Get Adobe Flash player

قسط پهرئين :حضرت امام محمد تقي (ع) جي سوانح حيات (1)

امام عليه السلام جي  انهن مناظرن جا  ٻه مکيه ڪارڻ هيءُ هئا:

الف: پنهنجن ئي شيعن مان اهي ماڻهو  جيڪي امام عليه السلام جي ننڍي عمر هجڻ ڪري چاهين پيا ته امام جي خدائي علم جو مشاهدو ڪن  ، تنهن ڪري اهو هدف حاصل ڪرڻ لاءِ اهڙي قسم جون علمي محفلون برپا ڪن پيا.

 

ب:  ڪجهه وقت  جي حڪمرانن خاص ڪري مامون ۽  معتصم طرفان برپا ٿيل علمي محفلون

جيئن ته شيعا پنهنجي امامن لاءِ خدائي علم جا دعويدار هئا،تنهنڪري وقت جا حڪمران ڪوشش ڪندا هئا ته علمي مناظرن  ذريعي امامن کي ان وقت جي مشهور  ۽ معروف دانشورن جي سامهون ڪن ته جيئن شايد  امام انهن جي ڪجهه سوالن جا جواب ڏئي نه سگهن ، ۽ ائين شيعن جو اهو عقيدو ته  (خدائي علم  اهل بيت عليهم السلام وٽ آهي) خراب ٿيندو ۽ نتيجي ۾  امامن تان سندن اعتماد کڄي ويندو.

جڏهن  ته پهريان امام رضا عليه السلام سان مامون جي اهڙي رويي کي ذڪر ڪري چڪا آهيون، جيتوڻيڪ مامون ظاهراً پنهنجو هدف ڪجهه  ٻيو  پئي ڏيکاريو،ان کان علاوهه علمي محفلن ڏانهن مامون جو خاص توجه ڏيندو هئو جيڪو پڻ سبب بڻيو ، جو هو عباسي حڪمرانن ۾ سڀني کان وڌيڪ علم دوست ۽ دانش پرور حڪمران طور سڃاتو وڃي.

امام محمد تقي عليه السلام جي  مناظرن بابت موجود  دليلن  مان  اهم ترين دليل ، ريّان بن شبيب [1] جي تفصيلي روايت آهي جيڪا شيخ مفيد ذڪر ڪئي آهي جنهن جو خلاصو اسان هتي ذڪر ڪريون ٿا:

        جڏهن مامون ،پنهنجي ڌيءُ  ام الفضل جي شادي  امام محمد تقي عليه السلام سان ڪرڻ جو  ارادو ڪيو ته عباسي تمام گهڻو  حيران ۽ پريشان ٿي ويا، ڇاڪاڻ ته اهي سمجهن پيا ته  مامون جي ان قدم سان،  اهي ئي خطرا پيش ايندا جيڪي امام جي والد يعني امام رضا عليه السلام جي ولي عهد ٿيڻ سان پيش آيا هئا. تنهن ڪري مامو ن وٽ  آيا ۽ کيس ان قدم کڻڻ کان روڪيائون ته متان بني عباس جي هٿن مان حڪومت نڪري نه وڃي. اهڙي طرح هنن بنو عباس ۽ آل عليءَ وچ ۾ گذريل جهيڙن ڏانهن اشارو ڪندي کيس چيو :  علي بن موسى الرضا وارو واقعو ڪافي آهي.

