Get Adobe Flash player

محمد بن علي بن موسى الرضا عليه السلام ، اثناعشري شيعن جو نائون امام  آهي،  پاڻ اسلامي امت جي هدايت لاءِ ، الله پاڪ جو منتخب ٻانهن مان آهن. سندن ولادت  15، يا 19 رمضان المبارڪ سن 195 هجريءَ ڌاري مدينه منوره ۾  ٿي،[1] جڏهن ته 220هجري ۽ ذوالحج ميهني ۾ بغداد  شهر ۾شهادت پاتائون. ڪجهه مورّخن سندن ولادت جي تاريخ 10يا 15 رجب 195 هجري ۾ ٿي آهي.[2]

سندن والده جو نالو سبيڪه نوبيه [3]آهي، جڏهن ته هڪ ٻي روايت مطابق سندن نالو خيزران هئو جيڪا حضرت ام المومنين ماريه قطبيه جي خاندان مان هئي[4]، سندن ماءُ جو نالو ريحانه به ذڪر ٿيو آهي،نوبختي لکي ٿو سندن نالو درّه هئو جن کي بعد ۾ خيزران سڏيو ويو آهي. [5]

امام  محمد تقي عليه السلام جو مشهور لقب جواد آهي، جڏهن ته ان کان علاوهه تقي، زڪي، مرتضى، قانع، رضي، مختار، متوڪل، منتخب  وغيره  جهڙا لقب به  سندن  لاءِ شمار ڪيا ويا آهن. سندن ڪنيت ابو جعفر آهي جنهن کي تاريخي روايت ۾ ابو جعفر ثاني به لکيو ويوآهي ته جيئن امام ابوجعفر محمد باقر عليه السلام سان اشتباه  (ڀلَ) نه ٿئي پاڻ 25 سال عمر ڪيائون.، جڏهن ته پاڻ سندن والد جي  203 هجري ءَ ۾ شهادت  کانپوءِ 220 هجريءَ (يعني 17 سال) تائين، شيعن جي امامت جي واڳ سنڀالي .

امام محمد تقي عليه السلام جي امامت

امامت جي موضوع سان متعلق  مکيه عقائدي  مسئلن مان هڪ اهم مسئلو، جنهن بعد ۾ تمام وڏي اهميت به پاتي، هيءُ آهي ته ڇا ڪو شخص بالغ ٿيڻ کان اڳ ئي امام ٿي سگهي ٿو؟  ان مسئلي تي  امام تقي عليه السلام جي امام ٿيڻ  وقت، علمي محفلن ۾  نهايت سنجيدگيءَ سان بحث ۽ گفتگو شروع ٿي،  جڏهن ته  اهو مسئلو 220 هجري ۾ سندن شهادت کان پوءِ   امام علي نقي عليه السلام  جي امام ٿيڻ  ۽ ان کانپوءِ  حضرت امام مهدي (عج) جي زماني ۾ پنهنجي اوج تي  پهتو.

سن 203 هجريءَ ۾ امام رضا عليه السلام جي شهادت کانپوءِ  شيعا تمام گهڻو  حيرت ۽ پريشانيءَ جو شڪارٿي ويا هئا ڇاڪاڻ ته امام جو فقط هڪ فرزند هئو جنهن جي عمر به  9،8  سالن کان وڌيڪ نه هئي.ڪجهه مورخن لکيو آهي ته   ان مسئلي تي شيعه ٻڏتر جو شڪار هئا  ۽ انهن ۾ اختلاف  پيدا ٿيا، اهڙي طرح ٻين شهرن جا شيعا به پريشان هئا [6]، ان ئي سبب جي ڪري انهن مان هڪ گروهه عبدالرحمن بن حجّاج جي گهر ۾ گڏ ٿيا ۽  اتي روئڻ پٽڻ شروع ڪيائون .[7]

اهو  مسئلو شيعن وٽ  تمام وڏي اهميت  رکي پيو ،ڇاڪاڻ ته  شيعن وٽ  معصوم امام جي اطاعت، ايمان جي  مکيه رڪنن مان هئو  ۽ هو پنهنجي ديني ۽ فقهي مسئلن ۾ ان ڏانهن ئي رجوع ڪندا هئا، تنهن ڪري ان مسئلي کي پنهنجي حال تي ڇڏي ڏيڻ ممڪن نه هئو .جيتوڻيڪ شيعن لاءِ اها ڳالهه يقيني هئي ته امام  رضا عليه السلام پنهنجي فرزند امام محمد تقي عليه السلام کي پنهنجو جانشين مقرر ڪيو آهي ليڪن سندن مشڪل امام محمد تقي عليه السلام جي ننڍي عمر هئي ،جيڪا کين مجبور ڪري پئي ته پنهنجي اطمينان لاءِ  وڌيڪ تحقيق ۽ جستجو ڪن.

