Get Adobe Flash player

هن هڪ ڏينهن پنهنجي ماضيءَ تي نظر وڌي ۽ کيس پنهنجا اهي سخت ۽ ڏک ڀريا ڏينهن ياد ٿي آيا جيڪي گذاري چڪو هئو، اهي ڏينهن جي به ياد ٿي آيس جڏهن هو پنهنجي عيال ۽ معصوم ٻارن لاءِ هڪ ڏينهن جو کاڌو مهيا ڪرڻ کان به لاچار هئو

. سوچيائين پئي ته ڪيئن هڪ ننڍڙي جملي ـــ جيڪو کيس ٽي دفعا ٻڌو هئائين ــــ سندس دل کي مضبوط ڪيو۽ سندس زندگيءَ ۾ انقلاب آڻي ڇڏيو، ايستائين جو هن غربت ۽ تنگ دستيءَ کان نجات ملي وئي.

هيءُ شخص، رسول خدا (صلي الله عليه و آله وسلم)  جي صحابين مان هڪ صحابي هئو، جڏهن غربت ۽ تنگ دستيءَ سندس مٿان غلبو ٿيو ايستائين جو بک جي ڇري پنهنجي ڳلي تي محسوس ڪيائين ته پنهنجي گهرواريءَ جي مشوري سان رسول الله (صلي الله عليه و آله وسلم)  جي خدمت ۾ ويو ۽ کيس پنهنجي زندگيءَ جي حالات کان آگاهه ڪندي کائنس مدد جي تقاضا ڪري.

اها نيت ڪري رسول خدا (صلي الله عليه و آله وسلم) جي خدمت ۾ پهتو ليڪن ان کان پهريان جو ڪجهه چوي رسول الله ص کي چوندي ٻڌائين:

   ”جيڪو اسان کان مدد وٺندو،اسان ان جي مدد ڪنداسين، ليڪن جيڪوشخص بي نياز رهي ۽ ٻين اڳيان هٿ نه ڦهلائي ته خداوند ڪريم کيس بي نياز ڪندو.“

   هو انهيءَ ڏينهن واپس پنهنجي گهر موٽي ويو، ليڪن غربت کيس ويهڻ نه ڏنو تنهن ڪري ٻئي ڏينهن وري انهي نيت سان رسول خدا صه جي خدمت ۾ حاضر ٿيو ليڪن ٻيهر رسول الله (صلي الله عليه و آله وسلم)  کي چوندي ٻڌائين:

   ”جيڪو اسان کان مدد وٺندو،اسان ان جي مدد ڪنداسين، ليڪن جيڪوشخص بي نياز رهي ۽ ٻين اڳيان هٿ نه ڦهلائي ته خداوند ڪريم کيس بي نياز ڪندو.“

 هي وري به پنهنجي حاجت بيان ڪري نه سگهيو ۽ بغير ڪجهه چوڻ جي گهر واپس موٽي آيو، ليڪن پنهنجي مجبوري ۽ غربت ڏسي ٽيون ڀيرو رسول خدا (صلي الله عليه و آله وسلم)  وٽ حاضر ٿيو،  ليڪن وري به  کين ساڳيا ئي جملا چوندي ٻڌائين .

هن دفعي اهي جملا ٻڌندي سندس دل کي اطمينان حاصل ٿيو۽ محسوس ڪيائين ته سندس مشڪلن جو حل ان ئي جملي ۾ پوشيده است ،هاڻي جڏهن ٻاهر نڪتو ته سندس قدمن ۾ آرام ۽ سڪون هئو ،هاڻي فيصلو ڪيائين ته هاڻي ٻانهن جي مدد تي نه ڀاڙيندس ۽ الله تعالى تي توڪل ڪندس ۽ سندس ڏنل طاقت ،قوت ۽ صلاحيت کان فائدو وٺندس، اميد ته اهو ئي مون کي ڪامياب ۽ ٻين کان بي نياز ڪندو.

پوءِ سوچيائين ته آءُ ڪهڙو ڪم ڪري سگهان ٿو؟ ذهن ۾ آيس ته مان بيابان مان ڪاٺيون گڏ ڪري شهر ۾ اچي وڪڻان، تنهنڪري ڪنهن کان امانت طور ڪهاڙي ورتائين ۽ بيابان ۾ ويو، وڃي ڪاٺيون گڏ ڪيائين اهي کڻي  اچي شهر ۾ کپايائين ۽ ائين پنهنجي محنت جي ڦل جو مزو چکيائين. پوءِ ائين ڪم ڪندي پنهنجي ڪمائيءَ مان ڪهاڙي ، جانور ۽ ٻيون ضروري شيون ورتائين.۽ ڪجهه ئي ڏينهن ۾ تمام گهڻو دولتمند ٿي ويو.

هڪ ڏينهن جڏهن وري رسول الله (صلي الله عليه و آله وسلم) جي خدمت ۾ حاضر ٿيو ته پاڻ ان ڏانهن نگاهه ڪئي ۽ مسڪرائيندي فرمايو: ڏس مون نه چيو هئو ته:

   ”جيڪو اسان کان مدد وٺندو،اسان ان جي مدد ڪنداسين، ليڪن جيڪوشخص بي نياز رهي ۽ ٻين اڳيان هٿ نه ڦهلائي ته خداوند ڪريم کيس بي نياز ڪندو.“

 

 ( اصول ڪافي ، ج2، ص 139، باب القناعه و سفينه البحار ، ماده قنع)