Get Adobe Flash player

بسم الله الرحمن الرحيم

يا مُمْتَحَنَهُ امْتَحَنَڪ اللَّهُ الَّذِي خَلَقَڪ قَبْلَ انْ يخْلُقَڪ فَوَجَدَڪ لِمَا امْتَحَنَڪ صَابِرَهً وَ زَعَمْنَا انَّا لَڪ اوْلِياءُ وَ مُصَدِّقُونَ وَ صَابِرُونَ لِڪلِّ مَا اتَانَا بِهِ ابُوڪ صَلَّى اللَّهُ عَلَيهِ وَ آلِهِ وَ اتَى (اتَانَا) بِهِ وَصِيهُ‏ فَانَّا نَسْالُڪ انْ ڪنَّا صَدَّقْنَاڪ الا الْحَقْتِنَا بِتَصْدِيقِنَا لَهُمَا لِنُبَشِّرَ انْفُسَنَا بِانَّا قَدْ طَهُرْنَا بِوِلايتِڪ‏

 

اي امتحان ڏيڻ واري سائڻ !،جنهن کان الله پاڪ خلقت کان اڳ امتحان ورتو ۽ توهان کي ان امتحان ۾ صابر پاتو،اسان پاڻ کي توهان جو حبدار سمجهون ٿا ۽ اوهان جي (عظيم مرتبي جي) تصديق ڪيون ٿا ۽  هر ان حڪم تي فرمانبردار ۽ صابر آهيون جيڪو اوهان جو والد (صلى الله عليه وآله) ۽ سندن جانشين (عليه السلام) کڻي آيا .اسان درخواست ڪيون ٿا ته جيڪڏهن اسان توهان جي تصديق ڪيون ته اسان کي رسول ۽ سندن وصيءَ  (عليهما السلام) جي تصديق  سبب پاڻ سان گڏايو ته جيئن اسان پاڻ کي اها خوشخبري ڏئي سگهون ته توهان جي ولايت ذريعي اسان (گناهن کان) پاڪ ٿي ويا آهيون.

السَّلامُ عَلَيڪ يا بِنْتَ رَسُولِ اللَّهِ السَّلامُ عَلَيڪِ يا بِنْتَ نَبِي اللَّهِ‏  السَّلامُ عَلَيڪِ يا بِنْتَ حَبِيبِ اللَّهِ السَّلامُ عَلَيڪِ يا بِنْتَ خَلِيلِ اللَّهِ‏،السَّلامُ عَلَيڪِ يا بِنْتَ صَفِي اللَّهِ السَّلامُ عَلَيڪِ يا بِنْتَ امِينِ اللَّهِ السَّلامُ عَلَيڪِ يا بِنْتَ خَيرِ خَلْقِ اللَّهِ‏ السَّلامُ عَلَيڪِ يا بِنْتَ افْضَلِ انْبِياءِ اللَّهِ وَ رُسُلِهِ وَ مَلائِڪتِهِ‏  السَّلامُ عَلَيڪ يا بِنْتَ خَيرِ الْبَرِيهِ السَّلامُ عَلَيڪ يا سَيدَهَ نِسَاءِ الْعَالَمِينَ مِنَ الْاوَّلِينَ وَ الْآخِرِينَ‏  السَّلامُ عَلَيڪ يا زَوْجَهَ وَلِي اللَّهِ وَ خَيرِ الْخَلْقِ بَعْدَ رَسُولِ اللَّهِ‏السَّلامُ عَلَيڪ يا اُمَّ الْحَسَنِ وَ الْحُسَينِ سَيدَي شَبَابِ اهْلِ الْجَنَّهِ

سلام هجي اوهان تي اي الله جي رسول جي نياڻي!  سلام هجي توهان تي اي الله جي نبيءَ جي نياڻي!سلام هجي توهان تي اي الله جي حبيب نياڻي! سلام هجي توهان تي اي الله جي خاص دوست جي نياڻي !سلام هجي توهان تي اي الله جي مخلص ٻانهي جي نياڻي! سلام هجي توهان تي الله جي امين جي نياڻي!سلام هجي توهان تي اي الله جي مخلوق  ۾ سڀني کان بهتر شخص جي نياڻي!سلام هجي توهان تي اي الله جي رسولن،نبين ۽ فرشتن کان افضل انسان جي نياڻي! سلام هجي توهان تي اي مخلوق مان سڀني کان بهتر هستيءَ جي نياڻي! سلام هجي توهان تي  اي ڪائنات جي انهن سڀني عورتن جي سردار ! جيڪي پهرين ۽ پوءِ ايندڙن مان آهن. سلام هجي توهان تي اي الله جي وليءَ جي گهرواري ! جيڪو رسول الله (صلى الله عليه وآله)  کان پوءِ بهترين مخلوق آهي. سلام هجي توهان تي اي امام حسن ۽ امام حسين (عليهما السلام) جي امڙ! جيڪي جنت جي جوانن جا سردار آهن.