امام رضا عليه السلام پاران امام محمد تقي   عليه السلام  کي جانشين مقرر ڪرڻ وارين روايتن ۾  پڻ خاص طور  هن مسئلي ڏانهن  اشارا ٿيا آهن.  مثلا :

امام رضا عليه السلام  پنهنجي ننڍڙي فرزند امام محمد تقي عليه السلام  کي پنهنجو  جانشين بڻايو ۽ تمام گهڻو وقت ۽ فرصت هوندي به  پاڻ  سندن جانشينيءِ تي تمام گهڻو تاڪيد ڪيائون،  ايستائين جو ڪجهه صحابين طرفان سندن ننڍڙي عمر تي اعتراض جي جواب ۾ پاڻ حضرت عيسى عليه السلام کي ننڍي عمر ۾ نبوت ملڻ ڏانهن اشارو ڪندي فرمايائون: جڏهن حضرت عيسى عليه السلام  کي نبوت ملي ته  هو منهنجي فرزند کان به ننڍو هئو.[8]

           شڪ ناهي ته امام رضا عليه السلام جي رحلت کانپوءِ پيدا ٿيل شڪ ۽ ٻڏتر واري صورتحال سبب ڪجهه ماڻهو، امام رضا جي ڀاءُ ، عبدالله بن موسى ڏانهن ويا،ليڪن ڇاڪاڻ ته اهي بغير دليل جي ڪنهن جي امامت کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه هئا تنهن ڪري کائنس ڪجهه  مسئلا پڇيائون ۽ جڏهن هو جواب ڏئي نه سگهيو ته کيس ڇڏي ڏنائون، [9] جڏهن ته ڪجهه ٻيا ماڻهو وري ”فرقه واقفيه“سان وڃي مليا ، جيڪي امام موسى ڪاظم عليه السلام جي امامت تي توقف جا قائل هئا.

 نوبختيءَ جي چوڻ مطابق انهن ٻنهي راهن ڏانهن شيعه جي وڃڻ جو سبب اهو هئو جو هو  بلوغ کي امامت  اساسي شرطن مان ڄاڻن پيا.[10]

          مٿين تمام حالات جي باوجود شيعن جي اڪثريت امام  محمد تقي عليه السلام جي امامت کي قبول ڪيو هئو. جيوڻيڪ انهن ۾ ڪجهه اهڙا به هئا، جن امام کي ننڍڙي عمر جو طعنو به ڏنو . ان جي جواب ۾ امام عليه السلام  حضرت سليمان  جي دائود  عليه السلام جي جانشين   ڏانهن اشارو ڪيو ۽ فرمايو :  حضرت دائود ان وقت حضرت سليمان کي پنهنجو جانشين بڻايو، جڏهن هو اڃان ٻار هئو ۽ رڍون چارڻ ويندو هئو ،جڏهن ته بني اسرائيل جي  عالمن ۽ عابدن سندن ان ڪم جي مخالفت ڪئي هئي.[11]

         نوبختيءَ جي چوڻ مطابق جيڪي ماڻهو امامت محمد تقي عليه السلام جي امامت جا قائل هئا، تن جي چوڻ مطابق حضرت يحيى بن ذڪريا جي مسئلي ،حضرت عيسى جي کير پياڪ عمر ۾ نبوت،حضرت يوسف جي قصي ۽ حضرت سليمان جي علم  دليل آهن ته ، الله پاڪ جي حجتن  ۾  علم بغير پڙهڻ ۽ لکڻ جي  وهبي ۽ لدنّي طريقي سان موجود هئو. ڀلي کڻي عمر جي لحاظ کان اڃان سن بلوغ تي به نه پهتا هجن. [12]

شيعا جتي هڪ طرف امامت کي  هڪ الاهي منصب جي نگاهه سان ڏسن پيا تنهنڪري امام جي عمر  سندن عقيدي ۾ خلل نه پئي وجهي ،اتي  ٻي جيڪا شيءِ انهن لاءِ سڀني کان وڌيڪ اهميت رکي پئي، اها ان خدائي چهري (مظهر) جو امامن جي علم ۽ دانش ذريعي  ظاهر ٿيڻ هئو، حقيقت ۾  امام َ  پنهنجي شيعن جي سڀني سوالن  کي جواب ڏيندڙ هئا ،تنهنڪري شيعا  (سندس امامت تي قطعي دليل هجڻ باوجود ) ان قاعدي تي عمل ڪندي سڀني امامن  کان سوال پڇندا هئا ۽ جڏهن هو احساس ڪندا هئا ته امام بهترين نموني جواب ڏنا آهن  تڏهن کيس معصوم امام طور قبول ڪندا هئا .

