Get Adobe Flash player

رسول الله (صلي الله عليه و آله وسلم) جي قيادت ۾ هڪ قافلو وڃي رهيو هو ،ڪجهه مدت کانپوءِ جڏهن سڀئي ٿڪجي پيا ته هڪ جاءِ تي ،جتي پاڻي به هئو، آرام ڪرڻ لاءِ منزل ڪيائون. هر ڪو نماز پرهڻ ۽ وضوءَ لاءِ تڪڙو تڪڙو پاڻيءَ طرفان وڃڻ لڳو

،پاڻ سڳورا (صلي الله عليه و آله وسلم) به اٺ تائين پاڻيءَ طرف روانا ٿيا، ليڪن ڪجهه قدم اڳتي وڌڻ کانپوءِ واپس ٿيا جنهن تي سڀني صحابين کي تعجب لڳو ۽ سوچڻ لڳا  ته شايد کين هيءَ جاءِ پسند ناهي آئي ۽ واپس وڃڻ جو ارادو ڪيو اٿائون،ليڪن ڪنهن کي جرئت نه ٿي جو کائن سوال ڪري سگهي؟

سندن حيرت ۾ ان وقت اڃان وڌيڪ اضافو ٿيو جڏهن ڏٺائون ته پاڻ سڳورن (ص) پنهنجي اٺ جا پير ٻڌا ۽ وري ٻيهر پاڻيءَ طرف روانا ٿي ويا .

اتي ڪجهه صحابين سندن خدمت عرض ڪيو : اي الله جا رسول!توهان پاڻ اها زحمت ڇو ڪئي، اهو ڪم اسان کي چئو ها؟

 

پاڻ فرمايائون:پنهنجي ذاتي ڪمن ۾ ڪنهن کان مدد نه وٺو ۽ ٻين جو آسرو نه ڪريو ڀلي کڻي ڏندڻ جي ڪاٺي لاءِ ئي ڇو نه هجي( ڪحل البصر محمد قمي ص 69(