Get Adobe Flash player

هڪ ڏينهن رسول خدا صلي الله عليه و آله وسلم پنهنجي اصحابن سان گڏ سفر ڪري رهيا هئا .واٽ تي هڪ جاءِ تي آرام ڪرڻ لاءِ ترسي پيا ۽ سڀني ارادو ڪيو ته کاڌي لا هڪ رڍ کي ذبح ڪري پچائي وڃي.

 صحابين مان هڪڙي صحابي چيوته: رڍکي ذبح آئون ڪندس

 

ٻئي چيو ته رڍ جي کل کي آئون لاهيندس.

ٽئين صحابي چيو: گوشت کي مان پچائيندس

چوٿين چيو: .......

رسول خدا صلي الله عليه و آله وسلم پاڻ چيو: ته آءُ ڪاٺيون گڏ ڪندس

صحابين چيو ته يا رسول الله (صلي الله عليه و آله وسلم) توهان پاڻ زحمت ڇوٿا ڪريو؟ توهان آرام سان ويهو اسان پاڻ اهو ڪم انجام ڏينداسين.

 رسول اڪرم صلي الله عليه و آله وسلم فرمايو: مون کي خبر آهي توهان اهو ڪم ڪري ويندو ليڪن الله سائينءَ کي اها ڳالهه پسند ناهي ته ماڻهو پنهنجي ۽ دوستن جي وچ ۾فرق رکي ۽ پاڻ کي برتر ۽ ٻين کي گهٽ سمجهي. پوءِ پاڻ سڳورا ص صحرا مان ڪاٺيون گڏ ڪري کڻي آيا.

 

(ڪحل البصر، ص 68)