Get Adobe Flash player

ويب اسٽيٽس

stats online

آنلائن صارفن جو تعداد

اسان سان گڏ 70 مہمان ۽ 0 رڪن آنلائن آهن

شيعه دوست فونٽس

ويب سائيٽ کي بهتر نموني ڏسڻ لاءِ سنڌي فونٽ ڊائون لوڊ ڪريو

هن ڪتاب ۾ امام ڪاظم عليه السلام جي سياسي ڪردار ۽ سندن انجام ڏنل ڪارنامن تي هڪ تجزياتي نگاهه وڌي وئي آهي ۽ امام (ع) جي عظيم جدوجهد کي بهترين نموني ذڪر ڪيو ويو آهي،هيءُ ڪتاب 84 صفحن تي مشتمل آهي  .  هيءُ ڪتاب حقيقت ۾ مشهور شيعه مورّخ رسول جعفريان جي تحرير آهي . اسان ان  تحرير  جو سنڌي ترجمو ڪري اوهان جي اڳيان پيش ڪري رهيا آهيون.  حجت الاسلام والمسلمين جناب رسول جعفريان جو شمار اسلامي دنيا جي بهترين تاريخدانن مان ٿئي ٿو جن اسلامي تاريخ جو مختلف حوالن سان تجزياتي مطالعو ڪيو آهي ۽ ڪيترن ئي ناياب موضوعن تي انتهائي اهم ڪتاب ۽ تحقيقي رسالا شايع ڪيا آهن.

      جيتوڻيڪ اوهان کي  هن ڪتاب جي روش، سوانح عمري بابت عام رواجي ڪتابن کان مختلف نظر ايندي، ليڪن تحقيق ۽ تجزياتي قلم جي سونهن هر جاءِ تي محسوس ٿيندي.  ڪتاب جي آخري حصي ۾ بزرگ عالمن جي پيروي ڪندي امام عليه السلام جي انمول نصيحتن مان چاليهه املهه حديثون ترجمي سان گڏ ذڪر ڪيون اٿئون. هيءُ حديثون جتي امام (ع) جي بيڪران علمي بحر جي گهرائيءَ جو ڏس ڏين ٿيون، اتي انسانيت لاءِ پڻ هڪ بهترين علمي اخلاقي درس پڻ آهن.

 

ڊائون لوڊ ڪرڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو