Get Adobe Flash player

نبي ڪريم3 مديني ۾ هجرت کان پوءِ سڀ کان پهرين جيڪي بنيادي قدم کنيا تن مان هڪ اهم قدم مسلمانن جي وچ ۾ الفت، محبت ۽ ڀائيچاري کي وڌائڻ جي لاءِ انصار ۽ مهاجرن مان هر هڪ کي ٻئي جو ڀاءُ بڻايائون ۽ انهن جي وچ ۾ اخوت ۽ ڀائيچاري جو قائم ڪرڻ هئو،

جنهن جو نتيجو اهو ٿيو ته عربن جي ڪيترن ئي قبيلن جي درميان ڪيترائي سال پراڻين رنجشن ۽ اختلافن جو خود بخود خاتمو ٿي ويو ۽ ان جاءِ تي پيار ۽ محبت اچي پنهنجي گھر ڪيو ۽ سڀئي پاڻ ۾ هڪ ۽ متحد ٿي ڪري حضور پاڪ3 جي حڪم تي دين جي لاءِ پنهنجو سڀ ڪجھ قربان ڪرڻ لڳا.

          اسلام جي نگاھ ۾ سڀ انسان برابر آهن، ڪا به قوم ۽ قبيلو يا رنگ ۽ نسل ٻئي ڪنهن تي برتري ۽ فضيلت نه ٿو رکي ۽ ڪوبه ڪنهن کان مٿي نه آهي بلڪه سڀ برابر آهن ۽ اهڙي نموني مال ۽دولت پڻ برتري ۽ فضيلت جو معيار نه آهن، بلڪه اسلام جي نگاھ ۾ تقوى ۽ پرهيزگاري ئي برتري ۽ فضيلت جو معيار آهي. جهڙي نموني قرآن مجيد ۾ خدا پاڪ جو ارشاد آهي ته: اسان اوهان جي سڃاڻپ ۽ شناخت لاءِ اوهان کي مختلف قومن، قبيلن، رنگن، نسلن ۽ زبانن ۾ خلق ڪيو ليڪن اهو ياد رکجؤ ته اهي سڀئي شيون اوهان جي برتري ۽ فضيلت جو سبب (ڪارڻ) نه آهن بلڪه اوهان جا چڱا ڪم، تقوا ۽ پرهيزگاري اوهان جي برتري ۽ فضيلت جو سبب ۽ معيار آهي.

جهڙي نموني ارشاد ٿو ٿئي ته: >يَا اَيُّهَا النَّاسُ اِنَّا خَلَقْنَاڪُم مِّن ذَڪَرٍ وَاُنثَى وَجَعَلْنَاڪُمْ شُعُوبًا وَقَبَائِلَ لِتَعَارَفُوا اِنَّ اَڪْرَمَڪُمْ عِندَ اللَّهِ اَتْقَاڪُمْ اِنَّ اللَّهَ عَلِيمٌ خَبِيرٌ< [1] اي انسانؤ! بيشڪ اسان اوھان کي ھڪ مرد ۽ عورت منجهان پيدا ڪيو ۽ اوھان کي ذاتيون ۽ پاڙا پاڙا ڪيوسين ته ھڪ ٻئي کي سڃاڻو، بيشڪ اوھان منجهان الله وٽ تمام عزت وارو اُھو آھي جيڪو اوھان مان ڏاڍو پرھيزگار آھي، بيشڪ الله ڄاڻندڙ (۽) خبر رکندڙ آھي.

