Get Adobe Flash player

هڪ شخص حج جي سفر کان واپس موٽيو،امام جعفر صادق (عليه السلام) جي خدمت ۾ حاضر ٿيو ۽ ته پنهنجي سفراحوال پئي بيان ڪيائين، جنهن دوران پنهنجي هڪ ساٿيءَ جي تمام گهڻي تعريف ڪيائين ۽ چوڻ لڳو ته اسان هن جي عبادت تي فخر ڪندا هئاسين ڇاڪاڻ ته هميشه عبادت ۾ مشعول هوندو هئو.

جڏهن به ڪنهن منزل تي آرام لاءِ ترسندا هئاسين ته هوهڪ ڪنڊ ۾ پنهنجو مُصلو وڇائي وڃي  پنهنجي عبادت ۾ مشغول ٿي ويندو هئو. 

امام(عليه السلام) فرمايو:هن جا ڪم ڪير ڪندو هو ۽ سندس سواريءَ جو خيال ڪير رکندو هئو؟

شخص چوڻ لڳو ته سندس اهي ڪم اسان انجام ڏيندا هئاسين هو فقط عبادت ۾ ڪندوهئو

امام (عليه السلام) فرمايو : توهان سڀئي هن کان افضل آهيو ڇاڪاڻ ته پنهنجي ڪمن سان گڏ سندس ڪم به توهان ڪندا هئا