السَّلامُ عَلَيڪ ايتُهَا الصِّدِّيقَهُ الشَّهِيدَهُ السَّلامُ عَلَيڪِ ايتُهَا الرَّضِيهُ الْمَرْضِيهُ السَّلامُ عَلَيڪ ايتُهَا الْفَاضِلَهُ الزَّڪيهُ السَّلامُ عَلَيڪ ايتُهَا الْحَوْرَاءُ الْانْسِيهُ  السَّلامُ عَلَيڪِ ايتُهَا التَّقِيهُ النَّقِيهُ السَّلامُ عَلَيڪ ايتُهَا الْمُحَدَّثَهُ الْعَلِيمَهُ، السَّلامُ عَلَيڪِ ايتُهَا الْمَظْلُومَهُ الْمَغْصُوبَهُ،السَّلامُ عَلَيڪِ ايتُهَا الْمُضْطَهَدَهُ الْمَقْهُورَهُ

سلام هجي توهان تي اي الله جي راهه ۾ شهيد ٿيڻ واري سچي سائڻ! سلام هجي توهان تي  اي اها سائڻ جيڪا الله  (جي رضا تي) راضي آهي ۽ الله به کائنس راضي آهي! سلام هجي توهان تي اي فضيليت واري ۽ پاڪ سائڻ! سلام هجي توهان  اي انسان جي روپ ۾ آيل حور! سلام هجي توهان تي اي پاڪ ۽ پاڪيزه! سلام هجي توهان تي اي خدائي الهام ذريعي تعليم وٺندڙ سائڻ! سلام هجي توهان تي اي اها مظلومه سائڻ، جنهن جو حق غصب ڪيو ويو! سلام هجي توهان تي اي ڏکويل ۽ دشمنن جي ستايل  سائڻ!

السَّلامُ عَلَيڪِ يا فَاطِمَهُ بِنْتَ رَسُولِ اللَّهِ وَ رَحْمَهُ اللَّهِ وَ بَرَکَاتُهُ،صَلَّى اللَّهُ عَلَيڪِ وَ عَلَى رُوحِڪِ وَ بَدَنِڪِ‏،اشْهَدُ انَّڪِ مَضَيتِ عَلَى بَينَهٍ مِنْ رَبِّڪِ وَانَّ مَنْ سَرَّڪِ فَقَدْ سَرَّرَسُولَ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيهِ وَ آلِهِ‏، وَ مَنْ جَفَاڪِ فَقَدْ جَفَا رَسُولَ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيهِ وَ آلِهِ‏،وَ مَنْ آذَاڪِ فَقَدْ آذَى رَسُولَ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيهِ وَ آلِهِ‏،وَ مَنْ وَصَلَڪِ فَقَدْ وَصَلَ رَسُولَ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيهِ وَ آلِهِ‏،وَ مَنْ قَطَعَڪِ فَقَدْ قَطَعَ رَسُولَ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيهِ وَ آلِهِ‏،لِانَّڪِ بَضْعَهٌ مِنْهُ وَ رُوحُهُ الَّذِي بَينَ جَنْبَيهِ کَمَا قَالَ صَلَّى اللَّهُ عَلَيهِ وَ آلِهِ‏

 سلام هجي توهان تي اي فاطمه بنت رسول خدا (صلى الله عليه وآله)، توهان مٿان الله جي رحمتون ۽ برڪتون هجن! الله جون رحمتون هجن توهان تي ،اوهان جي برڪت ڀرئي وجود ۽ پاڪ روح تي!

گواهي ٿو ڏيان ته توهان الله جي روشن دليل (۽ يقين جي منزل)  تي دنيا ڇڏي ،جنهن توهان کي خوش ڪيو تنهن رسول الله  (صلى الله عليه وآله)  کي خوشحال ڪيو،۽ جنهن توهان سان جفا ڪئي ان رسول خدا (صلى الله عليه وآله)   سان جفا ڪئي.جنهن توهان سان ناتو جوڙيو، ان رسول الله (صلى الله عليه وآله)  سان ناتو جوڙيو۽ جنهن توهان کان رستو ٽوڙيو ان رسول الله (صلى الله عليه وآله)  سان سان واسطو ڇڏيو. ڇاڪاڻ ته توهان سندن ذات ۽ ٻنهي پاسن جي وچ ۾ موجود  سندن روح جو حصو آهي، جنهن بابت پاڻ سڳورن (صلى الله عليه وآله)  به فرمايو آهي.

اُشْهِدُ اللَّهَ وَ رُسُلَهُ وَ مَلائِڪتَهُ انِّي رَاضٍ عَمَّنْ رَضِيتِ عَنْهُ سَاخِطٌ عَلَى مَنْ سَخِطْتِ عَلَيهِ‏ ،مُتَبَرِّئٌ مِمَّنْ تَبَرَّئتِ مِنْهُ مُوَالٍ لِمَنْ وَالَيتِ مُعَادٍ لِمَنْ عَادَيتِ‏ مُبْغِضٌ لِمَنْ ابْغَضْتِ مُحِبٌّ لِمَنْ احْبَبْتِ وَ ڪفَى بِاللَّهِ شَهِيداً وَ حَسِيباً وَ جَازِياً وَ مُثِيباً

آءُ الله سائين،سندن رسولن ۽ پاڪ ملائڪن کي گواهه بڻايان ٿو ته هران کان اضي آهيان جنهن کان توهان راضي آهيو ۽ ان ناراض آهيان جنهن کان اوهان ناراض آهيو. جنهن کان اوهان بيزار آهيو، بيزار آهيان ۽ ان جو دوست آهيان جيڪو اوهان جو دوست آهي ۽ ان جو دشمن آهيان جنهن کي توهان دشمن سمجهيو ٿيون. جنهن تي اوهان ڏمريل آهيو تنهن کان ناراض آهيان ۽ جنهن کي توهان پسند ڪيو ٿيون تنهن جو حبدار آهيان. (منهنجي ان ايمان تي) گواهيءَ لاءِ الله ڪافي آهي جيڪو حساب ڪندڙ ،جزا ۽ ثواب ڏيندڙ آهي.

 

التماس دعا