امام محمد تقي عليه السلام جي ننڍڙي عمر سبب، شيعن وٽ ان  علمي امتحان  وڌيڪ اهميت پاتي ۽ هنن مختلف موقعن تي امام کان اهو امتحان ورتو ۽ ان ۾ ڪاميابيءَ کانپوءِ شيعن جي تمام وڏي اڪثريت  _ سواءِ ٿورڙن ماڻهن جي  _ سندن  امامت  تي اطمينان حاصل ڪري ،ايمان آندو.

مثلا  ان مسئلي بابت نقل ٿيو آهي ته:  هڪ ڪچهريءَ ۾ شيعا گڏ ٿيا ته جيئن امام محمد تقيءَ عليه السلام جي جانشينيءَ واري مسئلي کي حل ڪن ، يونس بن عبدالرحمن  ـــ جيڪو امام رضا عليه السلام جي قابل اعتماد ساٿين مان هئو ـــ چيو: جيستائين هيءُ ٻار وڏو ٿئي تيستائين ڇا ڪيون؟ اتي ريّان بن صلت اٿيو ۽ سندس مٿان اعتراض واريندي چيائين:

تون ظاهر ۾ پاڻ کي امام محمد تقي عليه السلام جو پيروڪار ٿو چورائين، ليڪن  تنهنجي گفتگوءَ مان ظاهر آهي ته تنهن جي دل ۾ سندن امامت بابت شڪ آهي، جيڪڏهن سندس امامت الله تعالى طرفان آهي ته ڀلي امام هڪ ڏينهن جو به هجي تڏهن به اسان لاءِ سردار آهي ليڪن جيڪڏهن سندس امامت خدا طرفان نه هجي ته ڀلي کڻي هزار سال عمر هجيس، تڏهن به عام ماڻهن وانگر آهي.... اتي ماڻهو اٿيا ۽ ريّان کي خاموش ڪرايائون.... نيٺ ڪجهه ڏينهن کانپوءِ حج جي ڏينهن ۾ بغداد ۽ ٻين شهرن مان 80 عالم مديني منوره طرف راهي ٿيا، پهريان عبدالله بن موسى وٽ ويا ليڪن جڏهن وٽ پنهنجي گم ٿيل شيءِ (امامت وارو علم)  نه پاتائون ته کيس ڇڏي نڪري آيا ۽ امام محمد تقي عليه السلام جي خدمت حاضر ٿيا ۽ جڏهن امام  کين سندن سوالن جا جواب ڏنا ۽ انهن امام جي جوابن ۾ امامت ۽ خدائي علم جا نشانَ ڏٺا ته خوش ۽ سرها ٿي ويا.[13]

اهڙي نموني وري ڪجهه ٻين علائقن جا ماڻهو امام وٽ حاضر ٿيا ۽ هڪ ئي ڪچهريءَ ۾ امام کان تمام گهڻا سوال ڪيائون ۽ امام عليه السلام  سندن سڀني سوالن جا جواب ڏنا ،جڏهن ته سندن عمر 10 سال به نه هئي.[14]

جيتوڻيڪ ممڪن آهي ته اهڙي قسم جي روايتن ۾ڪجهه وڌاءَ جو به ٿيو هجي تنهن هوندي به جيڪا شيءَ انهن روايتن مان سمجهه ۾ اچي ٿي هيءَ آهي :

1. سڀني شيعن جو ان ڳالهه تي زور هئو ته امام جي امامت کي سندس علم ۽ دانش ذريعي قبول سڃاڻن

2. امام عليه اسلام ٻاراڻي عمر ۾ هجڻ باوجود ،الله پاڪ جي حجت هجڻ سبب  ، شيعن جي هر قسم  جي علمي ۽ فقهي سوالن جا جواب ڏيڻ  تي پوري طرح قادر هئا.

شيخ مفيد ـــ امام رضا عليه السلام جي شهادت کان پوءِ ڪجهه شيعن پاران امام محمدتقي عليه السلام جي امامت جي انڪار ڪرڻ ۽ احمدبن موسى جي امامت يا واقفيه فرق طرف مائل ٿيڻ کي ذڪر ڪرڻ کانپوء _ تاڪيد  ڪري ٿو ته  شيعن جي اڪثريت،  امام محمد تقي عليه السلام جي امامت جي قائل هئي، ۽ پوءِ سندن امامت جي ثابت هجڻ تي عقلي دليل آڻڻ (ڪمال العقل لايستنڪر لححج الله مع صغر السنّ) سميت قرآن مجيد جي انهن آيت سان استدلال ڪري ٿو جيڪي حضرت عيسى جي باري ۾ آيون آهن .

اهڙي طرح حضرت رسول الله (صلى الله عليه وآله) پاران اسلام قبول ڪرڻ لاءِ حضرت علي عليه السلام کي دعوت ڏيڻ طرف اشارو ڪن ٿا، جڏهن ته  حضرت علي عليه السلام اڃان سن بلوغ تي نه پهتا هئا.  ليڪن سندن هم عمر ٻين ٻارن ۽ مردن کي، رسول الله (صلى الله عليه وآله) اهڙي دعوت نه ڏني.  اهڙي طرح  _ رسول الله (صلى الله عليه وآله) پاران مباهلي ۾ امام حسن ۽ حسين عليهما السلام جي شريڪ ڪرڻ، جڏهن  ته اهي ٻاراڻي عمر ۾ هئا _  به شيخ مفيد جي امام  تقي عليه السلام جي امامت جي صحيح هجڻ جي دليلن مان آهي.[15]

امامت جي موضوع  ۾  اهم ڳالهه ، اڳئين امام  پاران  سندن کان بعد ۾ ايندڙ امام کي واضح نموني بيان ڪرڻ آهي ،جنهن کي شيخ مفيد، امام رضا عليه السلام جي ڪجهه برزگ صحابين ۽ ويجهين ساٿين کان امام محمد تقي عليه السلام بابت نقل ڪيو آهي ۽ ان روايت جي رواين کي هن طرح ذڪر ڪيو اٿائين:

علي بن جعفر بن محمد الصادق (ع)،صفوان بن يحيى، معمّر بن خلّاد، حسين بن بشّار، ابن ابي نصر البزنطي،ابن قياما الواسطي، حسن بن جهم ، ابويحيى الصنعاني،الخيراتي،يحيى بن حبيب بن الزّيات، ۽ ڪجهه ٻيا.[16]

شيخ مفيد مٿي ذڪر ٿيل  راوين  جي ڪجهه روايتن کي پنهنجي ڪتاب ”الارشاد “ ۾ ذڪر ڪيو آهي جڏهن ته استاد عطاري انهن سڀني جي روايتن کي پنهنجي ڪتاب ”مسند الامام الجواد“ ۾ گڏ ڪيو آهي. [17] علامه مجلسي پڻ بحار الانوار جي هڪ  فصل (باب) کي ان پاڪ امام جي امامت بابت آيل روايت سان مختص ڪيو آهي.[18]

انهن سڀني روايت مان چڱيءَ ريت سمجهه ۾ اچي ٿو ته امام رضا عليه السلام ڪيترائي دفعا مختلف مناسبت سان پنهنجي فرزند ارجمند جي امامت بابت ماڻهن کي آگاهه ڪيو آهي ۽ پنهنجي بزرگ صحابين کي به ان سلسلي کان مطلع رکيو آهي.حقيقت ۾ امام رضا عليه السلام جي اڪثر صحابين جي امام محمد تقي عليه السلام جي امامت جي سلسلي ۾  ـــ امام رضا عليه السلام جي واضح گفتار سبب ــــ ثابت قدم رهڻ ، پڻ  امام محمد تقي عليه السلام  جي حقانيت جو بهترين دليل آهي. ڇاڪاڻ ته شيعن جا وڏڙا،فقيه ۽ محدّث ڪنهن به امام جي  امامت جي قبول ڪرڻ ۾ تمام گهڻو توجه ۽ دقت ڪندا هئا ، ايستائين جو  _ جيئن مٿي بيان ٿي چڪو _صريح روايت ۽ فرمانن جي هجڻ باوجود علمي سوال جواب ڪرڻ کان پوءِ سندن امامت کي مڃن پيا.

امام  محمد تقي عليه السلام جي تاريخي زندگي

امام محمد تقي عليه السلام جي زندگيءَ بابت تاريخي معلومات تمام گهٽ آهي ڇاڪاڻ ته هڪ طرف سياسي پابنديون ،هميشه ائمه معصومين عليهم السلام سان مربوط خبرن جي منتشر ٿيڻ ۾ مانع هيون ته جيئن  حڪومت مشينري پنهنجي مخالفن ۽ دشمنن جي مختلف اقدامن کان امان ۾ رهي ته ٻئي طرف امام محمد تقي عليه السلام  جي عمر به ايتري طولاني نه رهي جو  سندن زندگيءَ بابت قابل توجه روايتون  هٿ ڪري سگهجن.

 بهرحال اسان کي خبر آهي ته جڏهن امام رضا عليه السلام کي طوس گهرايو ويو ته ساڻن گڏ ڪو به رشيدار گڏ ڪونه هئو . ان مدت دوران ڇا امام محمد تقي عليه السلام  پنهنجي  والد سان ملاقات ڪرڻ  لاءِ خراسان ويا هئا يا نه؟ فقط ابن فندق تاريخ بيهق ۾ لکيو آهي ته پاڻ 202 هجريءَ ۾ پيءُ جي زيارت لاءِ طوس ويا هئا . ابن فندق لکي ٿو:

” سن 202 هجريءَ ۾، محمد بن علي بن موسى الرضا عليه السلام، جنهن جو لقب تقي هئو ، طبس وڃڻ لاءِ  ”ميسنا دريا “ عبور ڪندي _   ان وقت دامغان وارو رستو  وهندڙ نه هئو  ۽ اهو رستو تازو  رائج ٿيو آهي _  بيهق واري طرف آيا ۽ ششتمد نالي ڳوٺ ۾ ترسيا ۽ اتي ئي  پنهنجي والد علي بن موسى الرضا عليه السلام سان ملاقات ڪيائون ، “[19]

اها روايت ٻين تاريخي ڪتابن ۾ ذڪر نه ٿي آهي، امام رضا عليه السلام جي شهادت وارين روايتن مان سمجهه ۾ اچي ٿو ته امام محمد تقي عليه السلام ان وقت مديني منوره ۾ هئا ۽ فقط پنهنجي والد کي غسل ڏيڻ ۽ نماز پڙهڻ لاءِ طوس ۾ حاضر ٿيا هئا.

مٿي روايت تي غور ڪرڻ سان سمجهه ۾ اچي ٿو ته ابن فندق  اها روايت حاڪم نيشابوري جي ڪتاب ”تاريخ نيشابور“  مان ورتي آهي.

جڏهن مامون 204 هجري  ۾ امام رضا عليه السلام جي شهادت کانپوءِ بغداد ويو ته کيس امام  (رضا عليه السلام)  طرفان اطمينان هئو، ليڪن چڱيءَ طرح آگاهه هئو ته شيعه امام رضا عليه السلام  کانپوءِ سندن فرزند کي امام  ڪندا ۽ ان صورت ۾ خطرو پنهنجي جاءِ تي باقي رهندو ، کيس امام ڪاظم عليه السلام کي زندان ۾  وجهي ڪري ،ڪنٽرو ل ڪرڻ  واري  ، سندس والد جي سياست  چڱيءَ طرح ياد هئي ۽ هن ان  سياست کان الهام وٺندي امام رضا عليه السلام سان به ساڳئي رفتار ڪئي هئي ليڪن اها ظاهرا، عزت ۽ منافقت  جي پردي ۾ ويڙهل هئي  . هن ڪوشش ڪئي ته اها ظاهر ۾  اها رفتار نه فقط زندان  ۽ قيد  ڏسڻ ۾ نه اچي بلڪه ان سان گڏ ماڻهن کي امام رضا  عليه السلام سان  سندس (ڪوڙي) محبت جا نشان به  نظر اچن.

هاڻي امام محمد تقي عليه السلام جو وارو هئو ته حڪومتي مشينريءَ ذريعي ڪنٽرول ڪيو وڃي .۽ اهو هدف حاصل ڪرڻ لاءِ مامون پنهنجي ڌي جي شادي   امام عليه السلام سان ڪرائي ته جئين  هو امام کي پنهنجو داماد بڻائي، بلڪه  اهو بهترين طريقو هئو، جنهن ذريعي مامون نهايت آسانيءَ سان، امام ڪمن تي ڪنٽرول حاصل ڪري  سگهي پيو  ۽  امام سان شيعن جي ميل جول ۽ رابطي کي به ويجهڙائيءَ سان نظر ۾ رکي سگهي پيو. ان ئي بنياد تي ڪجهه روايتن مطابق بغداد پهچڻ کان فورا پوءِ (شايد 204 هجريءَ ۾) امام عليه السلام کي مديني کان بغداد گهرايائين.[20]

(امام کي پنهنجو داماد بڻائڻ جو هڪ سبب اهو به آهي ته ) ماڻهن جي نظر ۾  امام رضا عليه السلام  جي شهادت جو الزام به مامون تي ھئو ،تنهن ڪري مامون مجبور هئو ته امام جي فرزند سان اهڙي رفتار ڪري جنهن سان سندس مٿان اهو الزام به هٽي وڃي.

اھا ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته ڪجهه تاريخي روايتن مطابق مامون امام رضا عليه السلام کي ولي عهديءَ جو  منصب ڏيڻ وقت ئي  هن پنهنجي ڌيءُ ام الفضل جو نڪاح امام محمد تقي عليه السلام سان ڪيو يا سندس نالي ڪري ڇڏي هئي. ابن ڪثير ، مشهور مورخ طبري  جي روايت  مطابق 202 هجريءَ ۾ مامون پنهنجي ڌي امّ حبيب  کي  امام رضا عليه السلام جي نڪاح ۾ ۽ ٻئي ڌي ام الفضل کي امام محمد تقي عليه السلام جي نڪاح ۾ ڏني هئي. [21]  شايد اها روايت پڻ تاريخ بهيق جي روايت جي تائيدآهي ته امام محمد تقي عليه السلام  202 هجريءَ ۾ پنهنجي والد جي زيارت لاءِ طوس آيا آهن.