          مامون ان جي جواب ۾ چيو ته آل ابوطالب ۽ توهان وچ ۾ پيش آيل واقعن جا ذميوار توهان پاڻ  آهيو،.ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن انصاف جي نظر ڪيو ها ته سمجهي وڃو ها ته  اهي توهان کان افضل هئا ۽ جيڪو ڪجهه مون کان اڳ ايندڙ  حڪمرانن ڪيو ، رشتن کي ختم ڪرڻ کانسواءِ ڪجهه نه هئو ۽  آءُ علي بن موسى رضا عليه السلام  جي ولي عهديءَ بابت اڃان پشيمان ناهيان.[2] ابوجعفر  (محمد تقي عليه السلام)کي سندس ننڍي عمر جي باوجود انتخاب ڪرڻ جو سبب سڀني عالمن ۽ فاضلن مٿان سندس برتري۽ فضيلت آهي ، اميد رکان ٿو ته جيڪو ڪجهه مون هن وقت سمجهيو آهي ، مستقبل ۾ سڀني لاءِ واضح ٿي وڃي ته جيئن انهن کي به خبر پئجي وڃي ته ان بابت منهنجي راءِ صحيح هئي.

          عباسين جواب ۾ کيس چيو: محمد بن علي (امام محمد تقي عليه السلام) اڃان ٻار آهي کيس نه دين جي معرفت آهي نه فقه جي آگاهي ،تنهنڪري خليفي کي گهرجي ته کيس ڪجهه فرصت ڏئي ته جيئن دين جي ڄاڻ حاصل ڪري.۽ پوءِ جيئن مصلحت سمجهو تيئن ڪريو.

مامون وراڻيو: حيف آهي توهان تي جو آءُ ان نوجوان جي حال کان توهان کان وڌيڪ آگاهه آهيان. سندس تعلق اهڙي خاندان سان آهي جن جو علم لدنّي ۽ خدائي الهام مان نڪري ٿو ، سندس وڏڙا هميشه  علم ۽ ادب۾، ڪنهن کان سکڻ ۽ عام رواجي طريقي سان پڙهڻ جا محتاج نه هئا ۽ اها ڳالهه ڄاڻڻ لاءِ جڏهن چاهيو کيس آزمائي سگهوٿا.

عباسين ان ڳالهه سان اتفاق ڪيو ۽ فيصلو ڪيائون ته يحيى بن اڪثم [3] کي ــــ  جيڪو ان وقت جو مشهور قاضي ۽ فقيه هئو ــــ امام عليه السلام سان مناظري لاءِ منتخب ڪيائون، کيس ان مناظري لاءِ راضي ڪرڻ کانپوءِ کيس چيائون ته ان مناظري لاءِ ڏکيا ۽ پيچيده سوال تيار ڪري  ۽ ساڻس وعدو ڪيائون ته جيڪڏهن هو مناظري ۾ امام محمد تقي عليه السلام  کي ماري ويو ته کيس مال دولت ۽ قيمتي تحفا ڏيندا.

پوءِ مناظري لاءِ هڪ ڏينهن معين ڪيو ويو،جنهن  ڏينهن امام محمد تقي عليه السلام ، يحيى بن اڪثم  سميت عباسي خاندان جا سڀئي ماڻهو ايستائين جو مامون به ان محفل ۾ حاضر ٿيو.شروعات يحيى بن اڪثم ڪئي هن مامون کان بعد امام محمد تقي عليه السلام کان سوال ڪرڻ جي اجازت گهري ۽ اجازت ملڻ کانپوءِ سوال ڪيائين : هڪ احرام پهريل شخص  ڪنهن حيوان کي ماريو ،ان جو ڇاحڪم آهي؟

امام جواب ۾ کائنس سوال ڪيو:

  ڇا هن حيوان کي حرم  جي اندر ماريو آهي يا ان کان ٻاهر؟ ڇا اهو شخص حڪم کان آگاهه هئو يا اڻ ڄاڻ ؟ ڄاڻي واڻي ماريو اٿائين يا ڀُل َ ۾ ؟ اهو شخص آزاد هئو  يا غلام؟ بالغ هئو  يا نابالغ؟ مڪي ويندي شڪار ڪيائين يا واپس موٽندي؟ شڪار پکي هئو يا جانور؟ شڪار ننڍو هئو يا وڏو؟ شخص پنهنجي عمل تي پشيمان آهي يا نه؟ رات جو شڪار ڪيو اٿائين يا ڏينهن جو؟ اهو شخص عمرو ڪري رهيو هئو يا حج ؟

امام پاران هڪ ئي سوال مان ايترا مسئلا پيش ڪرڻ تي يحيى  ائين حيران ۽ پريشان ٿي ويو  جو سندسن چهري جو رنگ اڏامي ويو  ۽ ان تي  سندس شڪست جا آثار  سڀني کي  واضح   نظر آيا. اتي مامون عباسين ڏانهن منهن ڪري چيو:

جيڪو ڪجهه مون امام محمد تقي عليه السلام جي باري ۾ سمجهيو هئو توهان به سمجهي ويا ؟ پوءِ پنهنجي ڌيءَ ام الفضل جو نڪاح امام سان ڪرايائين ۽ ان جو  حق مهر سائڻ زهرا سلام الله عليها جيترو  مقرر ڪيائين.

  جڏهن اتي سڀ ماڻهو هليا ويا (۽ فقط امام، مامون ۽ يحيى بن اڪثم بچيا) ته مامون ، امام کان انهن سڀني مسئلن جا جواب گهريا جيڪي امام يحيى جي سوال جي جواب ۾ پيش ڪيا هئا ۽ امام انهن سڀني جا تفصيل سان جواب ڏنا .

          ان وقت امام  عليه السلام  يحيى بن اڪثم کان سوال ڪيو : مون کي اهڙي مرد جي باري ۾ ٻڌايو جنهن لاءِ هڪ عورت  (هڪ ئي ڏينهن)فجر  وقت حرام هئي ،ليڪن جيئن ئي صبح ٿيو اها هن  لاءِ حلال ٿي وئي ،ظهر جي وقت ٻيهر حرام ٿي وئي ته وري ٽيپهريءَ وقت حلال ٿي وئي ،سج لٿي وري حرام ٿي وئي ،ليڪن سومهڻي وقت ٻيهر حلال ٿي وئي ، اهڙي طرح وري اڌ رات جو حرام  ٿي وئي ته  سج  اڀرڻ وقت  وري حلال ٿي وئي؟ ان عورت جو مسئلو ڇا آهي ۽ اها ڪيئن حلال ۽ حرام ٿي وڃي پئي؟

         يحيى بن اڪثم ان سوال جو جواب نه ڏئي نه سگهيو ۽ امام کان درخواست ڪيائين ته توهان پاڻ ان سوال جو جوا ب ڏيو:  امام عليه السلام فرمايو:

     اها عورت ڪنهن ٻئي شخص جي ڪنيز هئي تنهنڪري هن شخص تي حرام هئي، جڏهن ڏينهن ٿيو ته هن ڪنيز کي سندس مالڪ کان خريد ڪيو تنهن ڪري هن تي حلال ٿي وئي،ٻيپهريءَ جي وقت هن ڪنيز کي آزاد ڪيو ته هوءَ ٻيهر سندس مٿان حرام ٿي وئي ، ٽيپهريءَ وقت ساڻس نڪاح ڪيائين تنهن ڪري حلال ٿي ويس، سج لٿي هن پنهنجي گهرواري سان ظهار ڪيو [4] ته حرام ٿي ويس ،سومهڻيءَ وقت هن ظهار جو ڪفارو ڏنو ته حلال ٿي ويس ، اڌ رات جو ان کي طلاق (رجعي) ڏنائين ته حرام ٿي ويس ،صبح جو رجوع ڪيائين ته ٻيهر حلال ٿي ويس .

امام  عليه السلام  جو جواب ٻڌي مامون هڪ دفعو ٻيهر امام عليه السلام جي علم تي حيرت جو اظهار ڪيو ۽ چيائين : ننڍي عمر هرگز هن خاندان جي عقل جي ڪمال اڳيان رڪاوٽ  نه ٿي بڻجي سگهي.[5]

جيڪڏهن امام جي ام الفضل سان شادي 215 هجري ۾ ٿي هجي ته مناظري وقت سندن عمر 20 سال ٿئي ٿي. مٿي گذريل روايتن ۽ هن روايت جي آخر ۾ به آيو آهي ته امام  شاديءَ کان پوءِ ام الفضل کي پاڻ سان گڏ مديني وٺي ويا هئا خبر پوي ٿي  ته اهو مناظر 215 هجريءَ ۾ ئي ٿيو آهي.

اهڙي قسم جو هڪ مناظرو معتصم عباسيءَ جي دور ۾ به ٿيو  ،جيڪو امام عليه السلام جي علمي برتري ثابت ٿيڻ کانپوءِ سندن شهادت تي ختم ٿيو. مشهور شيعه مفسر عياشي ، زرقان کان روايت ڪري ٿو : هڪ ڏينهن منهنجو دوست ابن ابي دائود ، معتصم جي درٻار واپس آيو  جڏهن ته تمام گهڻو ناخوش ۽ امام محمد تقي عليه السلام کان شاڪي  (معترض) هئو. مون جڏهن کائنس ان جو سبب پڇيوته چيائين: معتصم جي دربار ۾ هڪ شخص کي آندو ويو ،جنهن چوريءَ جو اقرار ڪيو هئو ۽ فيصلو ٿي چڪو هئو ته سندس مٿان حد جاري ڪئي وڃي. اتي موجود عالمن ۾ اختلاف ٿي پيو ته سندس هٿ ڪٿان ڪٽيو وڃي ؟ مون چيو: الکرسوع يعني  ڪرائي  کان ،ٻيا به ڪيترائي عالم مون سان موافق هئا ، جڏهن  ته ڪجهه ٻين چيو ته مرفق (ٺونٺ) کان ڪٽيو وڃي، اتي معتصم ، امام محمد تقي عليه السلام کان راءِ پڇي . هن پهريان ته جواب نه پئي ڏيڻ چاهيو ليڪن جڏهن خليفي اصرار ڪيو ته فرمايائون: وَاِنّ المَساجِدَ لله فَلاتَدعو ا مَعَ الله احَداً [6] يعني جيڪا شيءِ خدا لاءِ آهي ان کي ڪٽي نه ٿو سگهجي [7]

ان جواب سان آءُ ايترو ته شرمسار ٿيس جو موت جي خواهش ڪيم ، ڪجهه ڏينهن کانپوءِ معتصم وٽ  ويس ۽ کيس بزرگ فقيهن جي راءِ مٿان هڪ نوجوان جي راءِ کي ترجيح ڏيڻ تي ملامت ڪيم ۽ کيس ان ڪم جي برن اثرن ۽ نتيجن کان آگاهه ڪيم ، معتصم منهنجي ڳالهين جو ايترو ته  سخت اثر ورتو  جو  پنهنجي هڪ منشيءَ کي حڪم ڏنائين ته امام محمد تقي عليه السلام کي پنهنجي گهر دعوت ڏئي کين زهر ڏئي ۽ ان شخص به معتصم جي حڪم مطابق ائين ڪري ڇڏيو.[8]

خليفن جي فضيلت متعلق مناظرو

يحيى بن اڪثم  ڪجهه ٻين ڪچهرين ۾ ــ  جيتوڻيڪ امڪان آهي ته مٿي ذڪر ٿيل ان ساڳي ئي ڪچهريءَ ۾  ـــ امام محمد تقي عليه السلام کان گذريل خليفن بابت سوال ڪيا ، اسان  پهريان ان روايت  کي ذڪر ڪريون ٿا: ”جبرائيل خدا تعالى رسول الله (صلى الله عليه وآله وسلم) کي چيو ؛ ابو بڪر کان سوال ڪر ته ڇا هو مون کان راضي آهي يانه ؟ ڇاڪاڻ ته آءُ ته هن کان راضي آهيان“

امام عليه السلام فرمايو: آءُ ابوبڪر جو مخالف ناهيان ليڪن جيڪو هن روايت کي ذڪر ڪري ٿو ان کي گهرجي ته رسول الله (صلى الله عليه وآله وسلم) کان نقل ٿيل هن روايت ڏانهن به توجه ڪري  ـــ جيڪا سڀني علم حديث جي ماهرن وٽ مڃيل آهي ـــ ته پاڻ حجة الوداع جي موقعي تي فرمايائون: ڪوڙين ۽ جعلي ڳالهين کي مون ڏانهن منسوب ڪرڻ جو رواج وڌي ويو آهي ۽ هن وقت کانپوءِ اڃان وڌندو (قد ڪَثُرتِ الڪَذّابَة عَلَيّ) ،جيڪي ماڻهو ڪوڙيون ڳالهيون مون سان منسوب ڪن ٿا تن جو ٺڪاڻو جهنم آهي . جڏهن به توهان وٽ منهنجي ڪا حديث پهچي ته ان کي الله جي ڪتاب ۽ منهنجي (قطعي) سنت سان ڀيٽايو ،جيڪڏهن انهن سان موافق هجي ته قبول ڪيو  ورنه ان کي ڦٽي ڪري ڇڏيو،

 خدا تعالى قرآن مجيد ۾ فرمايو آهي ته: وَلَقَد خَلَقنَا الاِنسَانَ وَنَعلَمُ مَا تُوَسوِسُ بِهِ نَفسُهُ  وَنَحنُ اَقرَبُ إِلَيهِ مِن حَبلِ الوَرِيدِ [9] (بيشڪ ماڻھوءَ کي پيدا ڪيوسون ۽ سندس نفس کيس جيڪو وسوسو وجھندو آھي سو ڄاڻندا آھيون، ۽ اسين کيس (سندس) ساه جي رڳ کان وڌيڪ ويجھا آھيون)

(هاڻي ٻڌايو ته) ڇا الله تعالى کي  ابوبڪر جي  راضي ۽ ناراض هجڻ  جي خبر نه هئي   جو ان  بابت پڇي پيو؟ (جڏهن ته هو کيس ساهه جي رڳ کان به ويجهو آهي) اها ڳالهه عقل جي لحاظ کان قبول ڪرڻ جوڳي ناهي.

هن روايت مان خبر پئي ٿي ته امام عليه السلام،  جڏهن ان  روايت سان روبرو ٿيا ته پنهنجي خاص هوشياري سان ان کي قرآن سان ڀيٽائي ان جو انڪار ڪن ٿا. اهڙي قسم جي روش امام رضا عليه السلام جي زندگيءَ ۾ به آئي آهي جنهن ۾ امام واضح طور اعلان ڪن ٿا ته هراها روايت جيڪا قرآن جي مخالف هجي قبول نه ڪندس.[10]

ان کانپوءِ  يحيى هن روايت جي باري ۾ امام کان سوال ڪيو ؛” مَثَلُ ابي بڪر و عُمَر فِي الاَرضِ ڪَمَثلِ جبرئيلَ و مِيڪائيل في السّماء “ (يعني ابو بڪر ۽ عمر زمين ۾ ائين آهن جيئن آسمان ۾ جبرائيل ۽ ميڪائيل )

امام وراڻيو  : اها روايت به صحيح ناهي ڇاڪاڻ ته جبرئيل ۽ ميڪائيل هميشه خدا تعالى جي بندگيءَ ۾ رهيا آهن ۽ هڪ لمحي لاءِ به سندس نافرماني نه ڪئي اٿن ،جڏهن ته ابوبڪر ۽ عمر ، اسلام آڻڻ کان اڳ ڪيترائي سال مشرڪ رهيا هئا.

