Get Adobe Flash player

ڪجهه ڳالهيون اهڙيون آهن جن تي سڀني آسماني شريعتن جو اتفاق آهي. انهن ئي اتفاقي ڳالهين منجهان هڪ عالمي مصلح  (ڪائنات جي اصلاح ڪندڙ) جو وجود به هڪ آهي، جيڪو آخري زماني ۾ ظهور ڪندو. ان سلسلي ۾ نه فقط مسلمان بلڪه يهودي ۽ عيسائي به سندس اچڻ جا منتظر آهن، جيڪو اچي ڪري سڄي دنيا ۾ عدل ۽ انصاف قائم ڪندو

. جيڪڏهن عهد عتيق ۽ عهد جديد ڪتابن جو مطالعو ڪجي ته اها حقيقت چٽي نموني سان واضح ٿي ويندي.( ([1]

ان سلسلي ۾ پاڻ سڳورن صلي الله عليه و آله وسلم جن جي حديث به آهي جنهن کي مسلمان محدثن نقل ڪيو آهي. پاڻ ڪريم صلي الله عليه و آله وسلم فرمائن ٿا: لو لم يبق من الدهر الا يوم لبعث الله رجلاً من اهل بيتي يملاها عدلاً کما ملئت ظلماً و جوراً،([2]) جيڪڏهن زماني ۾صرف هڪ ڏينهن ئي باقي رهجي وڃي تڏهن به الله سائين منهنجي خاندان مان هڪ شخص کي موڪليندو، جيڪو هن دنيا کي اهڙي طرح عدل ۽ انصاف سان ڀري ڇڏيندو جهڙي طرح  اها ظلم ۽ ڏاڍ سان ڀرجي چڪي هوندي.

        جيئن ته اسان چئي آيا آهيون ته دنيا ۾ هڪ مصلح جي اچڻ جو عقيدو سڀني آسماني شريعتن ۾ موجود آهي اهڙي ريت اهل سنت جي صحيح ۽ مستند ڪتابن ۾ به حضرت امام مهدي (عج) جي باري ۾ گهڻيون ئي روايتون نقل ٿيون آهن ۽ شيعه  توڙي سني محدثن ۽ محققن امام زمانه (عج) جي باري ۾ ڪيترائي ڪتاب لکيا آهن.(([3]

    روايتن جي انهي مجموعي ۾ سندس اهي نشانيون ۽ خاصيتون بيان ٿيون آهن جيڪي فقط شيعن جي يارهين امام حسن عسڪري عليه السلام جي بلا فصل پٽ جي باري ۾ موجود آهن([4]) انهن روايتن پٽاندڙ امام مهدي عليه السلام رسول اڪرم صلي الله عليه و آله وسلم جن جا همنام آهن. (([5]

       هتي ان نڪتي ڏانهن توجهه ڪرڻ ضروري آهي ته اهڙي ڊگهي ڄمار نه علم ۽ دانش جي خلاف آهي ۽ نه ئي وحي واري منطق سان ڪو تضاد رکي ٿي. اڄوڪي علمي دنيا انسانن جي طبيعي ڄمار کي وڌائڻ ٿي گهري. دانشورن ۽ سائنسدانن جو اهو يقين آهي ته هر انسان جي اندر وڏي ڄمار ماڻڻ جي صلاحيت موجود آهي جيڪڏهن کيس ڪجهه بيمارين ۽ مصيبتن کان بچايو وڃي ته سندس ڄمار وڌي وڃڻ جو پڪو امڪان آهي.

تاريخ به پنهنجي اندر اهڙن ماڻهن جا نالا محفوظ ڪري ڇڏيا آهن جن هن دنيا ۾ ڊگهي ڄمار ماڻي.قرآن مجيد حضرت نوح عليه السلام جي باري ۾ فرمائي ٿو: فلبث فيهم الف سنة الا خمسين عاماً)[6]) ۽ (حضرت نوح عليه السلام) پنهنجي قوم ۾ 950 ساڍا نو سئو سال رهيو.۽ اهڙي ريت قرآن مجيد حضرت يونس عليه السلام جي باري ۾ فرمائي ٿو: فلو لا انه کان من المسبحين للبث في بطنه الي يوم يبعثون ([7]) پوءِ اگر هو تسبيح ڪرڻ وارن مان نه هجي ها ته قيامت واري ڏينهن تائين ان (مڇي) جي پيٽ ۾ هجي ها. اهڙي طرح قرآن مجيد ۽ سڀني مسلمانن جي نظرئي جي مطابق حضرت خضر عليه السلام ۽ حضرت عيسي عليه السلام اڃا تائين ا آهن ۽ زندگي گذاري رهيا آهن.



[1] - عهد عتيق: ميرزا مير داؤد، مزمور 97_96 ۽ ڪتاب دانيال نبي، باب 12 عهد جديد: انجيل متي باب 24 انجيل مرقوس باب 13 انجيل لوقا باب 21 جتي ان موعود جي باري ۾ بيان ٿيو آهي ،دنيا جنهن جي انتظار ۾ آهي

[2] - صحيح ابي دائود، جلد 2، صفحو 207،طبع مصر، مطبع تازيه، ينابيع المودة، صفحو 432 ۽ ڪتاب نور الابصار، باب 2، صفحو 154

[3] -جيئن ڪتاب البيان في اخبار صاحب الزمان تاليف محمد بن يوسف بن الڪنجي الشافعي ۽ اهڙي طرح ڪتاب البرهان في علامات مهدي آخر الزمان تاليف علي بن حسام الدين جيڪو متقي هندي جي نالي سان شهرت رکي ٿو ۽ اهڙي طرح ڪتاب المهدي والمهدويت تاليف احمد امين مصري، البته شيعه عالمن ان باري ۾ ڪيترائي ئي ڪتاب لکيا آهن جن کي ڳڻڻ ممڪن نه آهي جيئن ڪتاب الملاحم والفتن وغيره

[4] - ينابيع المودة باب 76، مناقب ۾ جابر بن عبد الله انصاري روايت ڪئي آهي

[5] - صحيح ترمذي، مطبوعه دهلي 1342، جلد 2، صفحو 46 ۽ مسند احمد، مطبوعه مصر 1313

[6] - سورت عنڪبوت، آيت 14

[7] - سورت صافات، آيت 144