شيخ مفيد ريّان بن شبيب  کان روايت نقل ڪئي آهي ته :

جڏهن مامون ام الفضل جي شادي امام محمد تقيءَ سان ڪرڻ جو ارادو ڪيو ته عباسي تمام گهڻو  پريشان ٿي  ويا ڇاڪاڻ ته ڊڄن پيا ته مامون کانپوءِ خلافت جي واڳ (عباسين جي هٿن مان نڪري) علوي خاندان جي هٿن ۾ نه اچي وڃي. جئين امام رضا عليه السلام جي باري ۾ اهڙي پريشانيءَ جو شڪار هئا[22]

ليڪن جيئن روايتن مان به سمجهه ۾ اچي ٿو ته انهن پنهنجي مخالفت کي ٻئي طريقي سان ظاهر ڪيو ۽ چيائون ته  ؛ پنهنجي ڌيءُ اهڙي ٻار کي پيو ڏئين جيڪو ” لم يتفقه في دين الله ولا يعرف حلاله من حرامه ولا فرضاً من سنّته “[23] مامون سندن اعتراضن جي جواب لاءِ هڪ علمي  محفل ڪوٺائي ۽ امام محمد تقي  عليه السلام  جو  يحيى بن اڪثم سان مناظرو  ڪرايائين ــــ جيڪو ان زماني ۾ اهل سنت جو سڀني کان وڏو فقيه ۽ دانشور هئو. ـــ  ته جيئن ان مناظري وسيلي مخالفن ۽ اعتراض ڪرڻ وارن کي پنهنجي غلطيءَ جو احساس ڏياري. [24] ۽ اهو سڀ ڪجهه تڏهن ٿيو ،جڏهن انهن ٻن روايتن مطابق امام کي ”صبّي“  يعني ٻار چيو ويو هئو .

ابن طيفور،ابن اثير ۽ ڪجهه ٻين مورخن  کان نقل ٿيل هڪ اعتماد جوڳي روايت ۾ آيو آهي ته:

سن 215 هجريءَ ۾ جڏهن مامون تڪريت ويو ته امام محمد تقي عليه السلام  به مديني کان بغداد پهتا ۽ پوءِ مامون سان ملاقات لاءِ تڪريت ويا ۽ اتي ئي ام الفضل ساڻن اچي ملي ،تنهن کانپوءِ،  امام حج جي موسم تائين  بغداد ۾ دجله جي ڪپر تي واقع احمد بن يوسف جي گهر ۾ رهائش اختيار ڪئي ۽ پوءِ حج ڪرڻ لاءِ مڪي ويا ۽ اتان واپسيءَ تي مديني منوره ۾ رهي پيا.[25]

ان روايت مان سمجهه ۾ اچي ٿو ته امام فقط هڪ دفعي ۽ ان مختصر مدت لاءِ بغداد ۾ رهيا ۽ ان کان علاوهه ٻئي وقت ۾ بغداد نه آيا آهن. ان باري ۾ اربليءَ جي هڪ روايت ۾ آيو آهي ته: جڏهن مامون بغداد آيو ته امام عليه السلام  کي بغداد طلب  ڪيو ۽ اتي ئي هڪ ڏينهن ڏٺائين ته  پاڻ ٻين ٻارن سان گڏ راند کيڏي رهيا آهن ،مامون جو لشڪر ڏسي ٻيا ٻار ڀڄي ويا ليڪن امام عليه السلام نهايت آرام ۽ سڪون سان پنهنجي جاءِ تي بيٺا رهيا جنهن مامون کي تمام  گهڻوحيرت ۾ وڌو ۽ هن کائن سوال ڪيو ته تو  ٻين ٻارن وانگر فرار ڇو نه ڪيو ؟ته امام عليه السلام جواب  ڏنو: ته  آءُ ڪو گناهه نه ڪيو هئو، جنهن جي سزا  کان ڊڄان،رستو به ايترو سوڙهو ناهي جو توهان جو لشڪر گذري نه سگهي. مامون  پڇيو :توهان ڪير آهيو؟ ته امام جواب ڏنو : محمد بن علي بن موسى الرضا آهيان.

ان روايت جي آخر ۾ ڪجهه ٻيون ڳالهيون به ذڪر ٿيون آهن جن جي ڪجهه محققن  تحليل ۽ تجزيو ڪيو آهي ۽  اسان جي استاد علامه سيد جعفر مرتضى ان جي تاڪيد لاءِ زور ڏنو آهي[26] ليڪن ان ۾ ڪجهه اهڙيون شيون آهن جيڪي اشڪال کان خالي ناهن.