يحيى وري هن حديث جي باري م سوال ڪيو: ” ابوبڪر و عمر سيّدا ڪهول الجنة “  (يعني ابوبڪر ۽ عمر جنت جي پوڙهن جا سردار آهن)

امام ع جواب ڏنو: جنت ۾ جوانن کانسواءِ ڪو نه هوندو جنهن جا اهي ٻئي سردار هجن.

اهڙي طرح يحيى وري هن روايت جي باري ۾  پڇيو :” انّ عمرَ بن الخطاب سراج اهل الجنة “ (يعني عمر جنت وارن لاءِ چمڪندڙ ڏيئو آهي)

امام ع جواب ڏنو: جنت ۾ الله تعالى جا مقرب ملائڪ ، حضرت آدم ،حضرت محمد مصطفى (صلى الله عليه وآله) ۽ سڀئي نبي ۽ رسول حاضر هوندا ڇا انهن جو نور جنت کي روشن رکڻ لاءِ ڪافي نه هوندو جو  ٻئي خليفه جي نور جي محتاجي ٿئي؟

يحيى وري هن حديث جي باري ۾ سوال ڪيو: ”انّ السڪينة تنطق علي لسان عمر“

 امام عليه السلام فرمايو: آءُ عمر جو مخالف ناهيان ليڪن ابوبڪر جيڪو عمر کان افضل هئو  تنهن به منبر تي چڙهي چيو : ” انّ لي شيطانا يعتريني فاذا ملت فسدّدوني” (يعني منهنجي لاءِ هڪ شيطان آهي جيڪو مون تي غلبو ڪري ٿو جڏهن ائين ٿئي ته منهنجي مدد ڪريو)

يحيى پڇيو: هن حديث جي باري ۾ ڇا ٿا چيو ته رسول الله (صلى الله عليه وآله ) فرمايو : لولم اُبعَثُ لَبُعثَ عمر“ يعني جيڪڏهن آءُ موڪليو نه وڃان ها ته عمر موڪليو وڃي ها؟(يعني جيڪڏهن آءُ نبي نه هجان ها ته عمر هجي ها)

امام فرمايو : الله پاڪ جو ڪتاب وڌيڪ سچو آهي جو فرمائي ٿو: وَإِذ أَخَذنَا مِنَ النَّبِيِّينَ مِيثَاقَهُم وَمِنڪَ وَمِن نُّوحٍ “ [11] جڏهن پروردگار سڀني نبين کان عهد ورتو آهي ته سندن رسالت کي صحيح نموني انجام ڏين ته ڪيئن ممڪن آهي ته هڪ شخص عهد جي خلاف ورزي ڪندي ، پنهنجي عمر جا ڪجهه ورهه مشرڪ ٿي گذاري ٿو  خدا  ان کي پنهنجي پيغمبريءَ لاءِ منتخب ڪري؟ جڏهن ته توهان جي اها روايت هن صحيح حديث جي خلاف آهي ته رسول الله رسول الله (صلى الله عليه وآله ) فرمايو :  ” نبّئتُ وآدمُ بين الروح والجَسدِ“ (يعني آءُ ان وقت نبي هئس جڏهن آدم  اڃان روح ۽ جسد جي وچ ۾ هئو ۽ سندس خلقت ڪامل نه ٿي هئي )

يحيى وري سوال ڪيو : رسول الله (صلى الله عليه وآله )  کان روايت ٿي آهي ته فرمايائون: ” ما اُحتُبسَ عني الوحيُ قط الاّ ظننته قد نزل علي الخطاب “ (يعني جڏهن به مون وٽ وحيءَ جي اچڻ جو سلسلو ڪٽجي ويندو هئو ته شڪ ڪندو هئس ته متان عمر بن خطاب جي مٿان لٿي هجي)