خداوند متعال قرآن مجيد ۾ مؤمنن کي اهو ٻڌائي رهيو آهي ته اوهان جي وچ ۾ هيءَ محبت، الفت ۽ ڀائيچارو خدا پاڪ جي نعمت آهي ورنه حسد، ساڙ، ڪيني ۽ ڪدورت جي باھ اوهان کي هلاڪت جي ويجهو پهچائي ڇڏيو هو. جهڙي نموني الله سائين جو پنهنجي پاڪ ڪلام ۾ ارشاد ٿو ٿئي ته: >وَاعْتَصِمُواْ بِحَبْلِ اللّهِ جَمِيعًا وَلاَ تَفَرَّقُواْ وَاذْڪُرُواْ نِعْمَةَ اللّهِ عَلَيْڪُمْ اِذْ ڪُنتُمْ اَعْدَاء فَاَلَّفَ بَيْنَ قُلُوبِڪُمْ فَاَصْبَحْتُم بِنِعْمَتِهِ اِخْوَانًا وَڪُنتُمْ عَلَىَ شَفَا حُفْرَةٍ مِّنَ النَّارِ فَاَنقَذَڪُم مِّنْهَا ڪَذَلِڪَ يُبَيِّنُ اللّهُ لَڪُمْ آيَاتِهِ لَعَلَّڪُمْ تَهْتَدُونَ< [2] ۽ الله جي رسيءَ کي سڀئي چنبڙي پئو ۽ ڌاروڌار نه ٿيو، ۽ پاڻ تي الله جي نعمت کي ياد ڪريو جو جڏھن پاڻ ۾ ويري ھيؤ پوءِ اوھان جي دلين ۾ ميلاپ (محبت) وڌائين پوءِ سندس فضل سان ھڪ ٻئي جا ڦِري ڀائر ٿيؤ، ۽ اوھين دوزخ جي کڏ جي ڀَر تي ھيؤ پوءِ اوھان کي کانئس ڇڏايائين، اھڙيءَ طرح الله اوھان لاءِ پنھنجيون نشانيون بيان ڪندو آھي ته مانَ اوھين ھدايت ماڻيو.

نبي اڪرم3 ۽ ائمه معصومينE پڻ هميشه مسلمانن جي وچ ۾ ڀائيچاري ۽ برادريءَ جي مضبوطيءَ تي زور ڏنو آهي ۽ مؤمنن جي وچ ۾ وڌ ۾ وڌ ڀائيچاري ۽ اخوت پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، انهيءَ ڪري اهلبيتE انهيءَ جا اخروي فائدا پڻ بيان ڪيا آهن.

حضور پاڪ3 جن فرمائن ٿا ته: mمن آخى اخاً في اللهِ رفع اللهُ له درجةً في الجنّة لا ينالُها بِشيء من عملهn. [3] جيڪڏهن ڪوشخص،ڪنهن مؤمن ڀاءُ کي الله جي ڪري پنهنجو ڀاءُ بڻائي ته الله سائينءَ انهيءَ جي لاءِ جنت ۾ هڪ درجو قرار ڏيندو (اهو درجو ايترو ته بلند هوندو) جنهن تائين سندس ٻيو ڪو به عمل نه ٿو پهچي سگھي.

اهڙي نموني پاڻ سڳورن3 جن فرمايو: mيُنصبُ لِطائفةِ مِنَ النّاسِ ڪرَاسِيُّ حَولَ العَرشِ يَومَ القِيَامَةِ، وُجُوهُهُم کَالقَمَرِ لَيلَة البَدرِ يَفزَعُ النّاسُ وَ لَا يَفزَعُونَ وَ يَخافُ النّاسُ وَ لَا يَخَافُونَ هُم اَولِياءُ اللهِ لَا خَوف عَلَيهِم وَ لَا هُم يَحزَنُونَ. فَقِيلَ: مَن هُم يَا رَسُولَ اللهِ؟ قَالَ: هُم المُتَحَابُونَ بَاللهِn. [4] قيامت واري ڏهاڙي ڪجھ ماڻهن جي لاءِ عرش جي چئني پاسن کان ڪجھ ڪرسيون رکيون وينديون۽ انهن جا چهرا چوڏهينءَ جي چنڊ جيان چمڪي رهيا هوندا، ان ڏينهن ٻيا ماڻهو ٻاڏائي رهيا هوندا مگر اهي بالڪل سڪون ۽ آرام سان هوندا، ان ڏينهن ٻيا ماڻهو خوفزده هوندا ، ليڪن انهن کي ڪنهن به قسم جو ڪو ڀئو نه هوندو، اهي خدا پاڪ جا وليءَ آهن، جن کي نه ڪوخوف آهي ۽ نه ئي غم۽ ملال. حضور پاڪ3 جن کان پڇيو ويو: اي الله جا رسول3! اهي ڪير آهن؟ پاڻ فرمايائون: اهي خدا جي خاطر ٻين سان محبت ڪرڻ وارا انسان آهن.