  جيڪڏهن اها روايت صحيح هجي ته خبر پوي ٿي ته مامون 204 هجريءَ ۾ بغداد اچڻ کان فوراً پوءِ  بلافاصله يا ڪجهه مدت ، اندر ئي امام کي بغداد گهرايو هئو ليڪن جيڪڏهن ان روايت تان هٿ کڻون ته چوڻو پوندو ته امام 215 هجريءَ ۾ هڪ دفعو بغداد آيا آهن، جڏهن ته  220 هجريءَ  ۾  معتصم عباسيءَ پاران کين بغداد گهرائڻ کان اڳ، مديني ۾ ئي زندگي گذاريائون. ڇاڪاڻ ته ان کان علاوهه اسان وٽ اهڙي ڪا روايت ڪانهي جنهن مان خبر پوي ته امام 215 ۽220 هجري ۾ بغداد سفر ڪيو آهي. جيتوڻيڪ امام جي مديني مان وڃڻ ۽ واپس اچڻ ۽ ماڻهن پاران کين خاص احترام ۽ عزت ڏيڻ بابت مختصر معلومات ڪجهه روايتن ۾ آئي آهي.[27]

معتصم عباسيءَ پاران حڪومت جي پهرئين سال يعني سن 220 هجريءَ ۾ امام کي بغداد گهرائڻ سياسي پهلوئن کان خالي ناهي خاص ڪري ان لحاظ  کان به ته امام عليه السلام ،  ان ئي سال ۽ فقط 25 سالن  جي عمر۾   شهادت  به ٿي آهي.

عباسين جي آل علي عليهم السلام سان دشمني،خاص ڪري شيعن جي امام سان دشمني جنهن جي مستقل حيثيت ۾ پيرويءَ کي  (امت مسلمه جي)هڪ تمام وڏي جمعيت مڃي چڪي هئي.ساڳي طرح امام کي بغداد گهرائڻ ۽ ان ئي سال سندن وفات ،سڀئي، عباسي حڪمران (معتصم) جي ڪارندن هٿان سندن شهادت مٿان قطعي دليل آهن.

مشهور  شيعه عالم دين شيخ مفيد  پڻ امام عليه السلام کي زهر ملڻ ۽ سندن شهادت بابت آيل هڪ روايت ڏانهن اشارو ڪندي سندن (طبعي)وفات کي مشڪوڪ سمجهيو آهي.[28] متعدد ڪتابن مان ذڪر ٿيل مٿين روايتن کان علاوهه حالات ۽ واقعات  ۽  ڪجهه قرينا پڻ ان ڳالهه تي واضح دليل آهن.[29] مستوفيءَ جي روايت مطابق شيعن جو عقيدو اهو آهي ته معتصم امام عليه السلام کي زهر ڏنو آهي.[30]  اهل سنت جي ڪجهه ڪتابن ۾ آيو آهي ته امام پنهنجي مرضيءَ ۽ ارادي سان معتصم سان ملڻ لاءِ بغداد ويا هئا،[31]جڏهن ته ڪجهه ٻين ڪتابن ۾ آيو آهي ته معتصم ابن الزّيات کي حڪم ڏنو  ته ڪنهن کي امام عليه السلام  کي  بغداد وٺي اچڻ لاءِ مديني روانو ڪري[32]. ابن صبّاغ پڻ ”اشخاص المعتصم له من المدينة“[33] جي لفظن ذريعي ان ڳالهه تي تاڪيد ڪئي آهي.

مسعوديءَ جي روايت مطابق امام عليه السلام جي شهادت  (سندن گهرواريءَ) ام الفضل ذريعي  ان وقت  ٿي ،جڏهن امام عليه السلام معتصم لاءِ ملاقات، مديني  کان بغداد آيا هئا[34]... ان بي شرمانه قدم جي بدلي ۾ ام الفضل کي خليفي جي حرم ۾ جڳهه ملي. [35] اها ڳالهه  ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته امام سان ام الفضل جي ازدواجي زندگي ٻن جهتن کان ناڪام ٿي چڪي هئي

1. امام کي ان مان ڪو اولاد نه هئو

2. امام جو به ان ڏانهن خاص توجهه نه هئو ۽ سندن اولاد ٻين گهروارين مان ٿيو هئو.

ام الفضل هڪ دفعو پنهنجي پيءُ مامون کي شڪايت به ڪئي هئي ته امام کي چند ڪنيزون آهن (جنهن ڪري هو مون ڏانهن توجه نه ٿو ڪري) مامون ان جي جواب ۾ لکيو ته مون تنهنجو نڪاح ، ابوجعفر سان ان لاءِ نه ڪيو هئو ته ان تي حلال شين کي حرام ڪيان ،تنهنڪري  ٻيهر اهڙيون شڪايتون نه ڪجان. [36] بهرحال ام الفضل پيءُ جي مرڻ کانپوءِ امام عليه السلام کي بغداد ۾ زهر ڏنو ، جڏهن ته امام عليه السلام جي شهادت کانپوءِ سندس معتصم جي حرم  ۾ شامل ٿيڻ، ان ڳالهه جي نشاني آهي ته  هن اهو ڪم  معتصم جي حڪم تي ڪيو هئو. ليڪن نجاشيءَ جي روايت مطابق امام عليه السلام کي معتصم جي حڪم تي  سندس هڪ منشيءَ زهر ڏنو.[37]

