Get Adobe Flash player

   ڪيترن ئي مومنين ڪرام جي ذهن ۾ اهو سوال موجود آهي ته حضرت بيبي زهرا(عليها السلام) جي مزار ڪٿي آهي ؟ ڇاڪاڻ ته مولاءِ ڪائنات حضرت علي عليه السلام نبيءَ ڪريم (صلى الله عليه وآله) جي پياري نياڻي ۽ پنهنجي پارسا ۽ صديقه گهرواريءَ کي سندن وصيت مطابق جڏهن رات جو غسل ڏنو،ڪفن ڏنو، نماز جنازه ادا ڪئي اهڙي طرح کين رات جي انڌهيري ۾

اهڙي جاءِ تي دفن ڪيو، جنهن جي خبر سواءِ سندن خاندان ۽ ڪجهه قابل اعتماد ساٿين جي ڪنهن کي پئجي نه سگهي ۽ اهڙي طرح اسلامي دنيا تي آيل اموي ۽ عباسي حڪمرانن جو ظلم، ڏاڍ ۽ جهالت ڀرئي حڪمرانيءَ واري دور ۾ به ان راز تان پردو کڄي نه سگهيو ته سندن مزار ڪٿي آهي؟

           جڏهن اسلامي تاريخ ۽ بزرگ  محققن جي تحقيق تي نظر وجهون ٿا ته خبر پوي ٿي ته ان مسئلي بابت عالمن جا چارنظريا ۽ قول مشهور آهن، جن کي اسان هتي تفصيل سان بيان ڪيون ٿا.

1. جنت البقيع ۾ دفن ٿيل آهن:

ڪجهه محقق جي چوڻ مطابق سندن مزار جنت البقيع ۾ آهي جهڙوڪ اربلي ڪشف الغمه ۽ سيد مرتضى عيون المعجزات ۾ ۽ اهڙي طرح اهل سنت جا ڪجهه عالم ان قول جا قائل ٿيا آهن. سندن مطابق جنت البقيع ۾ چئن امام پاڪن جي مزار مٿان موجود هڪ قبر سائڻ زهرا (سلام الله عليها) جي آهي.  

علامه مجلسي لکي ٿو: جڏهن حضرت علي عليه السلام سائڻ زهرا (سلام الله عليها) جي تابوت کي نماز پڙهڻ واري جاءِ تي آندو ۽ نماز پڙهي ۽ پوءِ  آسمان طرف هٿ بلند ڪري فرمايو: اي پالڻهار هيءَ فاطمه (سلام الله عليها) تنهنجي نبيءَ جي نياڻي آهي جنهن کي دنيا جي اندهيري کان آخرت جي نورانيت طرف موڪلي رهيو آهيان. ان وقت هڪ آواز آيو: ”بقيع سندس مدفن آهي،اتي وڃو“ ، جڏهن تابوت کڻي اتي پهتا ته هڪ اڳواٽ تيار ٿيل قبر ڏٺائون ۽ اتي  ئي کين دفن ڪيائون [1]

اهڙي طرح مشهور سني عالم دين ابن جوزي لکي ٿو فاطمه (سلام الله عليها) بقيع ۾ دفن ٿيل آهي

          شايد ان نظريي جو سبب اهو آهي ته حضرت علي عليه السلام سائڻ زهرا (سلام الله عليها ) کي دفن ڪرڻ کانپوءِ بقيع ۾ چاليهه قبرون ٺاهيون ۽ جڏهن مخالفن سندن قبر کوٽڻ جو ارادو ڪيو ته پاڻ تمام گهڻو ناراضگيءَ جو اظهار ڪيو ۽ کين قتل ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني. امام  عليه السلام جي اهڙي قسم جي طرز عمل مان ڪجهه محققن اهوسمجهيو آهي ته انهن چاليهه قبرن مان هڪ سائڻ جي هئي.

مشهور تاريخي ڪتاب،اخبار مدينه جو مصنف علامه نور الدين سمهودي لکي ٿو ته سڀني کان وڌيڪ ڀروسي جوڳو نظريو اهو آهي ته سائڻ جي مزار بقيع ۾ آهي،جيتوڻيڪ ڪجهه محققن جي چوڻ مطابق جنت البقيع ۾ موجود قبر فاطمه بنت اسد (حضرت علي عليه السلام جي امڙ) جي آهي، نه حضرت  فاطمه زهرا (سلام الله عليها) جي.[2]

2. عقيل بن ابي طالب جي گهر ۾دفن ٿيل آهن

ڪجهه سني مورخن جهڙوڪ  ڪتاب طبقات الڪبرى جي مولف ابن سعد جو نظريو آهي ته حضرت بيبي فاطمه (سلام الله عليها) حضرت علي عليه السلام جي ڀاءُ عقيل جي گهر ۾ دفن ٿيل آهي.[3]

3. روضه رسول  ۾ رسول الله (صلى لله عليه وآله)  سان گڏ دفن ٿيل آهن:

ڪجهه  مححقن جو چوڻ آهي ته سائڻ کي پنهنجي والد حضرت محمد مصطفى (صلى لله عليه وآله)  جي روضي ۾ دفن ڪيو ويو آهي تنهن ڪري سندن مزار سندن والد سان گڏ آهي.