      اهڙي نموني پاڻ هڪ ٻي جاءِ تي فرمائن ٿا ته: mاِن اللهَ تعالى يَقُولُ حقت محبتي للذين يتزاورون من اجلي و حقت محبتي للذين يتناصرون من اجلي و حقت محبتي للذين يتحابون من اجلي و حقت محبتي للذين يتباذلُون من اجليn. [5] حديث قدسيءَ ۾ الله پاڪ جو ارشاد آهي ته: منهنجي محبت انهن ماڻهن لاءِ آهي جيڪي منهنجي خاطر هڪ ٻئي سان مالاقات ڪن ٿا، منهنجي محبت انهن ماڻهن لاءِ آهي جيڪي منهنجي ڪري هڪ ٻئي جي مدد ڪندا آهن، منهنجي محبت انهن ماڻهن لاءِ آهي جيڪي منهنجي ڪري هڪ ٻئي سان محبت ڪن ٿا ۽ منهنجي محبت انهن ماڻهن کي نصيب ٿيندي جيڪي منهنجي ڪري هڪ ٻئي تي پنهنجو مال خرچ ڪندا آهن.

حضرت امام جعفر صادقD فرمائن ٿا: هڪ ڏينهن رسول خدا3 جن پنهنجي هڪ صحابيءَ کي فرمايو: mاَيُّ عُرى الاِيمان اَوثقn يعني: ايمان جي ڪهڙي رَسِي سڀ کان وڌيڪ محڪم ۽ مضبوط آهي؟ ان صحابيءَ وراڻيو ته: خدا ۽ سندس رسول3 مون کان وڌيڪ بهتر ڄاڻن ٿا، تنهن هوندي به ڪجھ ماڻهن چيو: نماز، ڪجھ چيو: زڪات، ۽ ڪجھ ماڻهن روزي، حج ۽ عُمري کي پڻ بيان ڪيو ۽ ڪجھ ٻين وري جهاد جو نالو کنيو.

پاڻ سڳورن3 جن فرمايو: mلکلّ ما قُلتم فضل و ليس به لڪن اوثق عرى الايمان الحبّ في الله و البغض في الله و التّوالي لاَولياءِ الله و التّبري عن اعداءِ اللهn. [6] يعني: جيڪو ڪجھ اوهان بيان ڪيو آهي انهن منجھان هر هڪ ۾ ڪا نه ڪا فضيلت ضرور آهي مگر ايمان جي سڀ کان مضبوط ۽ محڪم رسي هيءَ آهي ته هر هڪ سان خدا جي خاطر محبت ڪريو ۽ خدا جي خاطر بغض ۽ نفرت ڪريو ۽ الله پاڪ جي ولين ۽ دوستن سان دوستي ۽ سندس دشمنن سان دشمني ڪريو.

جهڙي نموني اسلام جي نظر ۾ هر ڪم ۾الله سائين جي رضا جي لاءِ هجڻ ضروري آهي اهڙي نموني دوستي ۽ دشمني پڻ خدا جي رضا خاطر هجڻ گھرجي؛ ڇاڪاڻ ته ان کي ڪجھ روايتن ۾ دين جو رڪن ۽ ڪجھ روايتن ۾ اصل دين چيو ويو آهي. ۽ حقيقت به اها آهي ته اسلام ۾ هر دوستي ۽ دشمنيءَ جو معيار ربّ سائينءَ جي رضايت ۽ خوشنودي آهي ان کان علاوه ٻيو ڪجھ به نه آهي.

قرآن مجيد ۾ ارشاد آهي ته: >اِنَّمَا الْمُؤْمِنُونَ اِخْوَةٌ فَاَصْلِحُوا بَيْنَ اَخَوَيْڪُمْ وَاتَّقُوا اللَّهَ لَعَلَّڪُمْ تُرْحَمُونَ< [7] مؤمن ته سڀ ڀائر آھن تنھن ڪري پنھنجي ٻن ڀائرن جي وچ ۾ صلح ڪرايو، ۽ الله کان ڊڄو ته شايد اوھان تي ٻاجھ ڪئي وڃي.

مؤمنن جي دوستي ۽ محبت جو بنياد، خدا پاڪ تي ايمان ۽ ان جي اطاعت آهي ۽ ان کان علاوهه  دنيا جا ٻيا سڀئي مادي معيار ۽ حڪم بيڪار، بي بنياد ۽ بيهوده آهن.

