي زيارت لاءِ اچجان.

19.انّي قَدِ اسْتَقْبَحْتُ ما يصْنَعُ بِالنِّساءِ، انّهُ يطْرَحُ عَلىَ الْمَرْئَةِ الثَّوبَ فَيصِفُها لِمَنْ رَاى ، فَلا تَحْمِليني عَلى سَريرٍ ظاهِرٍ، اسْتُريني، سَتَرَڪ اللّهُ مِنَ النّارِ. [19]

 اسماءَ بن عميس کي وصيت ڪندي فرمايائون:

آءُ سٺو نه ٿي سمجهان جيڪو عورتن جي (جنازن) سان ڪيو ويندو آهي جو انهن مٿان فقط هڪ ڪپڙو رکيو ويندو آهي (جنهن سان سندن جسم نمايان هوندو آهي ، جنهن کي نامحرم مرد ڏسي ٿو ) ۽ ٻين کي ٻڌائي ٿو. تنهن ڪري مون کي کليل کٽ تي نه کڻجو. مون کي (تابوت ۾) لڪائجان، (دعا تي ڪريان ته )خدا تو کي جنهم جي باهه کان بچائيندو.

20... انْ لَمْ يڪنْ يراني فَانّى اراهُ، وَ هُوَ يشُمُّ الريح . [20]

هڪ انڌو شخص جڏهن سندن گهر ۾ آيو ته پاڻ ان کان پردو ڪيائون ،جڏهن ڪنهن ان جو سبب  پڇيو ته فرمايائون:

جيتوڻيڪ هو مون کي ڏسي نه ٿو سگهي ليڪن آءُ ته کيس ڏسي سگهان ٿي. ان کان علاوه اهو شخص ( عورتن جي) خوشبوءِ ته محسوس ڪري سگهي ٿو.

21.اصْبَحْتُ وَ اللّهِ! عاتِقَةً لِدُنْياڪُمْ، قالِيَةً لِرِجالِڪُمْ. [21]

فدڪ جي غصب ٿيڻ واري واقعي کان پوءِ مديني جي ڪجهه عورتن اڳيان پنهنجي غم و غصي جو اظهار ڪندي فرمايائون:

خدا جو قسم آءُ توهان جي دنيا کان بيزار ۽ توهان جي مردن مٿان غضبناڪ آهيان

22.انْ ڪُنْتَ تَعْمَلُ بِما امَرْناڪ وَ تَنْتَهي عَمّا زَجَرْناڪ عَنْهُ، قَانْتَ مِنْ شيعَتِنا، وَ الاّ فَلا. [22]

جيڪڏهن تون  اسان جي حڪم مطانق عمل ڪندو رهين ۽ ان کي ڇڏي ڏيندو رهين جنهن کان روڪيو اٿائين، ته اسان جي شيعن مان آهين ورنه اسان جي شيعن مان ناهين.

23.حُبِّبَ الَي مِنْ دُنْياڪمْ ثَلاثٌ: تِلاوَةُ ڪتابِ اللّهِ، وَالنَّظَرُ في وَجْهِ رَسُولِ اللّهِ، وَالاْنْفاقُ في سَبيلِ اللّهِ.[23]

توهان جي دنيا مان مونکي فقط ٽي شيون پسند آهن؛ هڪ قرآن مجيد جي تلاوت، الله جي رسول جي چهري جي زيارت ۽ الله جي راهه ۾ خرچ ڪرڻ.

24.خِيارِڪم اليَنُڪم مَناڪبَهُ و اڪرَمُهُم لِنِسائِهِم [24]

توهان مان سڀني کان وڌيڪ ڀلو اهو آهي جيڪو مردن سان وڌيڪ نرم  آهي ۽ پنهنجي عورتن جي وڌيڪ عزت ڪري ٿو

25. الْزَمْ رِجْلَها، فَانَّ الْجَنَّةَ تَحْتَ اقْدامِها، و الْزَمْ رِجْلَها فَثَمَّ الْجَنَّةَ.  [25]

پنهنجي امڙ جي خدمت ۾ رهه ،بيشڪ سندس قدمن هيٺان جنت آهي، سندس خدمت ۾ رهه پوءِ جنت ۾.

26. ما يصَنَعُ الصّائِمُ بِصِيامِهِ إذا لَمْ يصُنْ لِسانَهُ وَ سَمْعَهُ وَ بَصَرَهُ وَ جَوارِحَهُ. [26]

جيڪڏهن روزيدار پنهنجي زبان،اکين ۽ ڪنن تي ڪنٽرول نه ڪري ته پنهنجي روزن مان ڪو به فائدو وٺي نه سگهندو.

27.اَلْبُشْرى في وَجْهِ الْمُؤْمِنِ يوجِبُ لِصاحِبهِ الْجَنَّةَ، وَ بُشْرى في وَجْهِ الْمُعانِدِ يقي صاحِبَهُ عَذابَ النّارِ. [27]

مومن جي سامهون مسڪراهٽ، مسڪرائيندڙ لاءِ جنت جو سبب بڻجي ٿو. جڏهن ته دشمن جي سامهون مسڪراهٽ ، مسڪرائيندڙ لاءِ جهنم جي عذاب کان بچڻ جو سبب بڻجندو.