علامه مجلسي محمد بن همام کان روايت ڪئي ته ته چيائين : حضرت علي عليه السلام سائڻ زهرا(سلام الله عليها) کي روضه رسول (ص) ۾ دفن ڪيو ليڪن ان جا آثار ختم ڪري ڇڏيائين.[4]

اهڙي طرح علامه مجلسي ڪنيز حضرت زهرا بيبي فضّه کان روايت ڪري ٿو ته رسول الله (صلى لله عليه وآله) جي روضي تي سائڻ فاطمه س مٿان نماز پڙهي وئي ۽ کين اتي دفن ڪيو ويو.[5]

شيخ طوسي لکي ٿو ته ان نظرئي جي تاييد رسول الله (صلى لله عليه وآله) جي هن قول سان ممڪن آهي جنهن ۾ پاڻ فرمايو اٿائون ته منهنجي روضي ۽ منبر جي وچ ۾ جنت جي باغن مان هڪ باغ آهي.

        ان نظرئي جو هڪ دليل اهو به آهي ته حضرت عليه السلام سائڻ مٿان روضه رسول  ۾ نماز پڙهڻ کانپوءِ فرمايو : اي الله جا رسول(صلى لله عليه وآله)! منهنجو سلام هجي توهان تي ۽ توهان جي نياڻيءَ مٿان جيڪا تنهنجي پاسي ۾ دفن ٿيل آهن.

4. سندن پنهنجي ئي گهر ۾ دفن ٿيل آهن جيڪو بعد ۾ مسجدنبويءَ ۾ ضم ٿي ويو

ڪجهه ٻين محققن جي مطابق کين مسجد نبويءَ سان گڏ موجود سندن پنهنجي ئي گهر ۾ دفن ڪيو ويو هئو ، جيڪو بعد ۾ مسجد نبويءَ جي توسعي منصوبي جو شڪار ٿيو ۽ ٻين ڪيترن ئي  گهرن وانگر مسجد نبويءَ جو ئي حصو ٿي ويو آهي.

هن قول بابت تمام گهڻيون روايتون ۽ دليل به موجود آهن. مثلا طور هڪ روايت ۾ آيو آهي ته :

حضرت علي عليه السلام سائڻ فاطمه (سلام الله عليها)  کي دفن ڪرڻ کانپوءِ پنهنجي جاءِ تان اٿيا ۽ روضه رسول (ص) طرف منهن ڪري فرمايائون: اي الله جا رسول(صلى لله عليه وآله)  ! منهنجو ۽ تنهنجي ان نياڻيءَ جو سلام هجي توهان تي جيڪا تنهنجي پاڙي ۾ دفن ٿي آهي، جڏهن ته اسان کي خبر آهي ته سائڻ جو گهر روضه رسول (ص) سان گڏ هئو.[6]

شيخ صدوق  عليه الرحمه (متوفى 389 هجري) لکي ٿو: مون وٽ ثابت ٿي چڪو آهي ته فاطمه (سلام الله عليها)  کي سندن گهر ۾ ئي دفن ڪيو ويو ليڪن بعد ۾ مسجد کي وسعت ڏيڻ سبب سندن مزار مسجد ۾ اندر اچي وئي آهي. جنهن سال آءُ حج جي سفر تي ويس ته مديني ۾ حضرت زهرا (سلام الله عليها)  جي گهر طرف ــــ  جيڪو باب جبرائيل وٺي کان روضه رسول (ص) جي سائي گنبذ واري حصي جي سامهون هڪ ٿنڀ جي صورت ۾ آهي ــــ منهن ڪري بيٺس ۽ اتي ئي سندن زيارت پڙهيم [7]

سيد محسن امين عاملي چوي ٿو: سائڻ زهرا (عليها السلام) کي سندن گهر ۾ ئي دفن ڪيو ويو ۽ اهو ئي قول وڌيڪ صحيح محسوس ٿئي ٿو.

شيخ طوسي لکي ٿو: رسول الله(صلى لله عليه وآله) جي گهر (روضي) ۾ سائڻ زهرا (سلام الله عليها)  جي زيارت ڪري سگهين ٿو ليڪن ڪجهه عالم سمجهن ٿا ته کين سندن گهر ۾ دفن ڪيو ويو ،منهنجي نزديڪ اهي ٻئي قول ويجها۽ بهتر آهن . تنهن ڪري مناسب اهو آهي ته انهن ٻنهي جاين تي سندن زيارت ڪئي وڃي. باقي بقيع ۾ سندن دفن ٿيڻ واري  روايت صحيح نه ٿي لڳي. [8]

حوالا .....



[1]بحار الانوار ج 43 ص 215

[2]- اخبار مدينه (خلاصة الوفاء باخبار دار المصطفى) ص291

[3]-طبقات، ابن سعد، ج 8، ص 20؛ اخبار مدينه، ص 290.

[4]بحار الانوار ج 43 ص 171

[5]- بحار الانوار ج 43 ص 181

[6]- نهج البلاغه، ترجمه فيض الاسلام، ص652، خطبه195.

[7]- من لايحضره الفقيه، شيخ صدوق، ج2، ص469 و 906.

[8]-بحارالانوار، ج 97، ص 196 ـ 197