امام فرمايو :  الله جي نبين لاءِ جائز ناهي جو هڪ لحظي لاءِ به پنهنجي نبوت ۾ شڪ ۽ ٻڏتر جو شڪار ٿين جڏهن ته ٻئي طرف خود خداتعالى فرمايو آهي : اللَّـهُ يَصطَفِي مِنَ المَلَائِڪَةِ رُسُلًا وَمِنَ النَّاسِ [12]  يعني الله تعالى  پاڻ ملائڪن ۽ ماڻهن مان پيغمبر منتخب ڪندو آهي) ڪهڙي طرح ممڪن آهي ته نبوت، الله جي هڪ منتخب ماڻهوءَ کان اهڙي شخص نه منتقل ٿي وڃي جيڪو ڪيترائي سال مشرڪ رهيو آهي؟

يحيى چيو: رسول الله (صلى الله عليه وآله ) کان روايت ٿي آهي ته ” لو نزّل العذاب لما نجى الاّ عمر “ (يعني جيڪڏهن الله جو عذاب آيو ته عمر کانسواءِ ڪو نجات نه پائيندو)

امام فرمايو: اها روايت ،قرآن جي هن آيت جي خلاف آهي لهذا حجت ناهي جو خدا فرمائي ٿو: وَمَا ڪَانَ اللَّهُ لِيُعَذِّبَهُم وَأَنتَ فِيهِم وَمَا ڪَانَ اللَّهُ مُعَذِّبَهُم وَهُم يَستَغفِرُونَ[13] (الله پاڪ ايستائين سندن مٿان عذاب نه ڪندو جيستائين تون سندن وچ ۾ آهي ۽ خدا ايستائين سندن مٿان عذاب نه ڪندو جيستائين هو  استغفار ڪندا رهن ٿا.)[14]

 



[1] - ريّان بن شبيب جو شمار موثق ۽ قابل اعتماد راوين مان ٿئي ٿو، هو پهريان خراسان ۾ امام رضا ع سان گڏ هئو ليڪن بعد ۾ قم ۾ رهائش اختيار ڪيائين، هن امام رضا کان صباح بن نصر هندي جا پڇيل مسئلا (روايتون) گڏ ڪيو آهي  ڏسو ڪتاب رجال نجاشي ص 165

[2] - اسان امام رضا ع جي زندگي ۾ ڪجهه ڳالهيون ذڪر ڪري چڪاسين جن جي بنياد تي مامون جي اهڙين دعوائن کي قبول نه ٿا ڪري سگهون،جڏهن ته ابن شعبه جي روايتن ۾ پڻ آيو آهي ته امام سان يحيى بن اڪثم جو مناظرو ڪرائڻ ۾، خود مامون جو مقصد به کين علمي ميدان ۾ شڪست ڏيارڻ هئو. تحف العقول ص335

[3] - ذهبي چوي ٿو ته يحيى جو شمار بزرگ فقيهن ۾ ٿئي ٿو جنهن جي وفات 242 هجري ۾ ٿي ، ميزان الاعتدال ج4،ص 361۽ 362

[4] - ظهار گهرواريءَ بابت هڪ خاص قسم جو قسم کڻڻ لاءِ جنهن جو ذڪر قرآن مجيد ۾ به آيو آهي.

[5] - ارشاد، ص 46ـ 51، فصول المهمّه، ص 267ـ 271؛  آخري حصي لاءِ  ڏسو ڪتاب تحف العقول، ص 335

[6] - سوره جن 18

[7] - (يعني جيئن ته هٿ جي تري سجدي ۾ زمين تي هجڻ ضروري آهي تنهنڪري چور جون فقط  هٿن جون آنگريون ڪٽيون وينديون)

[8] - تفسير عياشي، ج 1، ص 319؛ مسند الامام الجواد(ع) ص 181ـ 183

[9] - سوره ق 16

[10] - توحيد، شيخ صوق، ص110؛ اصول ڪافي، ج1، ص 95

[11] - احزاب 7

[12] - حج 75

[13] - انفال 32

[14] - احتجاج، ج2، ص 245 ـ 249