جيڪي ماڻهو ، ڪنهن سان سندس مال، دولت يا ڪنهن عُهدي جي ڪري محبت ڪن ٿا يا ان جي عزت ۽ احترام ڪن ٿا ۽ ان کان ڊڄن ٿا اهڙن ماڻهن جي محبت ۾ پائيداري نه ٿي پاتي وڃي بلڪه جيئن ئي انهن جا مقصد ۽ مطلب پورا ٿين ٿا يا ان شخص جي دولت ۽ عهدو سندس هٿان هليو ويندو آهي ته انهن ڏينهن کان وٺي اهي خود غرض ماڻهو به جدا ٿي ويندا آهن، ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي ته پراڻو دوست، دشمن به ٿي ويندو آهي؛ ليڪن جنهن محبت جي طرف اسلام اسان کي دعوت ڏيئي رهيو آهي اها مضبوط، پڪي، دائمي آهي ۽ ان ۾ ڪنهن به قسم جو ڪو ڏار ڪو نه ٿو پوي؛ ڇاڪاڻ ته ان جو معيار، خدا جي محبت آهي جنهن ۾ ڪنهن به قسم جي ڏار پوڻ جو ڪو به خدشو نه هوندو آهي.

اهوئي سبب آهي جو ديني محبت ۽ ڀائيچارو تمام مادي قدرن جهڙي نموني رنگ، نسل، مال ۽ دولت وغيره کان مٿي آهي، انهيءَ ڪري اسلام جي شروعات ۾ هر شخص هيءُ منظر ڪيترائي ڀيرا پنهنجي اکين سان ڏٺو ته حضور پاڪ3 جن سندن غلامن ۽ نوڪرن سان گڏجي هڪ ئي دسترخوان تي ماني کائيندا هئا.

        ڪو ڏينهن اهو به هو جو عرب قبيلا فقط پنهنجي اولاد، مال، ملڪيت ۽ دولت جي ڪثرت (گھڻائيءَ) تي ئي نه بلڪه پنهنجي مُردن ۽ قبرن جي ڪثرت تي به فخر ڪندا هئا ۽ عرب کي غيرعرب تي ۽ ڳوري کي ڪاري تي ترجيح ۽ برتري ڏيندا هئا، ليڪن پاڻ سڳورن3 جاهليت جي سوين سال پراڻين سڀني ريتن ۽ رسمن کي ختم ڪري ڇڏيو ۽ سندن شعور کي بيدار ڪري ڇڏيو ۽ بلال حبشي، صهيب رومي ۽ سلمان فارسيE کي سندن صحابين ۾ شامل ڪري ڇڏيو ۽ زيد بن حارثه جي شادي سندن ڦڦيءَ جي ڌي جناب زينب سان ڪرائي، يا جناب جويبر (جيڪو آفريقا جو رهاڪو هو ۽ مال ملڪيت جي لحاظ سان به بالڪل تنگدست هو) جي شادي هڪ اميراڻي گھراڻي جي نياڻي mزلفاn سان ڪرائي؛ ڇاڪاڻ ته سندن ارشاد آهي ته: mاَلمُؤمِنُ کُفوُ المُؤمِنِn هڪ مؤمن ٻئي مؤمن جو ڪُفو ۽ همسر آهي.

هن سڄي گفتگوءَ جو خلاصو هيءُ ٿيو ته خدا کان علاوه ٻئي ڪنهن سان محبت ڪرڻ هڪ قسم جو شرڪ به آهي، ڇاڪاڻ ته جڏهن محبت جو رخ ڪنهن جي ظاهري يا باطني حُسن ۽ جمال جي ڪري خدا کان هٽي ڪري ڪنهن ٻئي ڏانهن مُڙي وڃي ٿو جڏهن تگ اهو حسن ۽ جمال حقيقت ۾ خدا پاڪ جو ئي عطا ڪيل آهي ۽ خدا پاڪ ئي ڪمال، جمال ۽ حُسن جو خالق، مالڪ ۽ مرڪز آهي تنهن ڪري ان کان منهن موڙي ڪنهن ٻئي ڏانهن رخ ڪرڻ شرڪ آهي.

  اسلام، خداوند متعال جي محبت جي ترغيب ڏني آهي ان جي محبت ۾ سندس محبوب بندا لازمي طور تي شامل آهن جنهن جو هڪ سبب هيءُ به آهي ته الله جي ولين سان محبت سان، خدا پاڪ جي ذڪر جو شوق پيدا ٿئي ٿو، ڇاڪاڻ ته انهن جي ذات ۾ الله سائينءَ جون وصفون نمايان رهن ٿيون ۽ انهن جي ذريعي خدا پاڪ جو قُرب حاصل ٿئي ٿو.

خداوند عالم جي رضا ۽ خوشنوديءَ خاطر محبت ۽ نفرت جي بنياد تي ئي سندس دشمنن ۽ ڪافرن سان دشمني ۽ دوريءَ جو حڪم ڏنو ويو آهي،ڇاڪاڻ ته اها شيءِ مشهور آهي ته mدوست جو دشمن به دشمن هوندو آهيn.

