Get Adobe Flash player

مڪي طرف ويندڙ هڪ قافلي مديني ۾ ڪجهه ڏينهن آرام لاءِترسي روانو ٿيو ته ڪجهه منزلون طيءَ ڪرڻ کانپوءِ هڪ شخص قافلي سان مليو ۽ ڏٺائين ته هڪ نيڪ ۽ عبادتگذار شخص قافلي واران جي خدمت ۾ مشغول آهي

۽ سندن ڪم ڪار ڪري رهيو آهي.

هن شخص ان مرد کي پهرئين ئي نظر ۾ سڃاتو ۽ تمام گهڻي حيرانيءَ مان قافلي وارن کان پڇيائين ته: هن مرد کي سڃاڻو ٿا جيڪو توهان جي قافلي جي خدمت ڪري رهيو آهي؟

قافلي وارن وراڻيو: اسان کيس نٿا سڃاڻون ،اهوشخص مديني کان اسان سان گڏيو آهي تمام گهڻو متقي،صالح ۽ پرهيزگار آهي،اسان کيس اهي ڪم ڪرڻ لاءِ هرگز نه چيو آهي،ليڪن هو پاڻ چاهي ٿو  ته اهي ڪم ڪري ۽ ٻين جي مدد ڪري

ان شخص چيو: ها واقعي توهان کيس نٿا سڃاڻو. جيڪڏهن سڃاڻو ها ته هرگز اها گستاخي نه ڪيو ها ۽ خادمن وانگر کيس اهي ڪم ڪرڻ نه ڏيو ها.

قافلي وارن سوال ڪيو آخر اهو شخص ڪير آهي؟

 ته هن مرد جواب ڏنوته:  اهو امام علي بن الحسين زين العابدين عليه السلام آهي.

جيئن ئي قافلي وارن اهو جواب ٻڌو ته  تمام گهڻو حيران ۽ پشيمان ٿيا ۽ معافي وٺڻ لڳا ۽ امام عليه السلام جا هٿ ۽ پير چمڻ لڳا ۽ چوڻ لڳ اته اسان توهان سان ڪهڙو سلوڪ ڪيو آهي؟ ممڪن هو ته اسان توهان کي بارگاهه ۾ ڪا جسارت ڪري گنهگار ٿيون ها .

 

امام عليه السلام فرمائن ٿا : مون توهان جي قافلي کي ان لاءِ ئي انتخاب ڪيو هئو جو توهان مون کي نه پيا سڃاڻو  ڇاڪاڻ ته جڏهن مان اهڙن ماڻهن سان سفر ڪندو آهيان جيڪي مون کي سڃاڻيندا هئا ته اهي رسول خدا  ص جي خاطر مونسان ڏاڍو مهربان هوندا آهن ۽ مون کي خدمت ڪرڻ جو موقعو نه ڏيندا آهن،ان ڪري آءُ پاڻ چاهيان ٿو ته ان قافلي سان گڏ سفر ڪيان، جيڪي مون کي نه سڃاڻين ۽ ان جي آئون خدمت ڪيان،انهي سبب جي ڪري مون توهان کي پنهنجو تعارف نه ڪرايو، ته جيئن آئون توهان دوستن جي خدمت جي سعادت حاصل ڪري سگهان .