ان ڳالهه جو هڪ ٻيو دليل هيءُ آهي ته امام محمد تقي عليه السلام 215 ع ۾ بغداد سفر ڪرڻ وقت پنهنجو جانشين مقرر نه ڪيو هئو، ليڪن 220  هجريءَ ۾ معتصم جي حڪم تي بغداد سفر حڪم ڪرڻ وقت پنهنجو جانشين مقرر ڪري ويا هئا ،جيڪو ان ڳالهه جو دليل هئو ته امام عليه السلام آگاهه هئا ته هن سفر ۾ واپسي نصيب  ۾ ناهي.

 



[1] - روضة الواعظين ص 208

[2] - ڏسو ڪتاب ڪشف الغمه ج2 ص 243 ۽ مسند الامام الجواد، ص 11ـ 15

[3] - ”نوبه“ مصر جي ڏکڻ ۾ موجود وسيع سرزمين کي چيو ويندو هئو جتان جا ماڻهو نصراني آهن ، هڪ روايت ۾ رسول الله (ص) هن علائقي جي ماڻهن جي تعريف ڪئي آهي، ڏسو ڪتاب: معجم البلدان، ج5، ص 309

[4] - اصول ڪافي، ج 1، ص492؛ التهذيب، ج6، ص 90.

[5] -. فرق الشيعة ، ص 91

[6] - دلائل الامامه، ص 204

[7] -عيون المعجزات، ص 119

[8] - روضة‌ الواعظين، ص 203

[9] - ڏسو ڪتاب مناقب، ابن شهر آشوب، ج2، ص 429؛ مسند الامام الجواد(ع)، ص 29ـ 30۽  ص 222

[10] - فرق الشيعة ، ص 88؛ المقالات و الفرق، ص 95.

[11] - اصول ڪافي، ج 1، ص 383

[12] - فرق الشيعة، ص 90؛ المقالات و الفرق، ص 94ـ 95

[13] - بحار الانوار، ج 50، ص 99، 100، اثبات الوصية، ص 213.

[14] - اصول ڪافي، ج1، ص 314.

[15] - الفصول المختارة، ص 256ـ 257

[16] - .ارشاد، ص 317؛ اعلام الورىٰ، ص 330.

[17] - مسند الامام الجواد(ع)، ص 250ـ 333

[18] - بحارالانوار، ج 50، ص 18ـ 36.

[19] - تاريخ بيهق، ص 46

[20] -الحياة السياسه للامام الجواد(ع) ص 65 (هيءَ روايت ڪجهه ماڻهن نقل ڪئي اهي ،جيتوڻيڪ مشهور ۽ گهڻو نقل ٿيندڙ روايت طبري ۽ ٻين جي روايت آهي جنهن کي اڳتي هلي ذڪر ڪنداسين، جنهن مطابق امام ع 215 ۾ بغداد آيا آهن)

[21] -تاريخ طبرى ، ج 7، ص 149؛ البداية النهاية ، ج 10، ص 260

[22] - ارشاد، ص 319.

[23] -  ترجمو: جنهن کي  نه دين جي ڄاڻ آهي، نه سندس حلال ۽ حرام ، واجب ۽ سنت جي سڃاڻ.

[24] - ساڳيو، ص 319،320

[25] - . تاريخ طبري، ج7، ص 190، سن  215 هجريءَ جا واقعات؛ تاريخ بغداد، ج؟، ص 142ـ 143؛ تاريخ موصل ، ص 215؛ الڪامل، ج6، ص 417؛ مسند الامام الجواد، ص 55، الحياة السياسيه للامام الجواد(ع)، ص 79.

[26] - لحياة‌ السياسيه للامام الجواد(ع) ص 68 ـ 75

[27] - اصول ڪافي، ج1، ص 492 ـ 493

[28] - ارشاد، ص 326

[29] -  فصول المهمّه، مالكي، ص 276

[30] - تاريخ گزيده، ص 205 ـ 206.

[31] - الائمة الاثنى عشر، ابن طولون، ص 103، شذرات الذهب، ج2، ص 48

[32] - بحارالانوار، ج 50، ص 8

[33] - فصول المهمّه، ص 275

[34] - مروج الذهب، ج3، ص 464

[35] - الائمة الاثنى عشر، ص 104؛ فصول المهمّه، ص 276

[36] - ارشاد، ص 323؛ بحارالانوار، ج 50، ص 79ـ 80

[37] -  اصول ڪافي، ج1، ص 323