Get Adobe Flash player

   هڪ ڏينهن هڪ  بياباني عرب  مديني ۾ آيو ۽ رسول خدا (صلى الله عليه وآله) کان ڪجھ مدد وٺڻ لاءِ سڌو مسجد نبويءَ ۾ داخل ٿيو جتي رسول خدا ص پنهنجي اصحابن ۽ ساٿين سان ويٺآ هئا، هن شخص  رسول خدا ص کان حاجت طلب ڪئي ته پيغبر ص کيس ڪجهه ڏنو ليڪن هو انهي تي راضي نه ٿيو۽ ان کي گھٽ سمجهيائين ۽ انهي سان گڏ پيغبر (ص) جي توهين ڪندي ڪجهه گٿا لفظ ڳالهايا

،جنهن تي رسول الله ص جا ساٿين ناراض ايستائين جو کائنس وڙهڻ لڳا ته رسول الله ص کين ان ڪم کان روڪيو ۽ پوءِ رسول خدا ص، ان شخص کي پنهنجي گهر وٺي آيا ۽ ٻيو مال ملڪيت به کيس عطا ڪيائون ۽ اعرابي به ڏنو ته رسول الله ص جو گهر به سادو آهي ۽  ٻين سردارن ۽ بادشاهن جي گهرن وانگر ناهي.

       بس اعرابي جڏهن پيغبرص جو اهو اخلاق ڏٺو ته هو راضي ٿي ويو ۽ پنهنجي زبان تي شڪرئي جا لفظ جاري ڪيائين  اتي رسول خدا  کيس فرمايو: ڪلھ جيڪو تو مون کي ڳالهايو آهي انهي ڪري منهنجا ساٿي تو کان سخت ناراض آهن، ممڪن آهي ته اهي متان توکي نقصان پهچائن. تنهنڪري آءُچاهيان ته  شڪرئي جا اهي ساڳيا لفظ انهن جي سامهون به ورجاءِ.

       ٻئي ڏينهن اهو اعرابي مسجد ۾ داخل ٿيو  جڏهن ته اتي ماڻهو گڏ ٿيل هئا، جيئن ئي اهو اعرابي ۽ رسول خدا ص گڏ مسجد ۾ پهتا ته رسول خدا ص ماڻهن جي جمعيت ڏانهن رخ ڪيو ۽ فرمايائون ته هي مرد مون سان راضي ٿيڻ جو اظهار ڪري ٿو پوءِ کائنس پڇيائين ڇا ائين آهي؟

 ته اعرابي جواب ۾ چيوته: بلڪل ائين آهي  ۽ پوءِ اهو ئي جملو تشڪر وارو دهرايائين جيڪو رسول خدا جي سامهون دهرايو هئائين جيئن اهو جملو تڪرار ڪيائين ته اصحاب  کلڻ لڳا .

اتي رسول خدا ص ماڻهن کي مخاطب ٿي فرمايو: آئون ۽ هي مرد بياباني عرب، ان مرد وانگر آهيون جنهن مرد جو اٺ ڀڳو ٿي ويو  ته اتي ٻين ماڻهن  ان سان ته اٺ جي مالڪ جي مدد ڪن سندن پويان ڊڪڻ لڳا ۽ هڪلون ڪرڻ لڳا ته اٺ اڃان وڌيڪ تيزيءَ سان ڀڄڻ لڳو ته اتي اٺ جو مالڪ وڏي آواز سان  کين چيو: مهرباني ڪري منهنجي اٺ جي پويان ڪير نه ڊڪي، آءُ  بهتر ٿو سمجهان ته پنهنجي پنهنجي اٺ کي ڪيئن قابو ڪيان  پوءِ جيئن ئي ٻيا ماڻهو پوئتي هٽيا ته هن هٿ ۾گاهه جي مٺ کڻي آرام آرام سان اٺ جي اڳيان وڃي ٿو  ڏيکاري ٿو . اٺ گاهه ڏسي هن جي ويجھو ٿو اچي ٿو ۽ هيءُ سندس مهار وٺي اٺ ڪاهي هليو ٿو وڃي '

 

اگر ڪلھ آئون توهان کي منع نه ڪيان ها ته لازمي توهان جي هٿان هي بدقسمت شخص قتل ٿي وڃي ها ۽ ڪيڏي نه بري حال ۾ مري وڃي ها حال ڪفر ۽ بت پرستي واري  حال ۾ مري وڃي ها ليڪن مون توهان کي رو ڪيو ۽ هن اعرابي سان نرمي ۽ ملامت سان  پيش  آيم ۽ ڪنٽرول ڪيم.  (ڪحل البصر، ص 70 (

داستان راستان شهيد مرتضى مطهري