28. لايلُومَنَّ امْرُءٌ إلاّ نَفْسَهُ، يبيتُ وَ في يدِهِ ريحُ غَمَرٍ. [28]

اهو ماڻهو جيڪو (ماني کائڻ کانپوءِ) هٿ ڌوئڻ کانسواءِ سمهي پوي ته (جيڪڏهن ڪنهن مصيبت جو شڪار ٿئي) ته ڪنهن ٻئي جي ملامت نه ڪري

29. اصْعَدْ عَلَى السَّطْحِ، فَانْ رَايتَ نِصْفَ عَينِ الشَّمْسِ قَدْ تَدَلّى لِلْغُرُوبِ فَا عْلِمْني حَتّى ادْعُو. [29]

جمعي جي ڏينهن سج لهڻ وقت کي فرمايائون: گهر جي ڇت تي وڃ ۽ ڏس جڏهن اڌ سج غروب ٿي وڃي ته مون کي ٻڌاءِ ته جي دعا گهران.

 30. إنَّ اللّهَ يغْفِرُ الذُّنُوبَ جَميعا وَلايبالي.  [30]

بيشڪ الله سڀني ٻانهن جا گناهه معاف ڪري ٿو ۽ کيس ڪا پرواهه ناهي.

 31. الْجارُ ثُمَّ الدّارُ. [31]

انسان مٿان پاڙيسرين جي حقن ڏانهن اشارو ڪندي فرمايائون:

 پهريان پاڙيسري پوءِ گهر “

32.الرَّجُلُ اُحَقُّ بِصَدْرِ دابَّتِهِ، وَ صَدْرِ فِراشِهِ، وَالصَّلاةِ في مَنْزِلِهِ إلا الاْمام يجْتَمِعُ النّاسُ عَلَيهِ. [32]

هر انسان پنهنجي سواري، گهر جي فرش ۽ اتي نماز پرهڻ لاءِ ٻين تي وڌيڪ حق رکي ٿو سواءِ پيش امام  جي جنهن امامت تي ٻيا ماڻهو متفق آهن.

33. فَجَعَلَ اللّه ُ . . . اطاعَتَنا نِظاما لِلمِلَّةِ و إمامَتَنا امانا لِلفُرقَةِ  [33]

الله سائين اسان جي اطاعت کي امت لاءِ نظام ۽ اسان جي امامت کي تفرقي کان امان بڻايو آهي

34. إذا حُشِرْتُ يَوْمَ الْقِيامَةِ، اشْفَعُ عُصاةَ اُمَّةِ النَّبيَّ صَلَّى اللّهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَسَلَّمَ. [34]

جڏهن قيامت جو ڏينهن ٿيندو ته نبي صلى الله عليه وآله وسلم جي امت جي گناهگارن جي شفاعت ڪنديس

35. فَاڪثِرْ مِنْ تِلاوَةِ الْقُرآنِ، وَالدُّعاءِ، فَانَّها ساعَةٌ يحْتاجُ الْمَيتُ فيها الى اُنْسِ الاْحْياءِ.[35]

حضرت علي عليه السلام کي وصيت ڪندي فرمايائون: (جڏهن مون کي دفن ڪئي ته) منهنجي لاءِ قرآن واڪ جي تمام گهڻي تلاوت ڪر ۽ دعا گهر بيشڪ دنيا ڇڏڻ وارو ان حال ۾ انهن ٻنهي جو زندن کان وڌيڪ محتاج آهي.

36.يا ابَا الحَسَن ، انّي لا سْتَحي مِنْ الهي انْ اڪلِّفَ نَفْسَڪ مالاتَقْدِرُ عَلَيهِ. [36]

پنهنجي شوهر حضرت اميرالمومنين علي عليه السلام  کي مخاطب ڪندي فرمايائپن:

اي ابوالحسن ، مون کي خدا کان حياءُ ٿو اچي ته توهان کان اهڙي شيءِ جي گهر ڪيان ،جنهن کي اوهان مهيا ڪري نه سگهو.

 37. خابَتْ اُمَّةٌ قَتَلَتْ ابْنَ بِنْتِ نَبِيها.[37]

بدنصيب آهي اها قوم جيڪاپنهنجي نبيءَ جي نياڻيءَ جي پٽ کي قتل ڪري.