قرآن مجيد انهيءَ شيءِ کي نهايت ئي بهترين انداز سان هن ريت بيان ڪيو آهي: >مُّحَمَّدٌ رَّسُولُ اللَّهِ وَالَّذِينَ مَعَهُ اَشِدَّاء عَلَى الْڪُفَّارِ رُحَمَاء بَيْنَهُمْ< [8] الله جو رسول محمّد3  ۽ جيڪي ماڻهو ساڻس گڏ آهن اهي ڪافرن جي لاءِ سخت ۽ پاڻت ۾ نهايت ئي رحمدل آهن.

    ڄڻ انهن جي وچ ۾ بيحد محبت ۽ الفت پاتي وڃي ٿي ۽ خدا پاڪ جي محبت انهن کي هڪ بڻائي ڇڏيو آهي ۽ انهيءَ محبت جي آڌار تي اهي الله سائينءَ جي دشمنن جي مقابلي ۾ ڄڻ هڪ لوهي ديوار (ڪوٽ) بڻيل هئا.

زيارت عاشوره ۾ خدا پاڪ جي ان عَهد جو تذڪرو هن ريت ڪيو ويو آهي: mانّي سِلم لِمَن سَالَمَڪم و حَرب لِمَن حَارَبَڪُم اِلى يَومِ القِيَامَةِn يعني: قيامت تائين منهنجو فقط ان سان صلح ۽ دوستي آهي جنهن سان توهان جو صلح ۽ دوستي هجي ۽ ان سان دشمني آهي جنهن سان توهان جي جنگ ۽ دشمني هجي. [9]

خداوند متعال سان سچي محبت جو انداز ٻن شين جي ذريعي لڳائي سگھجي ٿو:

1 . تمام واجب حڪمن جي پابندي ۽ سڀني حرام ڪمن کان پاسو ۽ پرهيز، ڇاڪاڻ ته اهو انسان ڪڏهن به سچو نه ٿو ٿي سگھي جيڪو محبت ته ڪندو هجي مگر پنهنجي محبوب جي اطاعت نه ڪندو هجي. ڇاڪاڻ ته خداوند عالم يقيني طور تي اسان سان محبت ڪري ٿو انهيءَ ڪري هن اسان کي بيشمار نعمتن سان نوازيو آهي ۽ اسان اهي نعمتون وٺڻ کان پوءِ سندس اطاعت ڪريون ٿا ۽ سندس شڪر ادا ڪندا آهيون ته جيئن اسان پنهنجي دل ۾ جيڪا سندس محبت موجود آهي انهيءَ جو ثبوت ڏئي سگھون، ۽ فقط اهو ئي نه آهي بلڪه شڪر ڪرڻ سان نعمتن ۾ اڃا اضافو پڻ ٿيندو آهي. جهڙي نموني خدا پاڪ جو ارشاد آهي ته: >وَاِذْ تَاَذَّنَ رَبُّڪُمْ لَئِن شَڪَرْتُمْ لاَزِيدَنَّڪُمْ وَلَئِن ڪَفَرْتُمْ اِنَّ عَذَابِي لَشَدِيدٌ< [10] ۽ جڏھن اوھان جي پالڻھار اوھان کي خبردار ڪيو ته جيڪڏھن اوھين (مون خدا جو) شڪرانو ڪندؤ ته اوھان کي ضرور وڌيڪ ڏيندس ۽ جيڪڏھن (منهنجي) ناشُڪري ڪندؤ ته بيشڪ منھنجو عذاب سخت آھي.

انهيءَ شڪر جي نتيجي ۾ ان انسان کي خدا پاڪ جون نعمتون ملن ٿيون ۽ اهي انسان کي هڪ اعلى درجي ۽ مقام تائين پهچائي ڇڏين ٿيون.

2 . الله سائينءَ جي محبت جو لازمو هيءُ آهي ته انسان سماجي، معاشرتي ۽ اجتماعي فرضن ۽ حقن کي پڻ ادا ڪري. جيئن والدين جي اطاعت ۽ انهن کي راضي رکڻ، پاڙيسرين سان سهڻو سلوڪ، غريبن ۽ مسڪينن جي مدد ڪرڻ ۽ انهن سان محبت سان پيش اچڻ ۽ اهڙي نموني خدا پاڪ جي دشمنن کان نفرت ۽ دوري اختيار ڪرڻ وغيره.

