Get Adobe Flash player

امام محمد باقر عليه السلام جيڪي امام زين العابدين(ع) جو فرزند آهن  سندن لقب ”باقر“ يعني چيريندڙ آهي کين ”باقرالعلوم“ يعني علم ۽ دانش جا دروازا کوليندڙ چيو ويندو هئو .

 

هڪ ڏينهن هڪ عيسائي شخص امام(ع) جي توهين ڪندي سندن نالي کي ”باقر” جي جاءِ تي ”انت بقر“ چوڻ لڳو يعني تون ڳئون آهين.

امام (ع) ناراض ٿيڻ بجاءِ نهايت آرام ۽سڪون سان کيس جواب ڏنو: آءُ ”بقر“  يعني ڳئون نه بلڪه باقر آهيان.

هن شخص سن والده تي حملو ڪندي چيو: تنهنجي ماءُ بورچاڻي آهي

 امام (ع) فرمايو: جيڪڏهن سندن ڪم اهو هئو ته ڪو ننگ ۽ عار وارو ڪم نه آهي

هن وري تهمت هڻندي چيو :تنهجي ماءُ ڪاري ۽ بي شرم ۽ بد زبان هئي

امام عليه السلام وراڻيو: جيڪي تهمتون تو منهنجي والده مٿان هنيون آهن جيڪڏهن سچيون آهن ته خدا منهنجي والده کي معاف ڪري ۽ جيڪڏهن ڪوڙيون آهن ته خدا توکي معاف ڪري.

 

 جڏهن عيسائي هڪ اهڙي شخص کان جا صبر ۽ حلم ڀريا جملا ٻڌي ـــ جيڪو هڪ غير مسلم انسان کي مسلمانن جي شهر ۾ هر تڪليف ۽ سزا ڏياري سگهي پيوـــ تمام گهڻو اثر ورتو ۽ هو عيسايت ڇڏي مسلمان ٿي ويو.