38.يا أڪرَمَ الاڪرَمينَ ، ومُنتَهى اُمنِيَّةِ السّائِلينَ ، انتَ مَولايَ ، فَتَحتَ لي بابَ الدُّعاءِ وَالاِنابَةِ ، فَلا تُغلِق عَنّي بابَ القَبولِ وَالاجابَةِ [38]

اي سڀني کان وڌيڪ عزت وارا ۽ سوالين جي آخري اميد، توئي منهنجو مالڪ آهين ، تو منهنجي لاءِ دعا ۽ تو به جو در کوليو آهي ، ته پوءِ قبوليت جو در مون مٿان بند نه ڪر

39 . فَرَضَ اللّه ُ مُجانَبَةَ اڪلِ أموالِ اليَتامى اجارَةً مِن الظُّلمِ  [39]

الله پاڪ يتيمن جي مال کائڻ کي ظلم  روڪڻ لاءِ حرام ڪيو آهي

40. امّا وَاللّهِ، لَوْتَرَڪوا الْحَقَّ عَلى اهْلِهِ وَاتَّبَعُوا عِتْرَةَ نَبيه ، لَمّا اخْتَلَفَ فِي اللّهِ اثْنانِ، وَلَوَرِثَها سَلَفٌ عَنْ سَلَفٍ، وَخَلْفٌ بَعْدَ خَلَفٍ حَتّى يقُومَ قائِمُنا، التّاسِعُ مِنْ وُلْدِ الْحُسَينِ عَلَيهِالسَّلام [40]

خدا جو قسم! جيڪڏهن حق کي حق وارن وٽ رهڻ ڏين ها ته خدا جي باري ۾ ڪو به اختلاف نه ڪري ها ۽ ان کي هڪ پوءِ هڪ ۽ هر جانشين کان بعد ايندڙ جانشين وٺندو رهي ها ايستائين جو اسان جو قائم قيام ڪري ها جيڪو حسين عليه السلام جي نسل مان نائون هوندو.

حـــــوالا .....



[1] - شرح نهج البلاغه ابن ابي الحديد: ج 16، ص 211

[2] - رياحين الشّريعة : ج 1، ص 93

[3] - بحارالا نوار: ج 23، ص 259، ح 8

[4] - ساڳيو: ج 67، ص 249، ح 25

[5] - شرح نهج البلاغه ابن ابي الحديد: ج 2، ص 449 

[6] - ڪوڪب الدّري: ج 1، ص 254

[7] - بحارالا نوار: ج 68، ص 155

[8] - اصول يافي : ج 1، ص 460

[9] -  صحيح مسلم : ج 2، ص 72، صحيح بخاري : ج 6، ص 176

[10] - بحارالا نوار: ج 28، ص 303، صحيح مسلم : ج 2، ص 72، بخاري : ج 5، ص 5.

[11] - بيت الا حزان : ص 113، ڪشف الغمّة : ج 2، ص 494.

[12] - خصال : ج 1، ص 173، احتجاج : ج 1، ص 146.

[13] - رياحين الشّريعة : ج 1، ص 312،

[14] - بحارالا نوار: ج 43، ص 200، ح 30.

[15] - بحارالا نوار: ج 43، ص 185، ح 17.

[16] - الامامة والسّياسة : ص 30، بحارالا نوار: ج 28، ص 355، ح 69.

[17] - بحارالا نوار: ج 43، ص 54، ح 48.

[18] - زهرة الرّياض ڪوڪب الدّري : ج 1، ص 253.

[19] - تهذيب الا حڪام : ج 1، ص 429، ڪشف الغمّه : ج 2، ص 67

[20] - بحارالا نوار: ج 43، ص 91، ح 16، ا حقاق الحقّ: ج 10، ص 258.

[21] - دلائل الا مامة : ص 128، ح 38، معاني الا خبار: ص 355، ح 2.

[22] تفسير الا مام العسڪري عليه السلام : ص 320، ح 191

[23] - وقایع الايام خياباني، جلد صيام، ص295

[24] - دلائل الإمامة (ط - الحديثة) ؛ ؛ ص76

[25] - ڪنز العمّال : ج 16، ص 462، ح 45443.

[26] - مستدرڪ الوسائل : ج 7، ص 336، ح 2، بحارالا نوار: ج 93، ص 294، ح 25.

[27] - تفسير الا مام العسڪري عليه السلام : ص 354، ح 243، مستدرڪ الوسائل : ج 12، ص 262

[28] - ڪنز العمّال : ج 15، ص 242، ح 40759.

[29] - دلائل الا مامة : ص 71، س 16، معانى الا خبار: ص 399،

[30] - تفسير التّبيان : ج 9، ص 37، س 16.

[31] - علل الشّرايع : ج 1، ص 183، بحارالا نوار: ج 43، ص 82، ح 4.

[32] - مجمع الزّوائد: ج 8 ، ص 108 ، مسند فاطمه : ص 33 و 52.

[33] - الاحتجاج على اهل اللجاج (للطبرسي) ؛ ج‏1 ؛ ص99

[34] - احقاق الحقّ: ج 19، ص 129.

[35]-بحارالا نوار: ج 79، ص 27، ضمن ح 13

[36] - امالي شيخ طوسى : ج 2، ص 228

[37] - مدينة المعاجز: ج 3، ص 430

[38] -  فلاح السائل و نجاح المسائل، ص: 175

[39] - بحار الانوار (ط - بيروت) ؛ ج‏6 ؛ ص108

[40] - الا مامة والتبصرة : ص 1، بحارالا نوار: ج 36، ص 352، ح 224