       اهوئي سبب آهي جو قرآن مجيد، دوستي ۽ دشمنيءَ جا سڀئي معيار معيّن ڪري ڇڏيا آهن ته ڪنهن سان محبت ڪئي وڃي ۽ ڪنهن کان نفرت ۽ دشمني ڪئي وڃي؟ جهڙي نموني الله سائين جو ارشاد ٿو ٿئي ته: >يَا اَيُّهَا الّذِينَ آمَنُوا لَاتَتَّخِذُوا الڪَافِرِينَ اَولِيَاءَ مِن دُونِ المُؤمِنِينَ< [11] اي ايمان وارؤ! مؤمنن کي ڇڏي ڪري ڪافرن کي پنهنجو ولي ۽ سرپرست نه بڻايو.

اهڙي نموني وري هڪ ٻئي مقام تي خداوند متعال جو ارشاد ٿيو ته: >يَا ايُّهَا الَّذِينَ آمَنُوا لَا تَتَّخِذُوا عَدُوِّي وَعَدُوَّڪُمْ اَوْلِيَاء< [12] اي ايمان وارؤ! منھنجي دشمنن ۽ پنھنجي دشمنن کي دوست نه بڻائجؤ.

هن سبق جو خلاصو

پيغمبر اسلام3 جن مديني پهچڻ کان پوءِ سڀ کان پهريان جيڪو اهم ڪم انجام ڏنو اهو انصار ۽ مهاجرين جي وچ ۾ برادري ۽ ڀائيچاريءَ قائم ڪرڻ هئو. جنهن جي نتيجي ۾ اسلامي سماج ۽ معاشري ۾ هڪ بي مثال محبت، برادري ۽ اتحاد پيدا ٿي ويو ۽ سڀني مسلمانن جي وچ ۾ قربت ۽ محبت جي هڪ بينظير فضا قائم ٿي وئي. خدا پاڪ تقوا ۽ پرهيزگاريءَ کي ئي برتري ۽ فضيلت جو معيار قرار ڏنو آهي ۽ پاڻت ۾ رابطن ۽ تعلقات کي خداوند عالم جي محبت ۽ دشمني جي بنياد تي استوار ڪرڻ جي تاڪيد ڪئي آهي.

الله سائينءَ جي محبت يا دشمنيءَ جو اندازو فرضن جي ادائگي ۽ حرام ڪمن کان پرهيز جي ذريعي لڳائي سگھجي ٿو، يا اهو ته الله پاڪ جي نيڪ بندن سان محبت ڪرڻ گھرجي ۽ سندس دشمنن سان ڪنهن به قسم جو ڪو تعلق ۽ رابطو نه هجڻ گھرجي.

هيٺين سوالن جا جواب ڏيو (؟)

1 . اسلام ۾ فضيلت ۽ برتريءَ جو معيار ڇا آهي؟ ان بابت سورت حجرات جي ڪنهن هڪ آيت کي ذڪر ڪريو؟

2 . مؤمنن جي درميان ٻڌي ۽ ڀائيچاري جي اهميت جي باري ۾ نبي ڪريم3 جي هڪ حديث مبارڪ ذڪر ڪريو؟

3 . پاڻ سڳورن3 ج ايمان جِي سڀ کان محڪم ۽ مضبوط رسي ڪهڙي شيءِ کي قرار ڏنو آهي؟

4. اسلام، اسان کي ڪهڙي مقصد جي آڌار تي خدا پاڪ جي ولين سان دوستيءَ جو حڪم ڏنو آهي؟

5 . قرآن مجيد، حضور پاڪ3 ۽ سندن باوفا صحابين جون ڪهڙيون وصفون بيان ڪيون آهن؟

6 . الله سائينءَ سان دوستي ۽ سندس دشمنن سان دشمنيءَ جو نتيجو ڇا آهي؟

حوالا.....

 



-[1] سورت حجرات، آيت: 13

[2] -سورت آل عمران، آيت: 103

[3] -حقائق، ص 318

-[4] احياء العلوم، ڪتاب آداب الصّحة والمعاشرة

-[5] مسند احمد بن حنبل، ج 4، ص 386

[6] -بحار الانوار، ج 69، ص 242

[7] -سورت حجرات، آيت: 10

-[8] سورت فتح، آيت: 29

-[9] مفاتيح الجنان، زيارت عاشورا

-[10] سورت ابراهيم، آيت: 7

[11] -سورت نساء 144

-[12] سورت ممتحنه، آيت: 1